ڦر ڦر سونٽو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڦِر ڦِر سونٽو: هڪ گول ٺاهي ان جي ٿوري ٿوري وڇوٽيءَ تي سڀ اهڙيءَ طرح ويهندا جيئن سڀني جا منهن اندرئين پاسي ٿين. پوءِ ٽوال يا انگوڇو گول وِهي، گوٽِي ٺاهي هڪ ڇوڪر اها کڻي لڪائي، انهن جي ٺيان ڊوڙندو ويندو ۽ اٽڪل سان ڪنهن جي پٺيان آهستي رکي ڇڏيندو، جيئن هن کي خبر نه پوي. جي خبر پئجي ويئي ته اهو اٿي کڻي وري پاڻ ٻئي جيپٺيان رکندو ۽ جي ڪنهن کي خبر نه پيئي ته رکندڙ چوڌاري ڦري وري اچي گوٽي کڻي هن جي پٺن تي هڻندو ته هو اٿي گول جي چوڌاري ڀڄندو ۽ وري اچي ساڳئي هنڌ ويندو. ان بعد هو گوٽي وري ٻئي ڪنهن جي پٺيان رکندو. اهڙيءَ طرح راند پيئي هلندي[1].

حوالا[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ ريگستان (ڀاڱو ٻيون) -مصنف؛ رائچند هريجن -ايڊيشن؛ ٽيون- سال؛ 2005ع -ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو