ڊيويليوئيشن

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
بين الاقوامي مالياتي فنڊ مطابق 1980 کان 2008 تائين دنيا جو گڏيل ڪرنٽ اڪائونٽ جو بيلنس بلين آمريڪي ڊالرن ۾ ڏيکاريل


سڪي جو ملهه گهٽائڻ ____ Devaluation:


هر ملڪ ۾ رائج سڪي جو ملهه سندس سون جي نسبت ۾ قدر کي جاچي مقرر ڪيو ويندو آهي، جيڪڏهن سڪي جي سون سان نسبت گهٽ ڪئ وڃي، يعني هڪ سڪي جي عيوض اڳوڻي مقرر ڪيل سون جي مقدار ۾ ڪمي آندي وڃي ته سڪي جو ملهه گهٽجي ويندو. جنهن مان مراد آهي ته ملڪي سڪي جو ملهه ٻاهرين ملڪن جي سڪن جي ڀيٽ ۾ گهٽجي ويندو. ٻين لفظن ۾ ايئن سمجھبو ته هاڻي ٻاهرين ملڪن جي سڪي جي بدلي ۾ اڳئين کان وڌيڪ سڪا ڏنا ويندا، جنهن ڪري لازمي طور درآمدات مهانگيون ٿي وينديون، هاڻي ساڳين شين جي گهرائڻ لاءِ اڳئين کان وڌيڪ رقم ڏني ويندي، برآمدات سستيون ٿي وينديون ۽ ٻاهرين ملڪن کي اڳين جي مقابلي ۾ ساڳين شين لاءِ گهٽ پئسا ڏيڻا پوندا. حقيقت ۾ هيءُ ئي هڪ اهڙو طريقو آهي جنهن سان آسانيءَ سان توازن ۾ ناهموزني دور ڪري سگهجي ٿي. هڪ ئي ڌڪ سان سڪي جي قيمت ۾ ڪمي اچڻ ڪري هڪ طرف ٻاهران گهرايل مال جون قيمتون چڙهي وينديون ۽ گهرايل مال ۾ ڪمي اچي ويندي، جنهنڪري ملڪ کي ٻاهرين ملڪ کي گهٽ ادائگي ڪرڻي پوندي. ٻئي طرف ٻاهرين ملڪن لاءِ شيون سستيون ٿيڻ ڪري روانگي مال کي هٿي ايندي، جنهن ڪري ڪمائي وڌندي، اهڙيءَ طرح گهٽ خريداري ۽ وڌيڪ وڪري ڪري توازن جي کوٽ جو پورائو ٿي سگهندو. هن طريقي مان فائدي سان گڏ نقصان به آهن، پهريائين هي طريقو رڳو تڏهن استعمال ڪبو آهي، جڏهن ملڪ لاءِ ٻيو ڪوبه چارو نه هوندو آهي، ڇو ته سڪي جو ملهه گهٽائڻ، ملڪ جي ناماچار کي ڌڪ رسائي ٿو ۽ اهڙي ملڪ جي ٻاهرين ملڪن ۾ ساک ڪري پوي ٿي، تنهن کانسواءِ جيڪڏهن هر هر قيمت گهٽائبي رهبي ته ڌارين ملڪن ۾ بدگماني جاڳندي ۽ ان ملڪ مان سندن اعتماد نڪري ويندو، جنهن ڪري سندس بين الاقوامي واپار خطري ۾ پئجي ويندو. ٻيو ته موجوده دور ۾ ڌارين سيڙپ عام آهي، شاهوڪار ملڪ يا اتي جا رهواسي ننڍن ترقي ڪندڙ ملڪن ۾ پنهنجي موڙي سيڙائيندا آهن، گهڻو ڪري هر ملڪ ۾ اهڙي سيڙپ جا مثال ملندا آهن. هاڻي جيڪڏهن اهڙو ملڪ هر وقت پنهنجي ناڻي جو ملهه بدلائيندو رهندو ته ممڪن آهي ته ان ڳالهه کي ناپسند ڪندي ٻاهرين ملڪن جا ماڻهو اڳتي لاءِ اتي پنهجي سيڙپ بند ڪري ڇڏين، جنهن ڪري ملڪ جي ترقيءَ جي راهه ۾ رڪاوٽ ٿيندي، ان ڪري سڪي جي قيمت کي گهٽائڻ وقت اهڙيءَ ڳالهه کي ذهن ۾ رکڻ گهرجي. سڪي جي ملهه گهٽائڻ ڪري هڪ ملڪ کي فائدو ٿيندو يا نه؟ انهيءَ جو مدار سندس شين جي ٻاهرين ملڪن ۾طلب جي لچڪ تي ۽ ملڪ اندر سندس شين جي رسد تي آهي، جيتري حد تائين سندس شيون سستيون هونديون، ٻاهرين ملڪن ۾ انهن شين جي طلب، قيمت گهٽجڻ ڪري نسبتي طور وڌيڪ ٿيندي، ته پوءِ کيس فائد ٿيندو. پر جيڪڏهن سندس شين جي طلب اڻلچڪيدار آهي ته پوءِ کيس نقصان پوندو. اڪثر ڏٺو ويو آهي ته ڪچو مال موڪليندڙ ملڪن کي ناڻي جي ملهه گهٽائڻ مان ڪو خاص فائدو ڪونه ٿو ٿئي، ڇاڪاڻ ته ڪچي مال جي ٻاهرين ملڪن ۾ طلب گهڻو ڪري اڻلچڪيدار هوندي آهي، مثال طور ڪچي سڻي ۽ ڪپهه ٻاهر موڪلي وڃي ٿي. هاڻي جيڪڏهن ناڻي جو ملهه گهٽايو وڃي ته انهن جي قيمت گهٽجي ويندي، پر انهن جي ٻاهرين ملڪن ۾ طلب ۾ اضافو نه ايندو، ڇو ته انهن تي هلندڙ مشينن جو تعدد مخصوص آهي ۽ رڳو ڪچي مال جي گهٽجڻ ڪري مشينن ۾ اضافو ڪونه ڪيو ويندو. ان ڪري انهن جي طلب جيتري هوندي اوتري ئي رهندي ۽ قيمت گهٽجڻ ڪري ڪچي مال جي طلب ڪانه وڌندي. تنهنڪري اهڙي ملڪ کي اٽلو ٽوٽو پوندو. باقي پڪو مال موڪليندڙ ملڪن کي ناڻي جي ملهه گهٽائڻ مان فائدو پوندو، ڇو ته انهن شين جي ٻاهرين ملڪن ۾ طلب گهڻي لچڪيدار آهي ۽ قيمت گهٽجڻ سان نسبتي طور تي طلب گهڻو وڌي ويندي. ان ڪري اهڙن ملڪن لاءِ هيءُ طريقو وڌيڪ مفيد آهي..ناڻي جي ملهه گهٽائڻ مان هڪ ٻيو به نقصان آهي، ٿي سگهي ٿو ته هڪ ملڪ کي ڏسي ٻيا ملڪ به ساڳئي وقت پنهنجن سڪن جي قيمتن ۾ ڪمي آڻين، اهڙي صورت ۾ پهرئين ملڪ کي ڪنهن به فائدي جي اميد نه رهدي، هن ڏس ۾ سوچي سمجهي قدم کڻجي نه ته فائدي بدرانن اٽلو نقصان رسندو.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب:بين الاقوامي اقتصاديات؛ ليکڪ: ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ؛ايڊيشن: ۱۹۷۰؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو