کبڙ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
کبڙ جو وڻ

کبڙ يا ڄار (Salvadora oleoides) سنڌ ۾ ٿيندڙ هڪ عام وڻ آهي. هيءُ وڻ سنڌ جي سامونڊي علائقن، بدين، ٺٽي کان سواءِ ميرپورخاص، ٿرپارڪر، ڪاڇي ۽ ٻين علائقن ۾ بہ ٿئي ٿو. ڄار پاڪستان جي ٻين ڀاڱن: ديري غازي خان، ديري اسماعيل خان، بهاول پور، تونسا ۽ لسٻيلي ۾ بہ وڏي مقدار ۾ ٿئي ٿي. هيءُ وڻ هندستان، آفريڪا ۽ ٻين ڪيترن ئي ملڪن ۾ بہ ٿيندو آهي. هند ۾ هن کي جهاڪ ۽ جل بہ چوندا آهن. ڄار ٿر جو اهم ۽ هميشه سائو رهندڙ وڻ آهي. ڄار جا پيرونءَ ٿر جي ماڻهن لاءِ ڄڻ تہ انگور هجن جيڪي هو شوق سان کائيندا آهن. جنهن سال ڄارين ۾ پيرون تمام گهڻا ٿين تہ اهو انهي سال گهڻي برسات وسڻ جو اهڃاڻ آهي. ڄار جي جنهن پاسي پيرونءَ گهڻا ٿين انهي پاسي برسات بہ گهڻي وسندي، وري ڪڏهن ڪڏهن ڄاريون هڪ علائقي ۾ پيرون گهڻا ڪن تہ ٻئي علائقي جون ڄاريون پيرونءَ گهٽ ڪن. جنھن علائقي ۾ پيرونءَ وڌيڪ ٿين اتي برسات بہ وڌيڪ پوي ٿي ۽ جنھن علائقي ۾ پيرونءَ گهٽ ٿين، اتي برسات بہ گهٽ پوڻ جا اهڃاڻ آهن. لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ بابت جديد سائنس جي ماهرن جو چوڻ آهي تہ ڄار جو وڻ گهميل ۽ خشڪ علائقن ۾ ٿيندو آهي. هن وڻ جا پن علائقائي ۽ موسمي لحاظ کان ڪجھ ڌار ڌار قسم بہ آهن. ٿر ۾ ڄار جو قسم ريگستاني آهي. ڄار جو وڻ موسمي اثرن کي برداشت ڪندڙ وڻ آهي. انهي ڪري ٿر جھڙي ريگستان ۾ بہ هي سدائين سائو رهندو آهي. ڄار جو وڻ ، زمين ، هوا ، گهم وغيره مان کاڌ خوراڪ حاصل ڪندو رهندو آهي. ٿر ۾ ڄار جو وڻ اپريل کان مئي مھيني تائين پيرونءَ جهليندو آهي. مارچ کان ڄارين ۾ ٻور جنھن کي مڪ سڏيو ويندو آهي ٿيڻ شروع ٿيندي آهي . مارچ کان ٿر ۾ ڏکڻ جي هوا لڳڻ شروع ٿيندي آهي، جنھن ۾ آبي بخارن جو مقدار وڌيڪ هوندو آهي. ٿر جي ڄار جيئن تہ ريگستاني وڻ اهي، انهي ڪري ريگستاني ٻين ٻوٽن جيان هي پڻ پاڻي جي ضرورت هوا جي گهم مان پوري ڪندي آهي. انهي ڪري ڄار جي جنھن پاسي مارچ جون هوائون وڌيڪ لڳنديون انهي پاسي هو وڌيڪ ٻور جهليندو آهي، نتيجي ۾ انهي پاسي پيرون پڻ وڌيڪ ٿيندا آهن. جنهن سال مارچ کان ئي هوا ۾ گهم جو مقدار وڌڻ شروع ٿيندو آهي انهي سال اها وڌندڙ گهم اڳتي هلي مينهن جو مانڊاڻ ٺاهڻ ۾ مدد ڪندي آهي. برساتون بہ انهي سال وڌيڪ وسنديون آهن پر جنھن سال مارچ اپريل ۾ هوا ۾ گهم گهٽ مقدار ۾ هوندي انهي سال مينھن پڻ گهٽ وسڻ جو امڪان پيدا ٿي ويندو آهي. انهي سال گهم گهٽ ملڻ ڪري گهربل پاڻي جي ضرورت جي پورائي نہ هئڻ ڪري ۽ تيز هوائن لڳڻ ڪري ڄارين جو ٻور وڌيڪ ڇڻندو آهي ۽ انهي سال پيرونءَ پڻ گهٽ پيدا ٿيندا آهن.ڄار جي انهي مشاهدي ۽ مطالعي مان ٿر جي لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ جي سچائي جي پڻ تصديق ٿئي ٿي . انهي ڪري جديد سائنس پڻ ، موسمي سببن جي روشني ۾ هن اهڃاڻ جي صحيح هئڻ جي تصديق ڪري ٿو. روز جهولو لڳي روز پيرونء پچن، شال ماروء اچن. مئي ۽ جون مهينا ٿر توڻي سنڌ جي بئراجي ايريا ۾ موجود ڄارين يا کٻڙن يا کٻڙين ۾ پيرون ٿيندا آهن. گهڻا ماڻهو انکي پيلهون بہ چون ٿا. ٿر ۾ جتي سندن پيدائش توڻي واهپو گهڻو آهي اتي ڪَچن پيرن کي مَاڇڪ ۽ پڪن کي پيرون چوندا آهن. ٿر ۾ صبح ٿيڻ سان ئي عورتون ۽ ٻار، ٽٻڪ ٽٻڪڙا ، ديڳڙيون ۽ ٽڀا کڻي پيرونءَ جي ڄارين تي چڙهي پيرون چونڊين ٿا. پيرون ٿر جا ڄڻ تہ انگور آهن. ٿري تازا پٽيل پيرون ترت کائن بہ ۽ بچيل سڪائين بہ. پيروئن کي ڪپڙو وڇائي ان تي سڪائڻ لاءِاس ۾ رکي ڇڏيندا آهن انهن کي وقت به وقت ڪاٺي سان پيا اٿلائيندا آهن پر هٿ ڪو نه لڳائيندا آهن، ڇو جو هٿ لڳائڻ سان پيرون خراب ٿي ويندا آهن. پوري نموني سڪڻ کانپوءِ انهن کي ڪپڙي جي ڳوٿرين يا ڪنهن ٺڪر جي ٿانو ۾ رکيو ڇڏين. ڏڪار وقت اهي پيرون بہ سندن خوراڪ جو اهم وسيلو آهن. انهن سڪايل پيروئن کي ڪوڪڙ بہ چوندا آهن. پيرون بيمارين ۾ بہ علاج طور ڪم اچي ٿو. جيري جي گرمي ۔ سائي ۽ ڪن رڳ جو شافي علاج آھي. مارئي کي عمر سومري جي محل ۾ قيد دوران پيرن جي تانگھ هوندي جنهن کي شاعرن ڳايو بہ آهي جيئن ... جتي روز پيرون پٽن تي پچن ٿا اتان منهنجا مارو ميارون مڪن ٿا. ڄار کي اسان جي سنڌي شاعرن پڻ پنھنجي شاعري ۾ پوئي ان جي اھميت کي اجاڳر ڪيو آھي. اياز ساھڙ ھن نظم ۾ ڄار بابت بھترين منظرنگاري پيش ڪئي آھي. نظم :- پيرون شاعر :- اياز ساھڙ

