مواد ڏانھن هلو

کھاوڙ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

کُھاوڙ: ھيءُ سرائي آھن ۽ ڪلھوڙن جا مريد ھئا. انھن مان گھڻا انھن جا امير ۽ لشڪر جا سپھ سالار ھئا، جيئن محمد حسن کھاوڙ، جو ميان عبدالنبيءَ جي وقت ۾ سندس پاران مير فتح علي خان سان وڙھيو. کھاوڙ لاڙڪاڻي ضلعي ۾ گھڻا آھن ۽ منجھانئن گھڻا وڏا زميندار آھن.[1]. کهاوڙ سرائڪي ٻولي ڳالهائين ٿا، پر ڪي اهڙيون ذاتيون ٻڌائي ٿو، جن جو سرائڪي ٻوليءَ سان پري جو به واسطو نه آهي. جهڙوڪ: چَن، ديدڙ، ٻُوڪ، بُوهڙ، ڌُوڻ، مَسڻ، ٽڳڙ ۽ وگهامل وغيره. ڪتاب ’شاداب شهدادڪوٽ‘ ۾ کهاوڙن کي ڪوهه آور يعني جبل کان آيل ڪري ڄاڻايو ويو آهي. جيئن شروعات ۾ قلندر بخش کهاوڙ پڻ ’ڪوه آور‘ ٻڌايو آهي. پر محقق ميان دين محمد ڪلهوڙو، کهاوڙ لفظ جي باري ۾ هيئن ٻڌائي ٿو ته: ”منهنجي تحقيق مطابق ’کهاوڙ‘ جو بنياد ’کوهه‘ آهي. ’کهاوڙ‘ اصل ڪلهوڙا خاندان جي مشهور شاخ ’کوهارو‘ جي هم زاد ذات آهي. ’کهاوڙ‘ معنيٰ ’کوهه تان آيل‘ ۽ ’کوهارو‘ معنيٰ ’کوهه وارو‘. جيڪي ماڻهو کوهه تي رهيا، اهي ’کوهارا‘ سڏيا ۽ جيڪي ’کوهه‘ کي الوداع ڪري آيا، اهي ’کهاوڙ‘ سڏيا. کهاوڙ سِري ۾ ڪلهوڙن سان گڏ رهڻ ڪري ’سِرائي‘ سڏيا. هم ذات ۾ اها خوبي فطري آهي جو ڏکئي وقت ۾ ماڻهو پنهنجن تي ساهه ڇڏيندا آهن. کهاوڙ به آخر تائين ڪلهوڙن جا مريد ۽ طرفدار بڻيا رهيا ۽ هالاڻيءَ جي جنگ ۾ (1783ع) ۾ ڪلهوڙن جي پاران ٽالپر لشڪر سان نهايت دليري ۽ بهادريءَ سان وڙهيا.“ (قنبر شهداد ڪوٽ ضلعو تاريخ جي وهڪري ۾، ص 81). سڀ تاريخون اِن ڳالهه تي متفق آهن ته کهاوڙ، ڪلهوڙن جا خاص مريد ۽ معتقد، جرنيل ۽ سپهه سالار ۽ طرفدار آخر تائين رهيا. مَرندي مَري ويا، پر پنهنجي وعدي تان نه هَٽيا. اهڙيءَ ريت ڪلهوڙن تان ساهه صدقي ڪيائون. ميان دين محمد ڪلهوڙي ’کهاوڙ‘ جي جيڪا معنيٰ ڏني آهي، ڪي قدر ان سان متفق ٿي سگهجي ٿو. ڪنهن به محقق ۽ مؤرخ اهڙي مستند راءِ ڪا نه ڏني آهي ته کهاوڙ ’ڪوهه آور‘ مان ڦِري کهاوڙ ٿيا آهن. ٽالپرن جي عهد حڪومت ۾ کهاوڙن تي ظلم جا وڏا پهاڙ ڪيرايا ويا، انهن کي طرحين طرحين جون تڪليفون ۽ صعوبتون برداشت ڪرڻيون پيون. تنهن هوندي به هُو پنهنجي پَير تي ثابت ۽ اَٽل رهيا.[2]

حوالا

[سنواريو]
  1. قديم سنڌ -ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو. مصنف: مرزا قليچ بيگ. ايڊيشن: چوٿون 1999ع. ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو
  2. {ڊاڪٽر علي اڪبر اسير قريشي جو مضمون "گاجي کھاوڙ: تحقيق ۽ تعارف" ، مھراڻ رسالو سال 2018, شمارو ،1 ۽ 2، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو}