مواد ڏانھن هلو

ڏاکڻي قطب

بيھڪ: 90°S 0°E / 90°S 0°E / -90; 0
کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(ڏکڻ قطب کان چوريل)
سلجھائپ صفحن جي لاءِ معاونت نظر ھيٺ مضمون the Geographic South Pole تي آهي. ٻين استعمالن جي لاءِ ڏاکڻي قطب (سلجھائپ) ڏسو.
  1. ڏکڻ جاگرافيائي قطب
  2. ڏکڻ مقناطيسي قطب (2007)
  3. ڏکڻ جيو مقناطيسي قطب (2005)
  4. ناقابل رسائي ڏکڻ قطب
جاگرافيائي ڏکڻ قطب ساڄي پاسي هڪ لٺ سان نشان لڳل آهي.
ناسا (NASA) جي تصوير 2005ع ۾ انٽارڪٽيڪا ۽ ڏکڻ قطب ڏيکاريندي.

ڏاکڻي قطب (South Pole)، جنهن کي جاگرافيائي ڏکڻ قطب يا زميني ڏکڻ قطب پڻ چيو ويندو آهي، ڌرتيءَ جو ڏاکڻو نقطو آهي ۽ اتر قطب کان ڌرتيءَ جي سامهون واري پاسي، سڀني طرفن ۾ 20,004 ڪلوميٽر (12,430 ميل) جي فاصلي تي واقع آهي. اهو انهن ٻن نقطن مان هڪ آهي جتي ڌرتيءَ جي گردش جو محور ان جي مٿاڇري کي ٽڪرائيندو آهي.

انٽارڪٽيڪا جي براعظم تي واقع، اهو آمريڪا جي امنڈسین اسکاٹ Amundsen-Scott South Pole اسٽيشن جو ماڳ آهي، جيڪو 1956ع ۾ قائم ڪيو ويو ۽ ان سال کان مستقل طور تي ملازم آهي. جاگرافيائي ڏکڻ قطب ڏکڻ مقناطيسي قطب کان مختلف آهي، جنهن جي پوزيشن ڌرتيءَ جي مقناطيسي فيلڊ جي بنياد تي بيان ڪئي وئي آهي. ڏکڻ قطب ڏکڻ جو مرڪز آهي.

اترین قطب

[سنواريو]

