ڏونڪن جو ناچ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڏونڪن جو ناچ__ ڏوڪلن واري ڊانس __(Dokli Dance):

عوامي ناچ جو هي قسم، خوشيءَ جي موقعي يا شادين وغيره تي پيش ڪيو ويندو آهي. گهڻو ڪري سنڌ جي ٿر واري علائقي ۾ هي ناچ زياده مروج آهي. ٻار کان ٻڍي تائين ڏونڪن جي ناچ فقط مرد ئي حصو وٺندا آهن. ناچ وجهندڙ ٻنهي هٿن ۾ ڏوڪلا کڻندا آهن. ان کان پوءِ دهل جي خاص وڄت (انداز) تي هڪ ٻئي سان ڏوڪلا هڻي سريلو آواز پيدا ڪندا آهن ۽ ڦيرا به پائيندا آهن، هن کي ’ڏانڊئي‘ راند به چوندا آهن.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي