مواصلات جي تاريخ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

مواصلات جي تاريخ(انگريزي: history of telecommunication) مواصلات عام طور تي ھڪ جديد خيال تصور ڪيو ويندو آهي پر حقيقت ۾ ان جي ھڪ تاريخ آهي جنھن تحت منزلون طئي ڪندي اڄ انٽرنيٽ تائين پھتي آھي.ان جي ابتدائي شڪل ٽيليگرافي ھئي.


پھريون ٽيليگرافي جو رابطو يورپ ۾ ڪيو ويو ھو

ٽيليگراف جي ابتدا آپٽيڪل ٽيليگراف سان ٿي جنھن ۾ دونھين جا سگنل يا جبلن جي چوٽين تي باھ ٻاري سگنل ڏيڻ سان ٿي ھئي اھو رابطي جي قسم قديم دؤر ۾ مروج ھيو. بندرگاھن تي منارن ذريعي باھ جا سگنل، اڳتي ھلي ريلوي نظام ۾ بتي ذريعي اشارا ڏيڻ وغيره آپٽيڪل ٽيليگراف ۾ شامل آهن.

1792 ۾ فرانس جي ڪلاڊ چيپ(انگريزي: Claude Chappe) سيمافور ڪميونيڪيشن ايجاد ڪئي جيڪا 1846 تائين استعمال ۾ رهي. اھو بہ اشارتي مواصلات جو نظام ھيو جنھن جو استعمال نيپولين بونا پارٽ فوج ۾ ڪيو ۽ اھو يورپ کان آمريڪا تائين استعمال ۾ آيو . آخري استعمال سويڊن جي ڪمرشل سيمافور لنڪ ذريعي 1890 ۾ ڪيو ويو.

1832 ۾ بيرن شلنگ(انگريزي: Baron Schilling) برقي مقناطيسيت(انگريزي: electromagnetic) وارو ٽيليگراف ايجاد ڪيو جنھن جو سڀ کان اول ڪمرشل استعمال سر چارلس وھيٽ اسٽون ۽ سر وليم فوٿرگل ڪڪ گريٽ ويسٽرن ريلوي ۾ ڪيو. اھو استعمال 13 ميلن جي فاصلي تي ٻن ريلوي اسٽيشنن:پيڊنگٽن اسٽيشن ۽ ويسٽ ڊريٽن، جي وچ ۾ 9 اپريل 1839 ۾ ٿيو. ھن قسم جي ٽيليگراف جو حق محفوظ ۾ رجسٽريشن 1837 ۾ يونائيٽيڊ ڪنگڊم ۾ ٿي. ھن برقي مقناطيسي ٽيليگراف کان پوءِ يونائيٽيڊ اسٽيٽس ۾ سموئيل مورس بہ 1837 ۾ برقي ٽيليگراف حق محفوظ(انگريزي: patent) ۾ رجسٽر ڪرايو جنھن مورس ڪوڊ پڻ متعارف ڪرايو جنھن سان ھن الفابيٽ جي استعمال ڪندي پنھنجي مددگار الفرڊ وائل سان رابطو ڪري ڏيکاريو، جنھن بعد ايندڙ ويھن سالن ۾ ھي نظام تيزي سان مروج ٿي ويو. 27 جولاءِ 1866 ۾ پھرين اينٽلانٽڪ سمند کي پار ڪندڙ ٽيليگراف ڪيبل جو ڪم ڪاميابي سان مڪمل ڪيو ويو جنھن سان آمريڪا ۽ يورپ وچ ۾ مواصلاتي رابطن جي شروعات ٿي. ان کان اڳ 1857 ۽ 1858 ۾ سمنڊ ھيٺ تار وڇائي وئي پر اھو رابطو صرف چند ڏينھن رھيو ۽ پراجيڪٽ ناڪام ويو.ان بعد تار کان سواءِ ٽيليگرافي ، ٽيليگرام، ريڊيو، ٽيليويزن ۽ انٽرنيٽ جو دؤر شروع ٿيو.

خارجي ڳنڍڻا[سنواريو]