کٽنبڙو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

کٽُنبڙا:

هن کي هندستانيءَ ۾ پٽوا يا ميستا ۽ انگريزيءَ ۾ روزيل يا انڊين ساريل سڏيندا آهن. هن جو خود ميوو کائڻ ۾ نه ايندو آهي، پر ميوي جي ٻاهران ويڙهيل ٿلها پن ڪم ۾ ايندا آهن. انهن مان جيلي، پُڊنگ ۽ ٻيا کاڌي جا قسم ٺهندا آهن. سواد ۾ جهڙي ڪاري ڊاک. هن جا ٻه قسم آهن: هڪڙا اڇا ۽ ٻيا ڳاڙها. ڳاڙها البت وڌيڪ کٽا ٿيندا آهن. هن جو ٻج مئي مهيني جي پڇاڙيءَ ڌاري يا ڪٿي ته جولاءِ ۽ آگسٽ ۾ پوکڻ ۾ ايندو آهي. پوکڻ کانپوءِ سلن جون چڪيون ڪڍي، هڪٻئي کان چئن فوٽن جي وڇوٽيءَ تي رکندا آهن. وڻ به قد ۾ ٽن چئن فوٽن جيڏو ٿو ٿئي ۽ وڏا سهڻا ۽ پيلا گل جهلي ٿو ، جن ۾ ڪاري قرمزي اک رهندي آهي. بنگال ۾ نومبر ۽ ڊسمبر مهينن ۾، مگر اتر وارن پرڳڻن ۾ انهيءَ کان اڳڀرو، ميوو لاهيندا آهن. سياري ۾ وڻ سڙي ويندا آهن. ٻئي سال وري نوان پوکبا آهن.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو