کھنبو (لباس)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

کهنبو :


کهنبي جو سنڌ ۾ عام رواج آهي. شاديءَ مراديءَ’کهنبو‘، سوڻن ۾ ضرور ڪم ايندو آهي. نئين ڪنوار کي ته هرڀرو به کهنبو مٿي تي هوندو. شهر جون زالون هاڻي البت کهنبي کان ٽهن ۽ ڇرڪن  ٿيون، پر  ٻهراڙيءَ ۾ ڏاڍو رواج آهي. شاديءَ لاءِ ته ڪي زالون هاسيڪار پنهنجي نموني تي کهنبا  رڱائينديون آهن. کهنبن رڱڻ  وارا کهنباٽي به  سنڌ جا شاهه ڪاريگر هوندا آهن. جيئن چئون تيئن رڱي ڏين. ٻَڌَ به اهڙي رکي ويندا  جو واه واه ٿي ويندي. هونءَ ته کهنبا رڄواڙن ڏي به رڱبا آهن، پر سنڌ جي کهنبن جو ڏيک ئي الڳ. ڇا رڱ جي بيهڪ ڇا ٻڌ جي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. {ڪتاب: سنڌ جي مدنيت؛ از:سيد منظور نقوي ؛ ٻيون ايڊيشن 1978، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book22/Book_page2.html.  Missing or empty |title= (مدد)}