ڏانداري

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
سنڌ جي ٻھراڙيءَ ۾ مروج ھڪ ڏانداري

ڏانداري(انگريزي: Rake ) ھڪ زرعي اوزار جيڪو اناج يا گاھ وغيره کي کنڊيرڻ يا ھڪ ھنڌ گڏ ڪرڻ لاء استعمال ڪيو ويندو آهي. ڪاٺي يا لوھ يا ٻنھي مان ٺھندڙ ھن اوزار کي ڏندا ھوندا آھن جن ۾ ھڪ ڊگھو ڳن وڌل ھوندو آھي جنھن وسيلي ماڻھو بيٺل حالت ۾ ان جو استعمال ڪري سگھندا آهن.

ڪاٺي جي ڳن واري ڏانداري جو قسم
مٽي ۽ پٿريلي زمين تي ڪتب ايندڙ ڏانداري
باغ مان سڪل پن يا گاھ ڪڍڻ لاء ڏانداري