ڦيس

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڦيس (عربي: اصل، فارسي: سحور، هندستاني وغيره: پيس، ڪسرني ۽ ڪولان) هي کجيءَ جي پنن جهڙا نرم ۽ ڊگها پن ٿيندا آهن، اڪثر تؤنرين ۽ تڏن ۽ ٻهارن ٺاهڻ ۾ ڪم ايندا آهن.

طب[سنواريو]

اثر: سرد خشڪ 2، نقصان: مٿي جو سور، ميل: پواڙي، عيوض: پن، وزن: ڇهن ماسن کان ٻن تولن تائين.

هن کي پاڻيءَ ۾ ڀڄائي پيارجي تہ پيشاب جاري ڪري، پرميل، مثاني جي ڦٽ، رحم جي رطوبت، ماليخوليا، جلندر، سلهه جي رت ۽ ڦٽ، وات مان رت اچڻ ۽ دستن بند ڪرڻ لاءِ مفيد آهي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: فرھنگ جعفري؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ ايڊيشن: 2007ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، حيدرآباد، سنڌ.