ڍڪ بازار، (شڪارپور)
ڍڪ بازار شڪارپور شھر جي هڪ پراچين تاريخي بازار آهي جيڪا شھر ۾ هندو سنڌين پاران آباد ڪئي وئي. ڍڪ بازار لکي دَر کان شروع ٿئي ٿي ۽ 'اسٽورٽ گنج' وٽ پُوري ٿئي ٿي. هن بازار ۾ اڪثر هندو سيٺين جا دُڪان هوندا هُئا، ۽ سندن واپار سڄِي دُنيا ۾ هَلندو هُيو، ۽ هو ڏيساور مان پڻ شيون آڻي هتي کپائيندا هُيا، جنهن ڪري سَسِتائپ ۽ روزگار جا جُجها ذريعا هوندا هيا. هُنڊيءَ جو رواج (جنهن کي هاڻي بئنڪ ڊرافٽ سڏبو آهي) اهو شڪارپور جي هندو سيٺين جي ايجاد آهي جيڪو پوءِ سڄِ دُنيا ۾ رائج ٿي ويو.
هيءَ بازار شهر جي اُڀرندي ۽ اُلهندي جي وچ ۾ آهي ۽ هڪ مِيل ڊگهي بازار آهي. هيءَ بازار ڪاٺين جي ڪئنچين جي مٿان ٽاٽ رکي ڍڪي وئي هُئي، جنهن ڪري گرمين جي مُند ۾ بہ ٿڌي رهندي آهي ۽ مينھوڳي مُند ۾ پڻ پاڻيءَ کان محفوظ رهندي هُئي. هن بازار ۾ پِراچين دَوُر جو هر قسم جو سامان ملي ويندو هيو.
هن بازا ۾ ’تارا سنگهہ جواهريءَ جي پڙي‘ مشھور هُئي، جنهن ۾ بصري جا موتي، رنگون جا ياقوت، برازيل جو پنو، لنڪا جو پکراج، آفريڪا جا هيرا، اٽليءَ جو موڱو جا ٻَڌا واپاري (هول سيل واپاري) هوندا هيا. پاڪستان ٺھڻ کان اڳ هيءَ بازار پنھنجي اوج تي هُئي، جنھن کانپوءِ بي ڌِيانيءَ وِچان هيءَ بازار پنهنجي اوج وڃائي ويٺي آهي.[1]
حوالا
[سنواريو]- ↑ "ڍڪ بازار شڪارپور : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org. Retrieved 2019-03-19.