ڍولر پکي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڍولر پکي هي ميداني پکي آهي. هي منجهند جي وقت سج جي گرمي کي برداشت نه ڪري سگهڻ سبب وڻن ۾ هليو وڃي ٿو، هي صبح ۽ شام جي وقت يا رات جي چانڊوڪين ۾ هلندي، ٽپڪا ڏيندي يا اڏامندي نظر ايندو آهي. هي يڪساهي ڊگهي مفاصلي تائين اڏامي نه سگهندڙ پکي آهي. هي پکي ڏاڍو حساس ۽ گهڻي چرپر ڪندڙ پکي آهي. هي پکي پڻ هوائن جي رخن، هوا ۾ موجود آبي بخارن ۽ فضا ۾ پکڙيل خوشبوئن کي محسوس ڪندي، موسمن بابت اڳواٽ ڄاڻ رکندڙ پکي آهي ته جيئن انهن جي ناڪاري اثرن کان پاڻ کي بچائي سگهي. اهو ئي سبب آهي جو هي پکي مختلف موسمن ۾ پنهنجي چرپر، ٻولين ۽ رهڻ جي جڳهين کي پڻ بدلائيندو رهي ٿو. چوماسي جي مند ۾ هن جي جنسي هارمنن ۾ واڌارو اچي ويندو آهي، ڇو جو اها هن جي لڳ ڪرڻ جي موسم آهي. جيئن ته هر پکي پنهنجي نسل جي بقا ۽ آنن کي محفوظ رکڻ جو احساس رکي ٿو، بلڪل ساڳي نموني ڍولر پکي پڻ پنهنجي آنن لاهڻ وقت هوائن جي رخن، گهربل گرمي ۽ دشمن کان بچاءَ جي بنياد تي سڀني حفاظتي ضرورتن کي نظر ۾ رکندو آهي ته جيئن ايندڙ موسمي اثرن کان پنهنجن آنن کي محفوظ رکي سگهي.[1][2]

حوالا[سنواريو]