ڏيوالو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڏيوالو، ڏيوالپڻو (انگريزي: bankruptcy ): ڪنھن ڪمپني يا بينڪ کي جيڪڏهن ايڏو مالي نقصان پھچي جو ان جو ازالو ممڪن نہ ھجي ۽ اھا ڪمپني يا بينڪ پنھنجو ڪاروبار بند ڪرڻ تي مجبور ٿي پئي تہ معاشي اصطلاح ۾ ان کي ان ڪمپني يا بينڪ جو ڏيوالو سڏيو ويندو آهي[1]. ان صورت ۾ ڪمپني يا بينڪ کي قرض ڏيندڙ قرض جي وصولي لاء مھلت ڏيڻ کان قاصر ھوندا آھن. ڪمپني ۽ بينڪ جا حصيدار پڻ ان ۾ وڌيڪ رقم لڳائڻ کان قاصر ھوندا آھن يا ايئن ڪرڻ لاء راضي نہ ھوندا آھن. اھڙي صورت م قرضدار يا خود ڪمپني يا بينڪ ڏيوالي جي ڪاروائي جو آغاز ڪندا آهن[1].

ڏيوالي جو قانون[سنواريو]

اھڙا سمورا قانون جيڪي ڏيوالي جي وضاحت ڪن، جيڪي ڏيوالي تي لاڳو ٿين، يا اھڙا قائدا، ضابطا ۽ طريقا جيڪي ڏيوالي جي اعلان واري ڪاروائي تي لاڳو ٿين انھن کي ڏيوالي جا قانون (Bankruptcy Laws) سڏيو ويندو آهي[1].

ڏيواليل[سنواريو]

اھڙي ڪمپني يا بينڪ جنھن کي عدالت قانوني ڪاروائي ڪري ڏيوالو نڪتل ڪمپني يا ڏيوالو نڪتل بينڪ قرار ڏنو ھجي يا ان ڪمپني يا بينڪ خود پاڻ کي ڏيوالو نڪتل قرار ڏنو ھجي ان کي ڏيواليل (Bankrupt) سڏيو ويندو آهي[1]. اھڙي صورت ۾ عدالت ھڪ سيال گر يا لڪئيڊيٽر (liquidator) مقرر ڪندي آهي جيڪو ڪمپني يا بينڪ جي اثاثن کي نقد رقم ۾ تبديل ڪري قرضدارن جو حساب ڪتاب متناسب طريقي سان چڪتو ڪندو آهي[1]. سيال گر جي ان عمل کي سياليت سڏيندا آهن

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 1.2 1.3 1.4 [Glossary, Banking and Finance; ;2nd edition; By: Shakil Farooqi; page:97;State Bank of Pakistan; Sponsers: Institute of Bankers, Pakistan; National Institute of Banking and Finance; Lahore School of Economics and Institute of Management Sciences; Hamdard University ]