کٽراڳ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

کٽراڳ:

اسان جو ملڪ راڳن ۾ به پوئتي پيل ناهي. بلڪ پراڻا پراڻا محاورا ٻڌائين ٿا ته اڳي هن ملڪ جا ماڻهو راڳداريءَ مان چڱي طرح سان واقف هوندا هئا.مئالا ۾ چوندا ته ”ڪهڙي اچي کٽراڳ ۾ پيو آهين “جنهن جو مطلب ٿيو ته ڪهڙي جهنجهٽ ۾ اچي پيو آهين- پر اتي کٽراڳ جو لفظ استعمال ٿيل آهي ، اهو کٽ راڳ دراصل هڪ راڳ آهي، جنهن ۾ سڀ سُر لڳن ٿا. ’شد، ’ڪومل،۽’تيور، سڀ سُر لڳن ٿا، پر اهو راڳ بذات خود سکي ڳائڻ هڪ وڏو جهنجهٽ آهي. ان ڪري کٽ- راڳ ، جهنجهٽ جي معنيٰ ۾ استعمال ٿيڻ لڳو.ظاهر آهي ته جڏهن هن ملڪ جا ماڻهو کٽ- راڳ جي جهنجهٽ کان واقف هئا تڏهن ته محاورو وضع ڪيائون..[1]

حوالا[سنواريو]

  1. {ڪتاب: سنڌ جي مدنيت؛ از:سيد منظور نقوي ؛ ٻيون ايڊيشن 1978، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book22/Book_page11.html.  Missing or empty |title= (مدد)}