مواد ڏانھن هلو

کٽ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
پاسيري پيل کٽ جو ڏيک

کٽ (اردو: چارپائی، انگريزي: Charpai)،[1] جنھن کي کٽولي، منجو، اٺ سلو بہ چون ٿا، ڏکڻ ايشيا جي ملڪن ۾ استعمال ٿيندڙ پلنگ جو ھڪ قسم آھي. اردو ۾ ھن کي چارپائی چوندا آھن، جنھن جو مطلب چئن پيرن وارو پلنگ. کٽ جون مختلف شڪلون، پاڪستان، افغانستان، اتر ۽ وچولي ڀارت، بيھار ۽ ميانمار ۾ استعمال ٿينديون آھن.[2]

کٽ جي چئن پاون ۾ اٺ سوراخ نڪرندا آھن، ان لاءِ ان کي اٺ سلو يعني اٺ سوراخن وارو پڻ چيو ويندو آھي، انھن سوراخن ۾ ايس ۽ اوپريون پونديون آھن.[3] کٽ جا پاوا، ايسون، اوپريون آسرِي لئو، لوهيڙي، ٻير،[4] کٻڙ، سميت ڪيترن ئي ڪاٺين مان ٺھن ٿيون،[5] ان کان سواءِ موجودہ دور ۾ کٽ لوھ مان پڻ ٺھن ٿا.

کٽ کي جنھن رسي سان وڻبو آھي، ان کي واڻ چيو ويندو آھي، واڻ سر ٻوٽي جي مٿين کل کي ڪُٽي ٺاھبو آھي، جنھن کي مڃ چيو ويندو آھي.[6] ان کان سواءِ بَهِڻَ جي ڪاٺ مان ٺھيل کٽ جي پاون تي لاکَ جي مدد سان جنڊيءَ جو ڪم پڻ ڪيو ويندو آھي.[7]

حوالا

[سنواريو]