کٻڙ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

کٻڙ يا ڄارئي جدا جدا وڻ آهن، پر ڏسڻ ۾ هڪ جهڙا نظر اچن ٿا. کٻڙ کي انگريزي ۾ ٽوٿ برش ٽري (Toothbrush tree) چئجي ٿو. کٻڙ جي وڻ جو نباتاتي نالو سلواڊورا پرسيڪا (Salvadora persica) آهي.[1]ٿري عام طرح کٻڙيون به چون ته ڄاريون به چون، پر حقيقت ڪري انهن ۾ ٿورو تفاوت آهي. ڄاريون اهي آهن جن جا پيرون مٺا ٿين، ۽ کٻڙيون اهي آهن جن جا پيرون کارا ٿين. مهراڻي جي پاسي ڪلراٺي زمين ۽ ٿر ۾ لوڻ جي سَنن جي ڀرسان کاري زمين ۾ به کٻڙ ٿين[2].کٻڙن ۾ پيرون ٿيندا آهن، پر ماڻهو ڪونه کائين، ڇو جو اهي کارا ٿيندا آهن. انهن ۾ مَڪ ٿيندي آهي جا اُٺ جام کائيندا آهن. مٺين ڄارين ۾ اونهاري جو پيرون جام ٿيندا آهن.[2]. ڪي پيرون ڳاڙها ۽ ڪي پيلا ٿين، جي ماڻهو آڻي پاڻ به کائين ۽ شهرن ۾ وڪڻندا به آهن ۽ ڪجهه سُڪائي رکندا آهن، جن کي ”ڪوڪڙ“ چون. ڪوڪڙ پاڻ به لائين ۽ مال کي به کارائين.[2].کٻڙ جي ڪاٺي مضبوط ۽ چيڙهي ٿيندي آهي. اُن کي اُڏوهي ۽ سُرو ڪونه کائي، جنهنڪري عمارتن جي ڏَانوَ جي آهي. ماڻهو کُڏن ۾ شهتير ۽ داسا، چؤنرن ۾ مَلَ، آٺريا ۽ کونٽا،، ڇَنن ۾ ٿوڻيون ۽ آڏوريون ڪري ڪم آڻين. گهڻي بار ڪري مُڙي پوندي، پر اَڏُ ٻٽَ ٽٽي ٻه اڌ نه ٿيندي آهي. غريب ماڻهو کٻڙ جي ڪاٺيءَ مان مَنجَن (کٽولن) جا پاوا، ايسُون، اُپرا ۽ پينگها ٺاهين ٿا جن جا پَلاڻ، چؤنرن ۽ کُڏن جا در دريون، گَهڙا منجيون، کڳوهن جو ڪوهڙيون ۽ ڀوڻ وغيره جا ٺهن. برساتي موسم ۾ ٽارين مان سنهيون ڊگهيون ڪامون نڪرنديون آهن، جن مان تتر پالڻ لاءِ پڃرا ٺاهبا آهن.

اُٺن کي هڪ بيماري ٿيندي آهي جنهن کي ”پانءِ“ يا ”کاڄي“ چون. ان لاءِ کٻڙ جون سڪل ڪاٺيون ساڙي، ان جي رک گڏ ڪري، دلي ۾ پاڻي سان گڏي، باهه تي ڪوسي ڪن، جنهن کي ”پاههَ“ چون. پوءِ کٻڙ جي آلي ڪاٺي ڏيڍ فوٽ کن هٿ ڪري، ان جي هڪ ڇيڙي کي ڪُٽي، برش وانگر ٺاهي، ان سان اها پاهه اُٺ جي بدن تي لڳائيندا ويندا آهن. اُن کي چون اُٺ ’نُورِيو‘ آهي. سڪڻ بعد تيل مکي ڇڏين، ته اها بيماري ختم ٿي ويندي آهي.[2]

ڄارين ۾ ڪي ننڍيون ته ڪي وڏن درختن جيڏيون هونديون آهن. ڄار کي ٿر ۾ ڄارڪو ورلي چوندا آهن. ان جي عيوض کيس مٺو کٻڙ چوندا آهن. اسين سنڌ ۾ جنهن کي کٻڙ چوندا آهيون. ان کي ٿر ۾ کارو کٻڙ سڏين. اهو کارو کٻڙ ٿر ۾ تمام ٿورو آهي نه ته جيڪر اٺن ويچارن جو قوت جام ٿي پوي. کارو کٻڙ ڪلر جي پيدائش آهي ۽ ٿر جي زمين مٺي وارياسي آهي، جنهن ڪري کٻڙ اتي ڪو نه اُڀري. کٻڙ صرف سنن جي ويجهو جتي کاري ڪلراٺي زمين هوندي آهي اتي ڏسڻ ۾ ايندو آهي. ڄار جو وڻ تحقيق ٿر جي ماڻهن لاءِ هڪ بهترين ميويدار وڻ آهي، جنهن ۾ پيرون جام ٿين ٿا. پيرن جي موسم ۾ ڄاريون خوب پيرن سان ڀرجي وڃن ٿيون ۽ ننڍو وڏو ٿري ماڻهو عام جام پيرن مان خوب کائي ڍوءَ ڪري ٿو. پيرون مٺا ۽ کائڻ لائق فقط ڄار جا ٿيندا آهن. کٻڙ جا پيرون کارا هوندا آهن، جي ماڻهو نه کائيندا آهن.[3]ڄاريون ٿر ۾ جام آهن. اهي ننڍين ننڍين ڀٽن، دڙن ۽ وارياسي نرم زمين ۾ جام اُڀرن، پر ٿُڙ ڪري مٿي ڪونه بيهن ۽ زمين سان لاڳو چوڌاري ڪجهه دائري ۾ سوڙهيون پکڙيل هونديون آهن. انهن جو ٿُڙ ظاهر چِٽو نه هوندو آهي. ٽاريون وغيره زمين سان لڳيون پيون هونديون آهن ۽ مٿان به پاڻ ۾ ڳُتيون پيون هونديون آهن. جن کي ”ٻُٿون“ چون. هنن جا پَن ڊگهيرا مائيدار ٿين، جي ورائڻ سان ٻَڙڪي ڀڄي پوندا آهن. اهي پَن اُٺ ۽ ٻڪريون جام کائينديون آهن[2].

ڏهرن ۽ سخت زمين ۾ ڄاريون ٿين، جن کي ست – اٺ فوٽ هيٺيان ٿُڙ ٿئي ۽ مٿان ٽاريون ڪڍي وڻ وانگر ٿين جن کي ’هيڪل گوڍيون‘ چون. اهي ڪنٺي ۾ جام ٿين. خاص ڪري گوڙهيار، اوٺا، لُوڻيو، مِٺاتڙ، ڪاڪهيو، کُڏي ۽ حيات هاليپوٽي طرف جام ٿين.[2].

طب[سنواريو]

نالا: ع. اراڪ، ف. درخت مسواڪ، هه. وغيره___ پيلو، چوج ۽ شينتا. اثر: گرم خشڪ 2، نقصان: آنڊن ۾ خارش پيدا ڪري، ميل: ڪتيلو، عيوض: صندل ۽ ڪيوڙو، وزن: ڇهه ماسا. سڃاڻپ: هي مشهور وڻ آهي، هن جا پن معدي ۽ جگر کي تقويت ڏين ٿا، دستن کي بند ڪن ٿا، رحم جي سوڄ ۽ سور، بادفرنگ جي ڦٽن، بدن جي خارش، جذام، مثاني جي ڦٽ، پرميل، پيشاب جي ساڙي لاءِ مفيد آهي. پٿري رائي کي پيشاب جي رستي ٻاهر ڪڍي ٿو، ان جي پاڙ جو ڏندڻ ڪبو ته ڏند ۽ مهارون مضبوط ٿيندا، وات جي بدبوءِ ۽ بلغم کي وڃائيندا، ان جا ڇوڏا ڪاڙهي پياربا، ته جلندر ۽ صفرا جي خلط کي دستن جي رستي ٻاهر ڪڍندو.[4]،

حوالا[سنواريو]

  1. زرعي صفحو، کيتي سر سيتي، ڪالم؛ سنڌ جا ديسي وڻ؛ کٻڙ ۽ ڄار، ليکڪ؛ سراج الدين مجيداڻو، روزآني عبرت، سومر، 09 آڪٽوبر، 2017ع
  2. 2.0 2.1 2.2 2.3 2.4 2.5 ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ ريگستان (ڀاڱو ٻيون) -مصنف؛ رائچند هريجن -ايڊيشن؛ ٽيون- سال؛ 2005ع -ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; name "رائچند هريجن" defined multiple times with different content
  3. ڪتاب:سير ريگستان؛ ليکڪ: محمد اسماعيل عرساڻي؛ايڊيشن: ۱۹۷۶؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو
  4. ڪتاب فرھنگ جعفري :؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ايڊيشن: ۲۰۰۷؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو