کنھي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان


کنهي:

لاڙائي ماڻهن لاءِ ته کُنِهي هڪ عجيب کاڄ آهي. هونءَ ته وٽن ڳاڙهن چانورن جي ماني ۽ کٽي جي وٽي جي هونگ لڳي پئي هوندي آهي، پر شادي مراديءَ کان سواءِ جي کڻي زالن سڌ ڪئي ته بس پوءِ ته زالون ور کنجي بيهنديون. ڇا ڪنديون جو ٻاجهريءَ جي داڻن کي ڇڙهي ڇنڊي، پاڻي جو ٽيهو ڏينديون، وري ڇڙهينديون ڇنڊينديون. ائين هو پاڻيءَ جو ٽيهو ڏينديون ڇڙهينديون ڇنڊينديون وينديون، تان جو ٻاجهري صاف ٿي اڇي ٿي پوندي. پوءِ ڇا ڪنديون جو ديڳڙو چاڙهي بصر ۽ گيهه سان داغ ڪري ان ۾ ڳچ جهڙي مڱن جي دال وجهي، پوءِ اها صفا ٿيل ٻاجهري، اُن ۾ وجهي، ٿورو پاڻي وجهي، ڀت وانگر رڌي دم ڏئي کڻي لاهي رکنديون. ڪي زالون وري کنهيءَ کي پلاءَ وانگر رڌين. ڇا ڪن جو پلاءُ جي گوشت وانگر گوشت تيار ڪري، سو به کڻي گڏائينديون ته ويتر مزيدار ٿيو پوي. انهي کنهيءَ جو داغ ۾ ٿورا ڪٽيل ڳاڙها مرچ به گڏينديون آهن. زالون کنهي گهڻو تڻو ڪري سياري ۾ رڌينديون آهن،يا تڏهن رڌينديون آهن، جڏهن چانور کائي کائي ڪڪ ٿينديون آهن ۽ وات جي ساءَ مٽائڻ لاءِ کنهي رڌينديون آهن[1]

حوالا[سنواريو]

  1. {ڪتاب: سنڌ جي مدنيت؛ از:سيد منظور نقوي ؛ ٻيون ايڊيشن 1978، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو [http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book22/Book_page 4.html http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book22/Book_page 4.html] Check |url= value (مدد).  line feed character in |url= at position 67 (مدد); Missing or empty |title= (مدد)}