مواد ڏانھن هلو

کدڙا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

کدڙا: ھي فقير سڏبا آھن ۽ ھنن جو فرقو جدا آھي. مڙس آھن، جي مرداني طاقت نه رکڻ ڪري کدڙا سڏبا آھن ۽ زنانو ويس ڪري ڏاڙھي مڇون ڪوڙائي ڳائيندا وڄائيندا آھن ۽ اڪثر تاڙيون وڄائيندا آھن ۽ خيرات وٺندا آھن. گھڻا پاڻ ۾ گڏ رھندا آھن. منجھن ھڪڙو وڏو رھندو آھي ۽ ٻيا انھيءَ جي حڪم ۾ رھندا آھن. جتي ڪو کدڙو يا بي طاقت جو ڇوڪر يا مڙس ٻڌندا آھن، اتي ويندا آھن ۽ وڃي ڪوشش ڪري انھيءَ کي ھٿ ڪري پاڻ سان گڏيندا آھن. جتي رھندا آھن، انھيءَ ھنڌ کي مڙھي سڏيندا آھن. ھندو کدڙا بڪراسر ديوي يا ديول ديويءَ جي پوڄا ڪندا آھن ۽ انھيءَ جي مورت رکي انھيءَ تي سيرو يا حلوو قربانيءَ جي بدران نذرانو ڏيندا آھن. ميرن جي ڏينھن ۾ حيدرآباد منجھ ڪي مشھور کدڙا ٿي گذريا، جي تمام دولتمند ھئا. انھن جا نالا فضل ۽ گل جان ھئا. ناظر به کدڙن وانگي آھن، جي اڪثر شيدي يا حبشي ھوندا ھئا ۽ جن جا خُصيا يا آنورا وڍائي ڪٽ ڪري، پوءِ انھن کي ٻانھا ڪري وڪڻندا ھئا ۽ اُھي حرمسرائن ۾ ايندا ويندا ھئا. مير صاحبن وٽ گھڻا حبشي ناظر ھئا.[1]

حوالا

[سنواريو]
  1. قديم سنڌ -ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو. مصنف: مرزا قليچ بيگ. ايڊيشن: چوٿون 1999ع. ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو