مواد ڏانھن هلو

ڌڻي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڌڻي لفظ جي بنيادي معنيٰ ”ڌڻ وارو“، ”ڌڻ پاليندڙ“ يا ”ڌڻ سنڀاليندڙ“ آهي. آڳاٽي سماج ۾ مال متاع، خاص ڪري چوپايو مال، دولت ۽ سماجي مرتبي جو اهم ماپو هو؛ تنهنڪري جنهن ماڻهوءَ وٽ وڏو ڌڻ هوندو هو، تنهن کي خوشحال، ڀاڳ وارو يا شاهوڪار سمجهيو ويندو هو. وقت گذرڻ سان ڌڻي لفظ جو مفهوم وسيع ٿيو ۽ اهو ڌن واري، ملڪيت رکندڙ ۽ مالڪ جي معنيٰ ۾ به استعمال ٿيڻ لڳو.

ڌن لفظ جي اصل معنيٰ پڻ ڌڻ يا چوپايو مال ڄاڻائي وڃي ٿي. جڏهن سماج ۾ زمين، سون، چاندي، سڪن ۽ ٻين قسمن جي ملڪيت جي اهميت وڌي، تڏهن ڌن لفظ جي معنيٰ به بدلجي عام دولت يا مال ملڪيت لاءِ استعمال ٿيڻ لڳي. اهڙيءَ طرح ڌنار يا ڌڻار لفظ ڌڻ پاليندڙ ماڻهوءَ لاءِ مخصوص رهيو، جڏهن ته ڌڻي جو استعمال ڪنهن به شيءِ جي مالڪ لاءِ ٿيڻ لڳو.

سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي: ”ڌڻ ته ڌڻي، نه ته وڪڻ کڻي“، جيڪا ڌڻ جي سنڀال ۽ مالڪيءَ جي لاڳاپي کي ظاهر ڪري ٿي. ساڳيءَ طرح ڀاڳيو لفظ به اصل ۾ اهڙي مالدار ماڻهوءَ لاءِ استعمال ٿيندو هو، جنهن وٽ ڳئون، مينهون يا ٻيو چوپايو مال گهڻو هجي. پوءِ اهو لفظ عام طرح شاهوڪار يا خوشحال ماڻهوءَ جي معنيٰ اختيار ڪري ويو.[1]

ڪن لساني ۽ ثقافتي تشريحن موجب، ڌڻ جي مالڪ، سنڀاليندڙ ۽ ورهائيندڙ بزرگ جو تصور وقت سان گڏ روحاني يا مذهبي مفهوم اختيار ڪندو ويو. ان مان ڌڻي ۽ ڌڻي سائين جهڙا تصور پيدا ٿيا ۽ فطرت، رزق، مينهن، باهه، پاڻي، فصل، سج، چنڊ ۽ ٻين قوتن سان لاڳاپيل ديوتائن جا تصور وجود ۾ آيا. اها تشريح سماجي ۽ مذهبي تصورن جي ارتقا بابت هڪ نظرياتي راءِ آهي، جنهن کي ڊاڪٽر محبت ٻرڙي پنهنجي ڪتاب شعور ۾ بيان ڪيو آهي.[2]

حوالا

[سنواريو]
  1. ڀيرومل مهرچند آڏواڻي، قديم سنڌ، چوٿون ڇاپو، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، 2004. "قديم سنڌ". سنڌي ادبي بورڊ.
  2. ڊاڪٽر محبت ٻرڙو, شعور, اصل نسخو مان 2016-07-15 تي محفوظ ڪيل, 2016-08-13 تي حاصل ڪيل