90°S 0°E / 90°S 0°E / -90; 0

ڌرتيءَ جي گولي جي هڪ انتها. ان جي ٻي انتها ڏکڻ قطب هوندي آهي. انهن ٻنهي انتهائن تي موسم انتهائي سرد هوندي آهي ۽ ڇهن مهينن جو ڏينهن ۽ ڇهن مهينن جي رات ٿيندي آهي، ڌرتي پنهنجي محور جي چوگرد گردش ڪندي آهي اهي انهيءَ محور جون ٻه پڇاڙيون هونديون آهن. مٿين پڇاڙيءَ کي اتر قطب North Pole) ۽ هيٺين پڇاڙيءَ کي (South Pole) چوندا آهن. خط استوا کان پري هئڻ ڪري اتي ٻارنهن ئي مهينا برف ڄميل هوندي آهي.[1]پروفيسر گيڪي (Prof. Geikie) ۽ ٻين ڀوڻ _ وگيان جي ڪتابن مان ڏيئي، پوءِ آرڪٽڪ ريجن جو جيڪو احوال لوڪمانيه ڏنو آهي، سو مختصر طرح هن ريت آهي: اتر قطب ڏي وڃبو، ته پهرين هيءَ ڳالهه ڌيان ڇڪائيندي ته سج ۽ ٻيا گرهه نڪي اڀرندي کان اڀرن ٿا، نڪي الهندي ڏي لهن ٿا؛ پر سڄو آڪاش منڊل ائين پيو گولائيءَ ۾ ڦري، جيئن ڪو ماڻهو کليل ڌوپ ڇٽي پنهنجي مٿان پيو ڦيرائي. اهو ڦيرو الهندي کان شروع ٿئي ٿو ۽ اڀرندي ڏي پورو ٿئي ٿو. هر هڪ ڦيرو چوويهه ڪلاڪن ۾ پورو ٿئي ٿو. ائين هڪ سؤ اسي ڦيرا پورا ٿين يعني ڇهه مهينا گذرن، ته پوءِ سج ائين اڀرندو نظر ايندو آهي، جو ڄڻ ته ڏکڻ طرف کان اڀري ٿو ۽ اتر ڏي چڙهندو وڃي ٿو. وري جڏهن سورج ڏکڻائڻ ٿيندو آهي يعني ڏکڻ طرف ڏي ويندو، تڏهن تارا ٽمڪندا نظر ايندا آهن. انهيءَ ريت اُتي ڇهه مهينا ڏينهن ته ڇهه مهينا رات! مطلب ته ٿلهي ليکي سڄي سال ۾ ڏينهن رڳو هڪڙو ٿيندو آهي، جو ڇهه مهينا ساندهه هلندو آهي، ۽ رات به ڇهن مهينن جي يڪي ٿيندي آهي، ايترو آهي ته اها يڪي ڇهه مهينن جي رات سمورو وقت ڪاري ٻاٽ لائي ڪانه بيٺي هوندي آهي. صبح ۽ سانجهيءَ جي شفق جو به سوجهرو ٿئي ٿو. اها شفق به ڪنڀر جي چڪ وانگر ڦرندي وتي، ۽ هرهڪ ڦيرو چوويهه ڪلاڪن ۾ پورو ڪندي وتي. ڇهن مهينن جي رات کانپوءِ پرڀات ٿيڻ شروع ٿيندي آهي، ته اول ٿورڙي روشني ٿيندي آهي، ۽ ٽمڪندڙ تارن مان ٿورا ٿورا غائب ٿيڻ لڳندا آهن. پوءِ لالاڻ وڌندي ويندي آهي، ته رفته رفته سڀ تارا گم ٿي ويندا آهن، ۽ پوءِ پرهه باکون ڪڍندي آهي.[2]ڊاڪٽر وارن ۽ ٻين عالمن جي ڪتابن مان حوالا ڏيئي، لوڪمانيه تلڪ ڄاڻايو آهي، ته هر ڪنهن سال، 29 جنوريءَ جي، پرڀات ٿيڻ شروع ٿيندي آهي، ۽ ستيتاليهه ڏينهن ساندهه پرڀات جي لالاڻ ڏسڻ ۾ ايندي آهي؛ تنهن کانپوءِ سج اُڀرندي (ڦرندو) نظر ايندو آهي. سج هڪ واريءَ نڪرندو آهي، ته هڪ سؤ چورانوي ڏينهن ساندهه بيٺو هوندو آهي. هر ڪنهن سال 25 سيپٽمبر جي سج لهندو آهي، ته به نماشام واري شفق اٺيتاليهه ڏينهن ساندهه لقاءُ لڳائي بيٺي هوندي آهي، يعني 13 نومبر کان وٺي رات ٿيندي آهي. مطلب ته ورهيه جي 365 ڏينهن مان ستيتاليهه ڏينهن پرڀات، هڪ سؤ چورانوي ڏينهن سج جو سوجهرو، اَٺيتاليهه ڏينهن نماشام جي شفق ۽ ڇاهتر ڏينهن رات ٿيندي آهي. وقتي، رات جي اوندهه ڇاهتر بدران فقط سٺ ڏينهن هلندي آهي. اهو تفاوت اُتي جي وايو منڊل ۽ ٻين سببن ڪري ٿيندو آهي. اهي ڪن يوروپين جا اکين ڏٺا احوال آهن، جي لوڪمانيه سندن لکيل ڪتابن مان ڪڍي، پنهنجي ڪتاب ”آرڪٽڪ[3] . هوم“ ۾ ڄاڻايا آهن..

حوالا

[سنواريو]
  1. اتر قطب : (Sindhianaسنڌيانا)
  2. {ڪتاب: قديم سنڌ ؛ از: ڀيرومل مهرچند آڏواڻي ؛ چوٿون ايڊيشن 2004، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book46/Book_page9.html.  Missing or empty |title= (مدد){{* To such a man (stationed at the North Pole) the sun going into the northern hemisphere in his annual course will appear as coming up from the South, and he will express the idea by saying that 'the sun has risen in the south,' however strange the expression may seem to us," B: G Tilak: The Artic Home in the Vedas p.46:}}}
  3. {ڪتاب: قديم سنڌ ؛ از: ڀيرومل مهرچند آڏواڻي ؛ چوٿون ايڊيشن 2004، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book46/Book_page10.html#_ftn4.  Missing or empty |title= (مدد)}