مواد ڏانھن هلو

ڦوڳ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڦوڳ (انگريزي: Fogg) ، ٿر جي ڀٽن ۾ عام ٻوٽو آهي، سندس ٿڙ جي ڪاٺي ڳاڙهيري ناسي ٿئي ٿي، جنهن مان اڪثر جوڌپوري ناس جهڙو پائوڊر نڪري، جو هرهڪ ٿڙ جي پاڙ وٽ ڪٺو ٿل نظر ايندو آهي. مٿڀرو سندس ٽارڙيون سفيديءَ ڏي مائل هونديون آهن. جڏهن سندن پن ڇڻي ويندا آهن تڏهن هر هڪ ڦوڳه ائين نظر ايندو آهي ڄڻڪ ڪو ايامن جو سڪل ٻوٽو آهي، جنهن جي دوباره سرسبز ٿيڻ جي اميد ئي رکن عبث نظر ايندي آهي. سياري پوري ٿيڻ شرط فيبروري مهيني ۾ انهن مرده ڦوڳن ۾ ساهه پوڻ شروع ٿي ويندو آهي. واهوندا وريا ته بس يڪ لخت انهن ڦوڳن ۾ سنهڙا سنهڙا گؤنچ نڪرڻ شروع ٿيندا ۽ ماڪن ۾ ڪوهيڙن جي آبياريءَ تي اها ته سبزي ۽ ساوڪ لڳيو وڃي ،وري ڦوڳن ۾ جي ڦلڙيون پيدا ٿين ٿيون تن جي رونق ۽ خوشبوءِ ته ڀٽن کي باغ ارم جو شان بخشيو ڇڏي. ڦوڳ جا گونچ عام پنن جي شڪل جا نه آهن مگر صرف ڌاڳن وانگر آهن، نه مٿس ڪنڊو ٿئي ته ڪهاڙيءَ جي ضرورت پوي. مزو ته وري هيءُ آهي جو ڦوڳ جون آليون ڪاٺيون به ائين ٻرن جيئن ٻين وڻن جون سڪيون ڪاٺيون. ڪاٺي سندس ٽاڪنئي ٿئي ٿي ان ڪري آسانيءَ سان هٿن سان ئي ڀڄي پوي ۽ ڪنهن ڪهاڙيءَ جي محتاجي ڪانه ٿئي. ڦوڳ جا پن کٽا ٿيندا آهن تنهنڪري جانور گهڻو ڪين کائين. ٻئي گاهه نه ملڻ جي حالت ۾ اٺ ويچارو بک ۾ خوب کائيس باقي ٻيو چوپايو مال گهڻو ڪين وچڙيس. رڍ ۽ ٻڪري اڃا چار چڪ هڻي باقي ڳائو مال کيس پسند ڪين ڪري. ٿر جا ماڻهو ٻين جهنگلي اناجن سان ڦوڳ جو انَّ به ڪم آڻيندا آهن. نه فقط ايترو مگر ڦوڳ جون ڪچڙيون ڦلڙيون ڀاڄيءَ طور به چاهه چس سان کائين. ٿر جا ننڍڙا ٻار ته ڦوڳ جي ڪچي ڦوڳي کائڻ مان ڍاپندا ئي ڪين آهن. جڏهن ڦوڳ سڪي وڃن تڏهن ان جا پن پڻ سڪي ڳاڙها ٿي اچي هيٺ ڪِرن ۽ انهن سڪلن پنن جا ڍير لڳي وڃن، اهي سڪل پن وري ٿر جا هاري ماڻهو ميڙي ڀاڻ ڪري وارياسي زمين ۾ وجهي پوک لاءِ ڪم آڻين. ڦوڳ جو ٻوٽو ٿر ۽ ڪنٺي ۾ تمام گهڻو آهي. [1]هيءُ وڻ ننڍن ننڍن دڙن ۽ مٿاڇري واري ڪنئري زمين ۽ ڊاڳن ۾ گهڻو اُڀري. وڏين ڀٽن تي ۽ ڏهرن جي سخت زمين تي ڪونه ٿئي. هي وڻ سڄي ٿر ۾ جام ٿئي. فقط پارڪر ۽ ڇاڇري تعلقي جي ڏکڻ اوڀر طرف ڪنٺي جي ڪجهه ڀاڱي ۾، جتي زمين سنئين ۽ ڏاڍي آهي، اتي اصل ڪونه ٿئي. هي يڪي ٿڙ سان ڪونه اُڀرندو آهي، پر ساڳئي هنڌ گهڻن هنڌان ڦٽندو آهي، جي ٿڙ پوءِ گڏيا پيا هوندا آهن. نرم زمين ۾ ڦوڳ جام ٿيندو آهي. اُن جو ٿڙ ڳاڙهسرو ناسي رنگ جو ٿئي، جنهن مان ٽاريون نڪرن، جي اڇي رنگ جون پر ڳاڙهاڻ تي مائل هونديون آهن. ٽاريون ۽ ٿڙ ڏنگا ڦڏا هوندا آهن. هن ۾ پن ڪونه ٿين، پر ٽارين مان سنها گهاٽا تاندورا نڪرندا آهن، انهن کي ”لاسَئون“ چوندا آهن. هيءُ وڻ بعضي سياري جو گهڻي سيءَ سبب لوساٽجي ويندو آهي ۽ لاسئون سُڪي ڇڻي وينديون آهن ۽ ٽارين جا ڍنگهر وڃي بچندا آهن. ان وقت ڏسڻ ۾ ائين ايندو آهي جو ڄڻ ته سُڪو بيٺو آهي، مگر سياري لٿي بهار جي شروعات ۾ جڏهين واهوندا ورندا آهن، تڏهين منجهس گونچ اڀرڻ شروع ٿيندا آهن، ۽ وري لاسئون ڪڍي بلڪل سائو ۽ گهاٽو ٿي ويندو آهي. ان ۾ ٻور لڳندو آهي جو ڦُلِڙين جهڙو ڏسڻ ۾ ايندو آهي، جنهن کي سنڌيءَ ۾ ڦُلِي چون. ڪَنڊا ڪرڙ ڪانڊير، ڦوڳن ڦُلِي.[2]. ٿري ماڻهو ان کي ”ڦوگيسي“ چون. اها کَٽِ مٺي ٿيندي آهي، جنهنڪري ننڍا ٻار خوشيءَ سان کائيندا آهن، مارو ماڻهو ڀاڄي به ڪندا آهن. ٿر جا ويشنو ماڻهو جهڻ (لَسِي) ۾ ڦوگيسي، جيرو ۽ رائي وجهندا آهن ته کٽي ۽ ذائقيدار ٿيو پوي، ان کي ”رائتو“ چون، جو چانورن ۽ مانيءَ سان چاهه سان کائيندا آهن. لسيءَ ۾ ٻاجهري جو ٿورو اٽو ۽ ڦوگيسي ملائي ڀاڄي تيار ڪبي آهي، جنهن کي ”راٻڙيو“ يا ”کاٽيو“ چون، جيڪو ڏاڍو مزيدار ٿيندو آهي. ٿر جي ماروُ ماڻهن جي دلپسند ڀاڄي اها آهي. ماڻهو ڦوگيسي سُڪائي رکندا آهن جا پوءِ به راٻڙئي رڌڻ ۾ ڪم آڻين. هي گويا انب چور ۽ گدامڙي جو ڪم ڏئي ٿي[2]. اُٺ ۽ ٻڪريون ڦوڳ جام کائينديون آهن. انهن ۾ ڪو خاص ڦل مال جي کائڻ کان سواءِ ٻيو ڪونه ٿئي. پڇڻ بعد ڦلڙيون ڦٽيون پون ۽ اندران سنها تاندورا نڪريو اچن، جي داڻن جي چوڌاري پکڙيو بيهن، جن کي ”ڪُتا“ چون. پوءِ پن ۽ ڪُتا ڇڻندا وڃن، تان جو ڦوڳن جي ڀرسان انهن جا ڍڳ ٿيو وڃن، ڏڪار وقت ڍڳيون، گابا، رڍون، ٻڪريون وغيره اهو سُڪل ٻُهر به کايو وڃن.[2]. ڦوڳ جي ڪاٺي ٿلهي ڪانه ٿئي، ڏنگي ڦڏي ۽ ورن وڪڙن واري هئڻ ڪري عمارتي ڏانو جي ڪانهي، پر ڪچين لانڍين، ڇَنن ۽ لوڙهن لاءِ ڪم اچي. ڦوڳ جا آلا ڍنگهر وڍي، سَٿِي لڳائي، مٿان ڪنهن ٿلهي ڪاٺ جو بار وجهي ڏَپَ ڏيو ڇڏين. هفتي کن بعد اهي ڍنگهر ڪڍي گهرن جي چوڌاري چَري (کاهي) کڻي، ان ۾ گهاٽا اُڀا کوڙي لوڙهو تيار ڪبو آهي. ڪي وري چونرن ۽ ڇَنن ۾ کُنٽا (ڪايا) ڪري ڪم آڻين. ٿر ۾ ڦوڳ جام آهن، مٿن ڪنڊا وغيره ڪونه ٿين. اُن جي ڪاٺي ٽاڪُنئي ۽ ٻَڙڪِڻي آهي، جنهنڪري هروڀرو ڪهاڙيءَ جو به کَپ گهٽ ٿيندو آهي. هٿ سان ورائبي ته ڀڄي پوندي. ڦوڳ جي آلي ڪاٺي به سُڪل ڪاٺين سان گڏ ٻريو پوي، تڏهين ته چوندا آهن ته ”سُڪلن گڏ آلا به ٻريو وڃن.“ ڳوٺن جي ڀرسان ڦوڳ جام سُڪا پيا هوندا آهن، يا آلن ۾ به ڪيترا ڏار سُڪا پيا هوند آهن، جي ننڍا ٻار ۽ ڪي ڪي زالون وڃي ڀريون ڪري کڻي اينديون آهن ۽ چُلهه جي ڪم آڻين. مزدور ماڻهو روزانو ڦوڳ جي ڪاٺي ڏاڍي ڪم ٿي اچي. ٿر ۾ لوهار جتي به هوندا آهن ته ڦوڳ جون آليون ڪاٺيون آڻي ساڙي ان مان اڱر (ڪوئلو) ٺاهي، ڌَنوڻ جي باهه لاءِ ڪم آڻيندا آهن.[2].

ھن وڻ جو عربي نالو اسلنج، فارسي ۾ ثمنل ۽ ھندي ۾ فوگ ۽ ٻين مقامي ٻولين ۾ پهوگهي ۽ پهوبي آهي. طب ۾ ان جو اثر گرم خشڪ آھي. هي ننڍو ٻوٽو جبل ۽ وارياسي زمين تي پيدا ٿيندو آهي. هن جون ٽاريون ڊگهيون ۽ ڳنڍدار ٿينديون آهن.ان جي طبي خاصيت گهاٽي رت کي صفا ڪرڻ آهي هن جو ڪاڙهو وائي باديءَ کي تحليل ڪري ٿو. سوري ۽ باه کي فائدو ڪري ٿو. ضماد هن جو سوڄ ۽ سور کي لاهي ٿو.[3]،

حوالا

[سنواريو]
  1. ڪتاب:سير ريگستان؛ ليکڪ: محمد اسماعيل عرساڻي؛ايڊيشن: 1976؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو
  2. 2.0 2.1 2.2 2.3 ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ ريگستان (ڀاڱو ٻيون) -مصنف؛ رائچند هريجن -ايڊيشن؛ ٽيون- سال؛ 2005ع -ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو
  3. ڪتاب فرھنگ جعفري :؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ايڊيشن: 2007؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو