ڪاري ڊاک

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڪاري ڊاکهي انگريزي ميوو آهي، مگر هماليه ۾ به گهڻو ٿيندو آهي. هن کي خشڪ انگور به چوندا آهن. هن جا ٻه قسم آهن: هڪڙي ڪاري ٻي ڳاڙهي. هي اڪثر سرد ملڪن کانسواءِ ٻئي هنڌ ڪين ٿيندي آهي. هن کي ڀاڻ گهڻو گهربو آهي. ڪاري ڊاک ٻج مان به ٿيندي آهي، مگر قلم انگلينڊ کان آسانيءَ سان آڻي سگهجن ٿا. اپريل ۽ آگسٽ جي وچ ۾ هن جون چڪيون رکجن ۽ ايندڙ مارچ ۾ ميوي جي اميد تي ڇانگ ڪرڻ گهرجي. ڪاريءَ ڊاک کي انگريزيءَ ۾ ڪَرَنٽ چوندا آهن.[1]

طب[سنواريو]

ڪاري ڊاک: نالا: ع. زبيب اسود، ف. انگور سياه، هه. وغير___ ڪالي انگور، احداق البقر ۽ مويز منقي. سڃاڻپ: سڪل نرم ڪاري رنگ جا داڻا ڊاک جو قسم جو آهي. خاصيت: سودا ۽ گهاٽي بلغم لاءِ جلاب ۽ منضج آهي، تپن، کنگهه، پاسي جي سور، آنڊن جي ڦٽ، خفقان، ويسر، مثاني جي پٿري ۽ سلسلبول لاءِ مفيد آهي. سيني جي رطوبت ۽ بلغم کي تحليل ڪري ٿي. بدن کي ٿلهو ڪري ٿي. قوت باهه کي وڌائي ٿي. هن جو اندريون ٻج قابض آهي. اهو ٻج دستن کي بند ڪرڻ لاءِ فائديمند آهي.[2]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو
  2. ڪتاب فرھنگ جعفري :؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ايڊيشن: 2007؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو