ڏيلها

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڪرڙ جي وڻ ۾ ڏيلها يا ڏونرا نالي سان گول ڦل يا ميوو ٿيندو آهي. هي ڦَل ڪچو پٽي ان کي اُٻاري ٻوڙ ٺاهي کائيندا آهن يا ڪَچن ڏئونرن کي پاڻي جي ڀريل مٽن ۾ وجهي اس تي رکي ڇڏيندا آهن، ٻن هفتن کانپوءِ انهن کي پاڻي مان ڪڍندا آهن ته انهن ڏيلهن يا ڏونرن جي ڪڙاڻ ختم ٿي چڪي هوندي آهي، ڪڙاڻ ختم ٿيل انهن ڏونرن کي تيليا چئبو آهي، اهو تيليو پوءِ پورو سال پيو ٿرين کي ڳُنڌڻ طور ڪم ايندو آهي. [1]

  1. ٿر جي لوڪ ڏاهپ ۽ سائنس (مشڪور ڦلڪارو) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, وقت 2017-09-12 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-07-30