ڏوهارين جو پيڇو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

هٿ ڌوئي پويان پوڻ يا ڏوهارين جو پيڇو يا هاٽ پرسيوٽ (Hot Pursuit) نظريو بُنيادي طورسامونڊي قانون سان لاڳاپيل آهي، پر اڄڪلهه، زمين ۽ فضا ۾ ٿيندڙ ڏاڍائين وارين سرگرمين کي به پنهنجي دائري ۾ وٺي ٿو. هن اصطلاح جو حاصل مطلب آهي، ته حملو ڪندڙ جو پيڇو ڪندي، ڪو به مُلڪ پنهنجن جاگرافيائي حدن کان ٻاهر وڃي ٻئي ملڪ جي حدن ۾ دشمن سان وڙهڻ کان به نه لنوائيندو آهي. هن قسم جي حق جو قانوني استعمال بهرحال حالتن، جاءِ ۽ وقت بابت وضاحتون ڏئي ٿو. مثال طور: اهڙو پيڇو لازمي طور تي حملي هيٺ آيل مُلڪ جي حدن اندر ٿئي، اهو حملو بااختيار ڌُريون ڪن ۽ تيستائين جاري رهي، جيستائين ڪندڙ گرفتار ٿئي، يا ڀڄي پنهنجي ملڪ يا مورڳو ڪنهن ٽئين مُلڪ جي حدن تائين پهچي وڃي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. سنڌي آنلائين ڊڪشنري[مئل ڳنڍڻو] پاران سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد