ڍڪ بازار، (شڪارپور)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڍڪ بازار شڪارپور، هڪ پراچين تاريخي بازار آهي جيڪا شڪارپور شهر ۾ هندو سنڌين پاران آباد ڪئي وئي.[1] ڍڪ بازار لکي دَر کان شروع ٿئي ٿي ۽ 'اسٽورٽ گنج' وٽ پُوري ٿئي ٿي. هن بازار ۾ اڪثر هندو سيٺين جا دُڪان هوندا هُئا، ۽ سندن واپار سڄِي دُنيا ۾ هَلندو هُيو، ۽ هو ڏيساور مان پڻ شيون آڻي هتي کپائيندا هُيا، جنهن ڪري سَسِتائپ ۽ روزگار جا جُجها ذريعا هوندا هيا. هُنڊيءَ جو رواج (جنهن کي هاڻي بئنڪ ڊرافٽ سڏبو آهي) اهو شڪارپور جي هندو سيٺين جي ايجاد آهي جيڪو پوءِ سڄِ دُنيا ۾ رائج ٿي ويو.

هيءَ بازار شهر جي اُڀرندي ۽ اُلهندي جي وچ ۾ آهي ۽ هڪ مِيل ڊگهي بازار آهي. هيءَ بازار ڪاٺين جي ڪئنچين جي مٿان ٽاٽ رکي ڍڪي وئي هُئي، جنهن ڪري گرمين جي مُند ۾ به ٿڌي رهندي آهي ۽ مينهوڳي مُند ۾ پڻ پاڻيءَ کان محفوظ رهندي هُئي. هن بازار ۾ پِراچين دَوُر جو هر قسم جو سامان ملي ويندو هيو. هن بازا ۾ ’تارا سنگهه جواهريءَ جي پڙي‘ مشهور هُئي، جنهن ۾ بصري جا موتي، رنگون جا ياقوت، برازيل جو پنو، لنڪا جو پکراج، آفريڪا جا هيرا، اٽليءَ جو موڱو جا ٻَڌا واپاري (هول سيل واپاري) هوندا هيا. پاڪستان ٺهڻ کان اڳ هيءَ بازار پنهنجي اوج تي هُئي، جنهن کانپوءِ بي ڌِيانيءَ وِچان هيءَ بازار پنهنجي اوج وڃائي ويٺي آهي.

حوالا[سنواريو]

  1. "ڍڪ بازار شڪارپور : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2019-03-19.