وڏي هيءَ ڄار ساڏوهي،

مَنجهس پيرون پَڪا پيلا،

چڙھان ٿي اڄ مَٿي لِيلا،

ڪري چونڊو چَروڙي ۾،

وڃي ڏينديس مِٺي وَر کي،

ٿڪي جيڪو مزوري ۾،

مٺو گهر رات جو ايندو،

ڦُٽيءَ پرڀات جو ويندو!

پُراڻي ڄار پاٿارو،

وڍي هن مان وڏو ٽارو،

ڏني هُئين اوٽ آڏي ڪا،

وٺي برسات زوراور،

جُهڪو ٿيو جهوپڙو منهنجو،

اُنهيءَ ويلي وڌم ڀاڪر،

ٺڪاءَ ھُن گوڙ جي سان گڏ،

بدن منهنجو ڀِنو سارو،

تڏھوڪو هُو سَڄو منظر،

اکين آڏو تري اڄ پيو،

اندر منهنجو ٺَري اڄ پيو!

سڱر جو ساڳ ۽ پيرون،

ڏيئي جنهن تي زبر زيرون،

ويهي هِن ڄار ۾ هر هر،

تَڪيم راهون جي تارن ۾،

اڃان تائين سڄڻ تَنهن جون،

نه وسرن ٿيون اُھي ديرون،

ڪُنوارپ جو تڏھوڪو هي،

وري اڄ ياد ماضي پيو،

ڪَرائي ياد تازي پيو!!

شرجيل شر جو ھي بيت من موھي ٿو

لڏ کبڙ جي لام

پڪا پيرون جام

فائدا[سنواريو]

ڄار مان انيڪ فائدا آهن. ڄار جون ٽاريون پٽي ماڻهو ڏندڻ طور ڪم آڻيندا آهن. هن وڻ جي ميوي کي ’پيرُون‘ چوندا آهن، جڏهن ته ڄار جا پَنَ ٻاڪرو مال ۽ اُٺ شوق سان کائيندا آهن. ڄار جو وڻ ڪاربانڊاءِ آڪسائيڊ جو وڏو حصو جذب ڪري، آڪسيجن خارج ڪندو آهي. ڄار جو هڪ وڻ روزانو 60 کان 80 گيلن پاڻي زمين مان فضا ۾ موڪلي، ماحول کي صاف ۽ خوشگوار بنائيندو آهي. ٿر توڻي بر ۾ بنا ڪنھن برسات جي به ڄارين ۾ لڳل پيرو پچي راس ٿيڻ بعد پٽن تي ڇڻن پيا ۽ مارو ماڻهو قدرت جي انهي سوغات جو پاڻ بہ سواد وٺن ٿا تہ گڏوگڏ اهي ميڙي 60 کان 80 روپئي ڪلو جي حساب سان ننگر پارڪر، مٺي، ڇاڇرو، اسلام ڪوٽ، ڏانو ۽ کوکروپار جي بازارين ۾ وڪرو ڪري پنهنجون ننڍيون ضرورتون بہ پوريون ڪن پيا. هن موسم کي پيرون چونڊي جي موسم بہ چئجي ٿو. ٿري عورتون، ٻار، جوان، ٻڍا ٽولن جي صورت ۾ صبح سوير اسر ويل جهنگ ۾ وڃي ڄار جي وڻن تي چڙهي پيرون چونڊي لاهين ٿا ۽ پوء يا تہ هول سيل ۾ دڪاندارن کي ڏين يا ڇٻن ۾ پيرون وجهي گهر گهر گهٽي گهٽي هوڪو ڏيئي پيرون کپائين ۽ ان مان اٽو ۽ راشن پاڻي وٺن. ٿري پيروئن جو ڳڙ بہ ٺاهين ٿا. ڪندا ڇا آهن جو پيرن کي ماٽي ۾ وجهي پوءِ جهيرڻي يا منڌيءَ سان ولوڙي پاڻي ڪري پوءِ انکي ڇاڻي ٻج ڌار ڪري، باقي رس کي ڪاڙهي خشڪ ٿيڻ کان پوءِ ڪڍي ٿانوَ ۾ رکيو ڇڏين ٿا. ضرورت وقت پيروئن جي ان ڳُڙ کي چمچي سان ڪڍي کائيندا آهن. پيرون بيمارين ۾ بہ علاج طور ڪم اچي ٿو. جيري جي گرمي ۔ سائي ۽ ڪن رڳ جو شافي علاج آھي.

ڪيميات[سنواريو]

هيءُ وڻ ڪلراٺِي زمين مان لوڻياٺ ختم ڪرڻ ۾ به ڪردار ادا ڪري ٿو. ڄار ۾ ڪنهن به قسم جو ڪنڊو نه ٿيندو آهي. هيءُ وڻ خوبصورت ۽ گهاٽو ٿيندو آهي. ڄار جي وڻ ۾ اڇا، واڱڻائي ۽ ڳاڙهي رنگ جا پيرون ٿيندا آهن، جن ۾ تمام گهڻو ميٺاڄ ٿيندو آهي. حڪيمن چواڻي: ڄار جي وڻ ۾ 15 کان 35 سيڪڙو معدنيات شامل هوندي آهي. ڄار جي پنن، گؤنچن، ڇوڏن ۽ پاڙن مان ڪيترين بيمارين جا نسخا ٺاهيا وڃن ٿا. خاص ڪري نمونيا ۽ جسم جي مختلف هنڌن تي سُور جي حالت ۾ ڄار جا پن گرم ڪري، ٽاڪور ڪبي آهي ته سُور گهٽجي ويندو آهي. ٻهراڙيءَ جا ماڻهو ڄار جي سنهين ٽارين ۽ پاڙ کي ڏندڻ طور ڪم آڻيندا آهن. حڪيمن چواڻي ڄار جو ڏندڻ وات ۽ مهارن جي بيمارين لاءِ مفيد آهي. سائنسي تحقيق موجب ڄار جي ڏندڻ سان ڏند مضبوط ۽ چمڪدار ٿين ٿا. اهو ئي سبب آهي، جو اڄڪلهه ڄار مان ٽُـوٿ پيـسـٽ به ٺـاهي وڃـي ٿي. ڄـار جـي ٻـج مان صابڻ تيار ڪيو وڃي ٿو.

ماحول دوست[سنواريو]

ڄار جو وڻ سامونڊي کاري پاڻيءَ کي اڳتي وڌڻ کان روڪي ٿو. خشڪساليءَ ۽ لوڻياٺ کي برداشت ڪري ٿو. ڄار جو وڻ اڄڪلهه سامونڊي علائقي مان تيزيءَ سان ختم ٿي رهيو آهي. لاڙ جا ماڻهو بُک ۽ بدحاليءَ سببب ڄار جا وڻَ وڍي پيٽ گذر ڪن ٿا. ڄار جي ختم ٿيڻ سان ماحول تي وڏو اثر پئجي رهيو آهي ۽ سمنڊ جو کارو پاڻي تيزيءَ سان اڳتي وڌي رهيو آهي.

[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد چوٿون، ڇپيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي (ISBN: 978-969-9098-80-2) سال: 2012

کبڙ مضمون مشڪور ڦلڪارو

کبڙ مضمون شمس الدين زئنور

https://m.facebook.com/groups/1896424147306334?view=permalink&id=2360377107577700