ڌاتورو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

ڌاتورو(انگريزي: Dhaturo ) هي ٻوٽو عام نه ٿيندو آهي، پر ماڻهو پنهنجن گهرن ۾ پوکي سنڀال ڪندا آهن. هي قد ۾ پنج – ڇهه فوٽ کن ٿيندو آهي. هن جي ڏانڊي سائي ڀوري رنگ جي هوندي آهي. اُن جا پن وڏا، چهچ ساوا نه، پر ٿورا اڇاڻ تي مائل هوندا آهن. هي گهاٽو ۽ وڻندڙ ٿيندو آهي. پهريائين اڇا گل توتاري جي شڪل جهڙا ڪڍندو آهي، جن ۾ گول ڏينا ٿيندا آهن. انهن جي مٿان ٻُر ٻُر وارا ڪنڊڙا ٿيندا آهن ۽ اندر ٻج هوندو آهي، جي ننڍا ڇپڙا داڻا هوندا آهن. ڏينا پهريائين ساوا ۽ پچڻ بعد ناسي خاڪي رنگ جا ٿيندا آهن. جيڪڏهن ماڻهوا هو ٻج کائي ته ڪافي وقت هوش کان خطا ٿيو وڃي، يعني خوفناڪ آهي، پر ان سان گڏ ڪمائتبو به آهي. ڪنهن هنڌ بدن ۾ سور هجي ته ڌاتوري جا پن مٿس ٻڌجن ته فائدو ٿي پوندو. دم ڪشيءَ جي حالت ۾ ڏينا ڀوري حُقي ۾ وجهي پيئڻ سان فائدو ٿيندو آهي. هن کي چريو ڌاتورو به چيو ويندو آهي. ڌاتوري کي ٻيو ڪو جانور ڪو نه کائي، پر ٻڪري کائيندي آهي. هڪ دفعو اُڀرڻ کانپوءِ ٽن سالن تائين هلندو آهي، ان بعد سڪي ويندو آهي[1]وڻ مشهور آهي. مگر ولايت ۾ هن جا وڌيڪ قسم آهن. هي وڏا سهڻا ۽ اڇا گل ڪندو آهي. ڪن ۾ ڪناري سان واڱڻائي ليڪو ٿيندو آهي. ڪن جا گل پيلا ۽ خوشبودار ٿيندا آهن. ٻج جولاءِ ۾ پوکجي ٿو. هي وڻ ٻئي سال تائين به رهي سگهي ٿو، پر بهتر آهي ته گلن ڪرڻ کانپوءِ ان کي ناس ڪري ڇڏجي. اڪثر باغن ۾ ڪين پوکيندا آهن. هن جو ڦر گول ڪنڊن وارا ڏينهون آهن. انگريزيءَ ۾ ڊاٽورا به چونس ۽ ٿارن ايپل (يعني خاردار صوف) به چونس، ڌاتوري جي ڦر کي سنڌيءَ ۾ ڏينهون سڏيندا آهن.[2]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ ريگستان (ڀاڱو ٻيون) -مصنف؛ رائچند هريجن -ايڊيشن؛ ٽيون- سال؛ 2005ع -ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو
  2. ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو