ڌرم شالا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
تبت ۾ ھڪ ڌرم شالا

ڌرم شاله __(Dharamshala):

هندو تيرٿ ڪرڻ وارن، زائرين جي رهڻ وارن جي جاءِ. اڄڪلهه سڀني طبقن ۾ مهمانن کي پئسن جي عيوض رهائڻ واري جڳهه هوندي آهي، جنهن کي هنديءَ ۾ ڌرمشاله چيو وڃي ٿو. [1]سنسڪرت ٻوليءَ ۾ ڌرم (धर्म) معنيَ مذھب آھي ۽ شالا (शाला) معني پناھگاھ .اھڙي طرح ڌرم شالا جي معني آھي مذھبي زائرين کي رھائڻ لاءِ جاء.[2]ڌرم شالائون ٺھرائڻ ھندو، جين ۽ تبتي ٻڌن جي مذھبن جي مشترڪ ريت آھي.[3]اھا جاء سراء نہ ھوندي آھي جيڪا مسافرن لاءِ ھوندي آھي .صرف مذھبي زيارت ڪندڙ اتي رھي سگھي ٿو.


حوالا[سنواريو]

  1. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي
  2. Dharamshala The Imperial Gazetteer of India, v. 11, p. 301.
  3. Tourism in India, by Ajoy Kumar Sen. Published by Modern Book Agency, 1991. Page 235.