ڊيڄڙي جو سوڻ
ڏيک
ڊيڄڙي جو سوڻ:
جي ٻار موڇڙو هوند آهي ۽ کيس تپ تي پوندو آهي ۽ تپ ۾ ڇرڪ ڀريندو آهي يا ڊڄندو آهي يا گهڻو تپ کان اکيون ڦري وينديون اٿس ته زالون ”ائي مٺيس هو ٿي ويو اٿس.“ وس پڄندي ٻار جي اڳيان ڊيڄڙي جو نالو به ڪين وٺنديون، جي ڪنهن وٺي به وڌو ته ڪلمون ڀري ڇڏينديون. بس پوءِ جيسين ٻار بيمار هوندو تيسين روز شام جو ڊيڄڙي جو سوڻ ضرور ڪنديون. سو هيئن جو سڪن ڪکن جي ڌائي کڻي ان کي هڪ پاسي کان باهه ڏينديون. ٻار جي سيرانديءَ ڪو ٿالهه يا پاٽ رکي اهو ٻرندڙ موئو دلي ۾وجهيون پوءِ دلو اونڌو ڪري انهي ٿالهه يا پاٽ ۾ رکنديون ۽ دلي جي مٿان ٽڦڻي ۽ چِمٽو رکي مٿان پاڻي نائينديون ته دِلو وٺي پاڻي کڻندو ۽ ڦڦ ڪندو. جيترو دلو گهڻو ڦڦڪيو چونديون ته ٻار اوترو وڌيڪ ڊنو آهي.[1]
حوالا
[سنواريو]- ↑ {ڪتاب: سنڌ جي مدنيت؛ از:سيد منظور نقوي ؛ ٻيون ايڊيشن 1978، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book22/Book_page6.html. Missing or empty
|title=
(مدد)}