کوائي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

کوائِي:(انگريزي: Khuwaee ) هي گاهه سخت زمين ۾ ٿئي ۽ گهاٽو اُڀرندو آهي. هن جي پاڙ مان تيليون نڪرنديون آهن جي ٻه اڍائي فوٽ ٿين. هرهڪ تيليءَ جي ڇيڙي ۾ نرم ٻُر ٻُر وارو ننڍو سنگ ٿيندو آهي. سائو هجي تڏهين ڍڳيون ۽ ٻڪريون کائين، سڪڻ بعد رنگ پيلو ٿي ويندو آهي. ٿري ماڻهو کِوائي گڏ ڪري رکندا آهن، جنهن مان ٻُهاريون ٺاهيندا آهن. مگر اُن جي تيلي برينڇ جهڙي مضبوط نه آهي، پر نرم هوندي آهي، ان ڪري ٻهاري ٿورو وقت جٽاءُ ڪندي آهي[1].


حوالا[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ ريگستان (ڀاڱو ٻيون) -مصنف؛ رائچند هريجن -ايڊيشن؛ ٽيون- سال؛ 2005ع -ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو