مواد ڏانھن هلو

ڊيلفي جو مندر

ڊيلفي
Δελφοί

پارناسس جي جبلن جي وچ ۾ ڊيلفي جي حد
مقام فوسز يونان
مقانيت 38°28′56″N 22°30′05″E / 38.4823°N 22.5013°E / 38.4823; 22.5013
قسم جڳھ
تاريخ
ثقافتون قديم يونان
سرڪاري نالو Archaeological Site of Delphi
قسم Cultural
معيار i, ii, iii, iv and vi
عهدو 1987 (12th session)
حوالا نمبر. 393
State Party Greece
Region Europe and North America
مکيه يوناني مقدس حدن جي وچ ۾ "ڊيلفي"

ڊيلفي (يوناني ٻولي: Δελφοί؛ انگريزي: Delphi؛ اچار: /ˈdɛlfi/ يا /ˈdɛlf/)، اڳ ۾ ڏند ڪٿائن ۾ "پٿو" (Πυθώ) به سڏيو ويندو هو، هڪ قديم مقدس حد، پارناسس جبل جي ڏکڻ-اولهه واري ڍلان تي هڪ حد بندي ٿيل علائقو، جتان قديم يوناني ڪلاسيڪل دنيا جو وڏو ڪاهن، "پٿا" (Pytha) رهندو هو، جنهن سان اهم فيصلن بابت صلاح مشورو ڪيو ويندو هو. قديم يونانين جو خيال هو ته دنيا جو مرڪز، (Pytho، يوناني: Πυθώ؛ پٿو يعني ناف) ڊيلفي ۾ آهي (هن جو نشان پٿر جي هڪ يادگار، "ڊيلفي جي اومفالوس" سان لڳل هو).

سيوڊا (Suda)، هڪ قديم يوناني انسائيڪلوپيڊيا، جي مطابق ڊيلفي پنهنجو نالو ڊيلفين، هڪ بلا، ناگن، ڊريڪائنا جيڪي اتي رهندي هئي ۽ يوناني ديوتا، "اپولو" پاران مارجي وئي (ٻين بيان ۾ بلا هڪ نر ناگ "ڊريڪون" هو). ڊيلفي مقدس حد، جيڪا پارناسس جبل جي ڏکڻ-اولهه واري ڍلان تي هڪ حد بندي ٿيل علائقي تي مشتمل آهي، هاڻي هڪ وسيع آثار قديمه وارو ماڳ آهي ۽ سال 1938ع کان وٺي پارناسس نيشنل پارڪ جو حصو آهي. هن حد کي يونيسڪو پاران عالمي ورثي جي ماڳ جي طور تي تسليم ڪيو ويو آهي ڇاڪاڻ ته اها قديم يوناني دنيا ۾ هڪ وڏو اثر رکندو هو، جيئن ته اتي تعمير ڪيل مختلف يادگارن مان ثبوت ملي ٿو جيڪي گهڻو ڪري اهم قديم يوناني شهري رياستن پاران ٺاهي ويون آهن ۽ انهن جي بنيادي قديم يوناني اتحاد (Hellenic Unity) جو مظاهرو ڪن ٿيون. مقدس حد جي ڀرسان ئي ساڳئي نالي جو هڪ قصبو يا ننڍڙو شهر موجود آهي.

پارناسس جبلن جي وچ ۾ ڊيلفي، مقدس حد
ڊيلفي جي مقدس حد ۾ يوناني مندر جا آثار، "ڊيلفي جا ٿولوس" (Delphic Tholos)

مقدس حد پارناسس جبل جي ڏکڻ-اولهه واري ڍلان تي هڪ حد بندي ٿيل علائقي تي قبضو ڪري ٿي. اهو هاڻي هڪ وسيع آثار قديمه وارو ماڳ آهي ۽ 1938ع کان وٺي پارناسس نيشنل پارڪ جو حصو آهي. جيئن ته ان جو قديم يوناني ڪلاسيڪل دنيا تي وڏو اثر هو، حد کي يونيسڪو پاران عالمي ورثي جي جڳهه طور تسليم ڪيو ويو آهي. مقدس حد جي ڀرسان ساڳئي نالي جو هڪ ننڍڙو جديد شهر آباد آهي.

نالا

[سنواريو]

ڊيلفي ۽ ڊيلفي جو علائقو

[سنواريو]

حد جا قديم آثار

[سنواريو]

حد جي جوڙجڪ ۽ تعميري نقشو

[سنواريو]

حد جي اصليت بابت ڍنڍ ڪٿائون

[سنواريو]

ڊيلفي جو سياڻو

[سنواريو]

تاريخ

[سنواريو]

يونان ڪنهن زماني ۾ تهذيب ۽ تمدن جو وڏو مرڪز هو، سڪندر جهڙن فاتحن کان وٺي افلاطون، ارسطو ۽ سقراط جهڙن فلسفين جو تعلق به هن ڌرتيءَ سان هو، يونان ۾ ڊيلفي ۾ هڪ مندر هو جتي مها راهبه اڳڪٿيون ڪندي هئي ۽ جيڪو به سوال پڇندو هو ته ان جو جواب ڏيندي هئي. اڄڪلهه ته اهو مندر کنڊر ٿيو پيو آهي پر ڪنهن زماني ۾ ان جي اهميت جوا ندازو ان مان لڳائي ٿو سگهجي ته سڪندي اعظم، نيرو ۽ڪروئسس جهڙا بادشاهه ۽ هومر جهڙا شاعر پڻ ان مندر جا چڪر لڳائڻ ۽ پنهنجي نصيب بابت پڇڻ ايندا هئا.

هڪ ڀيري ڊيلفي جي مندر ۾ سڪندراعظم پنهنجي مستقبل بابت پڇڻ آيو. ”مستقبل جي هٿن ۾ منهنجي لاءِ ڇا آهي.“ ”اي راهبه“ سڪندر اعظم رعبدار آواز ۾ چيو. هو سڄو زرهه پوش ٿيل هو ۽ سندس مٿي تي فولادي ٽوپلو هو. پِٿيا (راهبه) ڪنهن جي غلام ڪانهي. تون اپالو جي مندر ۾ بيٺو آهين ۽ هتي سڀ انسان هڪجهڙا آهن، ڀڄ هتان!“ پوڙهي جهور راهبه جواب ڏنس. ”هي اڳڪٿين ڪرڻ جو وقت ڪونهي.“ سڪندر ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي ويو ۽ پٿيا کي ٻانهن کان وڃي سوگهو ڪيائين، ”سڪندر لاءِ وقت جون پابنديون ڪا معنيٰ ڪونه ٿيون رکن. مون کي وڌيڪ ڪاوڙ نه ڏيار نه ته وڏو ڦڏو ٿيندو. هينئر جو هينئر مندر جي اندر وڃ ۽ ڏس ته منهنجي نصيب ۾ ڇا لکيل آهي.“ پٿيا جو بنهه ساهه سڪي ٿي ويو. هن ڳيت ڏئي چيو ”جيڪڏهن تون ڄاڻڻ چاهين ٿو ته ٻڌ! هن چيو، تون دنيا جو فاتح سڏبين، پر تون ڪنهن پرڏيهيءَ ملڪ ۾ مرندين. تون گهڻو نه جيئندين پر تنهنجا دشمن، تنهنجي نالي کي ادب سان وٺندا.“ وقت ثابت ڪيو ته پوڙهي راهبه صحيح اڳڪٿي ڪئي هئي.سڪندر ڪيتريون ئي جنگيون وڙهيون ڪيترائي ملڪ فتح ڪيا پر گهڻو قوت جي نه سگهيو. سڪندر ڪڏهن ڪڏهن افسوس ڪندي چوندو هو ته دنيا ۾ ڪو اهڙو ملڪ ئي ناهي رهيو جنهن کي هو فتح ڪري. هو ٽيهن سالن جي عمر ۾ ڦٽن خراب ٿيڻ ڪري بخار ۾ مري ويو.

يوناني تاريخ دانن موجب، ڊيلفي واري جڳهه چرندڙ ٻڪرين ذريعي هٿ ٿي. جڏهن ڌراڙ ٻڪرين کي انهيءَ جڳهه تي چارڻ ويندا هئا ته ٻڪريون اتان جو گاهه کائي بنهه عجيب عجيب حرڪتون ڪنديون هيون. هڪ ڀيري هڪ ڌراڙاتي چُر ۾ داخل ٿيو ته هڪدم اڳڪٿين ڪرڻ جي سگهه حاصل ڪري ورتائين ۽ ٻين ڌراڙن کي سندن مستقبل جو حال ٻڌائڻ لڳو. پوءِ جيڪو انهيءَ مخصوص چُر ۾ ٿي گهڙيو ته ان کي اڳڪٿين ڪرڻ جي قوت ملي ٿي ويئي آهستي آهستي اها ڳالهه هنڌين ماڳين مشهور ٿي ويئي ۽ پوءِ اتي مندر تعمير ڪيو ويو ۽ هڪ راهبه کي مقرر ڪيو ويو. جڏهن انهيءَ مندر ۾ اپالو ديوتا جي پوڄا ٿيڻ لڳي ته پوءِ راهبه کي پٿيا جو لقب ڏنو ويو.

پهرين پٿيا جو نالو فيموناءِ هو ۽ ان کي 700 ق.م. ۾ مقرر ڪيو ويو. ڪاهن، "پٿا" صرف ڪنواري ۽ نوجوان ڇوڪري ٿي سگهي ٿي ۽ اها روايت ايستائين هلندي رهي، جڏهن هڪ ڀيري هڪ دکدائڪ واقعو ٿيو.

ڪٿا جي مطابق، "هڪ نوجوان نالي اشقراط پنهنجي مستقبل جو حال ڄاڻن لاءِ ڊيلفي آيو. نوجوان ڪاهنه، پٿا کيس ٻڌايو ته هو هڪ جرم ڪندو ۽ ان جي سزا ۾ کيس قتل ڪيو ويندو. هن ان ئي وقت ان ڪاهنه سان زنا باالجبر ڪيو ۽ کيس ان ئي وقت قتل ڪيو ويو. ان واقعي کانپوءِ ڪاهنه صرف پنجاهه سالن کان وڏي عمر جي عورت کي بنايو ويندو هو.

روم جي هاڪاري بادشاهه، نيرو به سال 67 عيسويءَ ۾ ڊيلفي آيو. اتي پهچڻ لاءِ هن هڪ بنهه ڊگهي ۽ ٿڪائيندڙ مسافري ڪئي هئي. جيئن ئي نيرو مندر اندر گهڙيو ته ڪاهنه رڙيون ڪرڻ لڳي ۽ چيائينس، "ڀڄ هتان کان، پنهنجي ماءُ جا قاتل، ڀڄي وڃ ۽ 73 جي انگ کان خبردار رهجي".

نيرو تپي باهه ٿي ويو، هن حڪم ڏنو ته پٿا ۽ ٻين راهبن جا هٿ پير وڍي جيئرو دفن ڪيو وڃي. هن پوءِ سڄي مندر کي ڊهرائي پٽ ڪري ڇڏيو. نيرو سوچيو ته پٿا جو مطلب اهو هو ته هو 73 سالن جي ڄمار تائين جيئندو، پر بدقسمت نيرو کي اها خبر نه هئي ته پٿيا جو مطلب ڪجهه ٻيو هو. هو ٻي سال گالبا نالي هڪ بادشاهه هٿان قتل ٿي ويو، جنهن جي عمر 73 ورهيه هئي.

يونان جو نامياري شاعر، هومر، جيڪو نابينا هو، پڻ پنهنجي مستقبل جي خبر وٺڻ لاءِ ڊيلفي آيو. ڪاهنه کيس چيو؛

"انساني دنيا تو کي ڪڏهن به وساري نا سگهندي"

اها حقيقت آهي ته هومر کي سندس جنگي ڍنڍڪٿائن واري شاعري جي ڪتابون، "ايلبئڊ" (Ellaid) ۽ "اوڊيسي" (Odyssey) امر بنائي ڇڏيو.[1]

ڊيلفي پوء جي فن ۾

[سنواريو]

ڊيلفي پوء جي ادب ۾

[سنواريو]

گيلري

[سنواريو]

پڻ ڏسو

[سنواريو]

ٻاهريان ڳنڍڻا

[سنواريو]

Delphi سفري راهنما منجانب وڪي سفر Wikivoyage

سانچو:Ancient Greece topics سانچو:World Heritage Sites in Greece سانچو:Kallikratis-Central Greece سانچو:Delphi div

حوالا

[سنواريو]
  1. رسالو: سرتيون؛ جنوري 1994ع، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو.