ڌرتي جو واءُ منڊل

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Earth's atmospheric gases scatter blue light more than other wavelengths, giving Earth a blue halo when seen from space

ڌرتيءَ جا مکيه عضوا / لِڱ ٽن قسمن جا آهن. نهرا، پَٽڙا ۽ گئسي. گئسن جي ان ميڙ کي هوا سڏجي ٿو، جيڪا ڌرتيءَ جي چوڌاري لباس جيان اوڍيل آهي. اسين ڌرتيءَ جي نهري حصي تي، پاڻياٺ جي پاسي ۾ ۽ هوا منجھه رهون ٿا. هوا / فضا جيئن ته ڌرتي گولي جي هر پاسي موجود آهي، ان ڪري ان کي واءُ منڊل (انگريزي ٻولي: Atmosphere) يا وايو (هوا جو) منڊل به سڏجي ٿو.

ڌرتيءَ جي هر پاسي ويڙهيل هن غلاف / لباس جي ٿولهه لڳ ڀڳ هڪ هزار ميل ڪَٿِي وئي آهي. اسين جيڪڏهن ڪپهه جو ايڏو، هڪ هزار ميل اُوچو ۽ ٿُلهو سَٿو ٺاهيون ته ڪپهه جو هيٺيون تهه وڌيڪ گھاٽو، ان کان مٿيون ڪجھه گھٽ گھاٽو ۽ جيئن مٿي تيئن ڇِڊو هوندو. ڌرتيءَ جي هوا به ايئن آهي، ان جا هيٺيان تهه وڌيڪ ڳَورا ۽ گھاٽا ۽ جيئن مٿي تيئن هلڪا ۽ ڇڊا آهن. ڌرتيءَ جي مٿاڇري سان لڳندڙ، هوا جو هيٺيون، وزنائتو ۽ گھاٽي ۾ گھاٽو تهه تائمنڊل (انگريزي ٻولي: Troposphere) سڏجي ٿو. [1] [2]

  1. ڌرتي منهنجو گهر (ڊاڪٽر محبت ٻرڙو) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, وقت 2017-09-12 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-07-27 
  2. Atmosphere - Wikipedia