ڏارو
ڏارو، ڏريو، ڪڻڪ جي ان يا داڻن کي جنڊر تي پيھين ٺاھيو ويندو آھي ڏارو. [1]
غريباڻو ڏَريو ته ايترو مشهور آهي، جو اڄڪلهه جا ڊاڪٽر به سفارشون ڪندا آهن ته ”هلڪو کاڌو کائيج“، ”ڪڻڪ جو ڀت سٺو اٿئي“، ڏريو ٿئي وري اهڙو جو ٿورو رڌ ته ويجهي ويجهي گهڻو ٿي پوندو، ويجهه ته ايتري اٿس جو لپ ڪڻڪ جي گهر ڍايو ڇڏي. زالون، ڏريو هيئن رڌينديون آهن. ڇا ڪنديون آهن، جو ڪڻڪ صفا ڪري، گهڙي کن پسائي رکي ڇڏينديون . جڏهن ڪڻڪ گهمجي ويندي، تڏهن وري ٿوري وائکي ڪري رکي ڇڏينديون ڦڪهري ٿيڻ کان پوءِ، جنڊ کي ٿورو هلڪو ڪري ججهو ڳارو وجهنديون، ته ڪڻڪ ڏرجي اڌو اڌ ٿي پوندي پوءِ انهيءَ ڏريل ڪڻڪ کي سچو ڏينهن پسائي رکنديون، ته هڏ مريس. پوءِ ڇا ڪنديون جو ديڳڙي ۾ گيهه ۽ ڦوٽا وجهي ٽڙڪائينديون آهن،پوءِ انهيءَ ۾ اها پسيل ۽ ڏريل ڪڻڪ وجهي قدر سارو کنڊ ۽ لوڻ وجهي، ٿورو پاڻيءَ جو ٽهڪو ڏئي، پينهن وانگر دمي کڻي ڇڏينديون آهن. ٿوري وقت جي دم کان پوءِ لاهي رکنديون. پوءِ وڌائي ٺاڙي کائينديون. اهو ڏريو به جهڙو ٺهي کير سان، تهڙو ڏڌ سان.وري جي پاروٿو ٿئي ته هيڪاري ساءُ وڌي وڃي.[2]
حوالا
[سنواريو]- ↑ "ڏارو : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2019-11-13.
- ↑ {ڪتاب: سنڌ جي مدنيت؛ از:سيد منظور نقوي ؛ ٻيون ايڊيشن 1978، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو [http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book22/Book_page
4.html http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book22/Book_page 4.html] Check
value (مدد). line feed character in|url=
|url=
at position 67 (مدد); Missing or empty|title=
(مدد)}