ڏھر (ٿر)
ڏيک
ڏھر (ٿر جو علائقو)(انگريزي: Dahar ) ٿر آهي وارياسو ملڪ، جتي واريءَ جون ڀٽون به آهن ته ڪٿي ڪٿي ڀٽن جي وچ ۾ سنئين زمين به آهي، جا ڪٿي نرم ته ڪٿي سخت آهي. ڪٿي ٿوري مفاصلي ۾ ۽ ڪٿي گهڻي مفاصلي ۾. جتي گهڻي مفاصلي ۾ سنئين زمين آهي، ان کي ”ڏهر“ چئبو آهي، اتي چراگاهه ۽ آباديءَ لاءِ ٻنيون هونديون آهن. اهڙا ڏهر ننڍا وڏا گهڻائي آهن. خاص ڪري ڪنٺي ۽ ڍاٽ ۾ بلڪل گهڻا ۽ وڏا ڏهر آهن، ساروٽي ۾ گهٽ، کائڙ، مهراڻي ۽ ونگي ۾ ڪونه آهن[1].ٿر ۾ ڪٿي ڪٿي ڀٽون هڪٻئي کي ويجهيون آهن ۽ ڪٿي ڪٿي وري ڳچ مفاصلو آهي ۽ وچ واري زمين جدا جدا نمونن جي هوندي آهي، تنهنڪري هرهڪ نموني لاءِ جدا جدا نالا ٺهرايل آهن. ڀٽن جي وچ ۾ ڏاڍيري زمين وارو وڏو ڪشادو ميدان، جو پوک لائق يا ڳوٺ ٻڌڻ لائق ۽ مال جو چراگاهه هجي، تنهن کي ’ڏهر‘ چئبو آهي.[1].