ڦرڻو گهرڻو (رياضي)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڪنهن شيءِ کي جيڪا دائم (Constant) نہ هجي يعني تبديل ٿي سگهندي هجي ان کي ڦرڻو گهرڻو (Variable) چيو ويندو آهي۔ تڪنيڪي لحاظ کان ڪنهن اهڙي علامت (symbolic representation) کي ڦرڻو گهرڻو چئبو آهي جيڪو ڪنهن شيءَ جي مقدار کي ظاهر ڪندي هجي۔ هي ڪا نامعلوم مقدار ٿي سگهي ٿي جنهن ۾ تبديلي اچي سگهندي هجي۔ ڦرڻو گهرڻو هڪ اهڙي شيءِ ٿي سگهي ٿي جيڪا شخصن جي لحاظ سان، وقت جي لحاظ سان يا جڳھ جي لحاظ سان تبديل ٿي سگهندي هجي۔ ڦرڻن گهرڻن کي عموماً رومن الف ب جي ننڍن اکرن سان ظاهر ڪيو ويندو آهي جيئن x يا y يا z۔