ڌڻي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڌڻ وارو، ڌڻ پاليندڙ، ڌڻ چاريندڙ، ڌڻ سنڀاليندڙ، ڌڻ وڌائيندڙ، اهو ماڻهو جنهن وٽ ڌڻ يا ڌن ججهو هجي. آڳاٽي زماني ۾ هي لفظ اهڙي وڏڙي ماڻهوءَ لاءِ ڪتب ايندو هو، جيڪو ڌڻ (کاڌو، رزق، مال) ورهائي ڏيندو هو. ان کان پوءِ قبيلي جي ان وڏڙي يا مهربان انسان جي ياد ٻين انسانن لاءِ تصور يا ذهن ۾ عڪس بڻجي وئي.

ائينءَ ڌڻ وارو، ڌڻ پاليندڙ، ڌڻ چاريندڙ، ڌڻ سنڀاليندڙ، ڌڻ وڌائيندڙ مان ڌڻي يا ڌڻي سائين جهڙا تصور وجود ۾ آيا. اڳتي هلي ڀاڳ (ڀاڱي) وارو ديوتا، ڌڻ وارو ديوتا، رزق جو ديوتا، ونڊيندڙ ورهائيندڙ ديوتا، باهه جو ديوتا، پاڻيءَ جو ديوتا، مينهن جو ديوتا، اوٿر (آنڌاري، طوفان) جو ديوتا، ڪڪرن جو ديوتا، وڄ جو ديوتا، گاج (ٺڪاءَ) جو ديوتا، اڀ جو ديوتا، چنڊ ديوتا، سج ديوتا، تارن جو ديوتا، ڪائنات جو ديوتا. عشق جو ديوتا، فصل جو ديوتا، لاب جو ديوتا، پيڄاري جو ديوتا، غضب جو ديوتا، ڪروڌ يا ڪاوڙ جو ديوتا، بديءَ جو ديوتا، ٻوڏ جو ديوتا، وڻن جو ديوتا، جانورن جو ديوتا، ماڻهن جو ديوتا جا تصور يا عڪس وجود ۾ آيا، جيڪي پوءِ ڌرمي شڪل اختيار ڪري ويا. [1] [2]”ڌن“ لفظ جي هاڻ معنيٰ آهي ”دولت“؛ پر اصل معنيٰ هيس ”ڌڻ“. پوءِ جڏهن ماڻهن کي ٻيءَ ملڪيت ميڙڻ جي چوش آئي ۽ سون چانديءَ وغيره جا سڪا ٺهيا، تڏهن ”ڌن“ ۽ ”ڌڻ“ لفظ جي معنائن ۾ ڦير پيو. ”ڌڻ“ ته ڌڻي؛ نه ته وڪڻ کڻي“ (پهاڪو) ”ڌڻي“ لفظ جي به اصل معنيٰ هئي ”ڌڻ وارو“ ۽ پوءِ ”ڌڻي“ معنيٰ ڌن وارو يا شاهوڪار، ڌڻي معنيٰ مالڪ (ڪهڙي به ملڪيت جو) ۽ ڌنار (ڌڻار) معنيٰ ٿي ڌڻ وارو، مطلب ته جيئن جدا جدا قسمن جي ملڪيت ماڻهن جي ترقيءَ سان ههڙن لفظن جي معنائن ۾ به ڦير پيو. ماڻهن جي ترقيءَ سان ٻوليءَ جي ترقي انهيءَ ريت گڏوگڏ ٿئي ٿي.هر ڪنهن ماڻهوءَ جي غريبيءَ توڙي شاهوڪاريءَ جي سڌ سندس چوپائي مال مان پوندي هئي. اڳي ماڻهو ڀاڳ وارو سمجهندا ئي انهيءَ کي هئا، جنهن وقت گاين، مينهن وغيره جا ڌڻ هوندا هئا. هن وقت به جڏهن چئون ته ”فلاڻو ڀاڳيو آهي“ ته ان جي معنيٰ ته ”شاهوڪار آهي“، جيڪڏهن چئون ته ”فلاڻي ڀاڳئي کان کير وٺي اچ“ ته اتي ”ڀاڳيو“ معنيٰ مالدار“ جنهن وٽ گايون مينهون هجن.[3]

  1. شعور (ڊاڪٽر محبت ٻرڙو) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, وقت 2016-07-15 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-08-13 
  2. ڪتاب:شعور، ليکڪ: ڊاڪٽر محبت ٻرڙو
  3. {ڪتاب: قديم سنڌ ؛ از: ڀيرومل مهرچند آڏواڻي ؛ چوٿون ايڊيشن 2004، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book46/Book_page15.html#_ftnref4.  Missing or empty |title= (مدد)}