ڊيلفي جو مندر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
ڊيلفي
Δελφοί
{{{imagealttext}}}
The Delphic Tholos, seen from above.
مقام فوسز يونان
جاگرافيائي بيھڪ 38°28′56″N 22°30′05″E / 38.4823°N 22.5013°E / 38.4823; 22.5013مڪانيت: 38°28′56″N 22°30′05″E / 38.4823°N 22.5013°E / 38.4823; 22.5013
قسم جڳھ
تاریخ
ثقافت قديم يونان

ڊيلفي جو مندر:Delphi: (/ˈdɛlf/ or /ˈdɛlfi/; يوناني ٻولي: Δελφοί {{IPA-el|ðe /ˈdɛlf/ or, in a more the Greek-like manner, as /ˈdɛlf/. يونان ڪنهن زماني ۾ تهذيب ۽ تمدن جو وڏو مرڪز هو، سڪندر جهڙن فاتحن کان وٺي افلاطون، ارسطو ۽ سقراط جهڙن فلسفين جو تعلق به هن ڌرتيءَ سان هو، يونان ۾ ڊيلفي ۾ هڪ مندر هو جتي مها راهبه اڳڪٿيون ڪندي هئي ۽ جيڪو به سوال پڇندو هو ته ان جو جواب ڏيندي هئي. اڄڪلهه ته اهو مندر کنڊر ٿيو پيو آهي پر ڪنهن زماني ۾ ان جي اهميت جوا ندازو ان مان لڳائي ٿو سگهجي ته سڪندي اعظم، نيرو ۽ڪروئسس جهڙا بادشاهه ۽ هومر جهڙا شاعر پڻ ان مندر جا چڪر لڳائڻ ۽ پنهنجي نصيب بابت پڇڻ ايندا هئا. هڪ ڀيري ڊيلفي جي مندر ۾ سڪندر اعظم پنهنجي مستقبل بابت پڇڻ آيو. ”مستقبل جي هٿن ۾ منهنجي لاءِ ڇا آهي.“ ”اي راهبه“ سڪندر اعظم رعبدار آواز ۾ چيو. هو سڄو زرهه پوش ٿيل هو ۽ سندس مٿي تي فولادي ٽوپلو هو. پِٿيا (راهبه) ڪنهن جي غلام ڪانهي. تون اپالو جي مندر ۾ بيٺو آهين ۽ هتي سڀ انسان هڪجهڙا آهن، ڀڄ هتان!“ پوڙهي جهور راهبه جواب ڏنس. ”هي اڳڪٿين ڪرڻ جو وقت ڪونهي.“ سڪندر ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي ويو ۽ پٿيا کي ٻانهن کان وڃي سوگهو ڪيائين، ”سڪندر لاءِ وقت جون پابنديون ڪا معنيٰ ڪونه ٿيون رکن. مون کي وڌيڪ ڪاوڙ نه ڏيار نه ته وڏو ڦڏو ٿيندو. هينئر جو هينئر مندر جي اندر وڃ ۽ ڏس ته منهنجي نصيب ۾ ڇا لکيل آهي.“ پٿيا جو بنهه ساهه سڪي ٿي ويو. هن ڳيت ڏئي چيو ”جيڪڏهن تون ڄاڻڻ چاهين ٿو ته ٻڌ! هن چيو، تون دنيا جو فاتح سڏبين، پر تون ڪنهن پرڏيهيءَ ملڪ ۾ مرندين. تون گهڻو نه جيئندين پر تنهنجا دشمن، تنهنجي نالي کي ادب سان وٺندا.“ وقت ثابت ڪيو ته پوڙهي راهبه صحيح اڳڪٿي ڪئي هئي.سڪندر ڪيتريون ئي جنگيون وڙهيون ڪيترائي ملڪ فتح ڪيا پر گهڻو قوت جي نه سگهيو. سڪندر ڪڏهن ڪڏهن افسوس ڪندي چوندو هو ته دنيا ۾ ڪو اهڙو ملڪ ئي ناهي رهيو جنهن کي هو فتح ڪري. هو ٽيهن سالن جي عمر ۾ ڦٽن خراب ٿيڻ ڪري بخار ۾ مري ويو. يوناني تاريخ دانن موجب، ڊيلفي واري جڳهه چرندڙ ٻڪرين ذريعي هٿ ٿي. جڏهن ڌراڙ ٻڪرين کي انهيءَ جڳهه تي چارڻ ويندا هئا ته ٻڪريون اتان جو گاهه کائي بنهه عجيب عجيب حرڪتون ڪنديون هيون. هڪ ڀيري هڪ ڌراڙاتي چُر ۾ داخل ٿيو ته هڪدم اڳڪٿين ڪرڻ جي سگهه حاصل ڪري ورتائين ۽ ٻين ڌراڙن کي سندن مستقبل جو حال ٻڌائڻ لڳو. پوءِ جيڪو انهيءَ مخصوص چُر ۾ ٿي گهڙيو ته ان کي اڳڪٿين ڪرڻ جي قوت ملي ٿي ويئي آهستي آهستي اها ڳالهه هنڌين ماڳين مشهور ٿي ويئي ۽ پوءِ اتي مندر تعمير ڪيو ويو ۽ هڪ راهبه کي مقرر ڪيو ويو. جڏهن انهيءَ مندر ۾ اپالو ديوتا جي پوڄا ٿيڻ لڳي ته پوءِ راهبه کي پٿيا جو لقب ڏنو ويو. پهرين پٿيا جو نالو فيموناءِ هو ۽ ان کي 700 ق. م ۾ مقرر ڪيو ويو. پٿيا صرف ڪنواري ۽ نوجوان ڇوڪري ٿي سگهي ٿي ۽ اها روايت ايستائين هلندي رهي جڏهن هڪ ڀيري هڪ دکدائڪ واقعو ٿيو. ٿيو ائين جو هڪ نوجوان نالي اشقراط پنهنجي مستقبل جو حال ڄاڻن لاءِ ڊيلفي آيو. نوجوان پٿيا کيس ٻڌايو ته هو هڪ جرم ڪندو ۽ ان جي سزا ۾ کيس قتل ڪيو ويندو. هن ان مهل ئي ان پٿيا سان زنا باالجبر ڪيو ۽ کيس ان مهل ئي قتل ڪيو ويو. ان واقعي کانپوءِ پٿيا صرف پنجاهه سالن کان وڏي عمر جي عورت کي بنايو ويندو هو. روم جي هاڪاري بادشاهه نيرو به سن 67 عيسويءَ ۾ ڊيلفي آيو. اتي پهچڻ لاءِ هن هڪ بنهه ڊگهي ۽ ٿڪائيندڙ مسافري ڪئي هئي. جيئن ئي نيرو مندر اندر گهڙيو ته پٺيان رڙيون ڪرڻ لڳي ۽ چيائينس، ”ڀڄ هتان، پنهنجي ماءُ جا قاتل، ڀڄي وڃ ۽733 جي انگ کان خبردار رهجان“ نيرو تپي باهه ٿي ويو. هن حڪم ڏنو ته پٿيا ۽ ٻين راهبن جا هٿ پير وڍي جيئرو دفن ڪيو وڃي. هن پوءِ سڄي مندر کي ڊهرائي پٽ ڪري ڇڏيو. نيرو سوچيو ته پٿيا جو مطلب اهو هو ته هو 73 سالن جي ڄمار تائين جيئندو پر بدقسمت نيرو کي اها خبر نه هئي ته پٿيا جو مطلب ڪجهه ٻيو هو. هو ٻي سال گالبا نالي هڪ بادشاهه هٿان قتل ٿي ويو جنهن جي عمر 73 ورهيه هئي. يونان جي نامياري شاعر هومر پڻ پنهنجي مستقبل جي خبر وٺڻ لاءِ ڊيلفي آيو. هومر انڌو هو. پٿيا کيس چيو ”انسان ذات توکي ڪڏهن به وساري نه سگهندي“ اها حقيقت آهي ته هومر کي سندس ڪتابن_البئڊ ۽ اوڊيسي_هميشه لاءِ لافاني بنائي ڇڏيو آهي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. {رسالو: سرتيون؛ جنوري 1994؛ پبلشر:سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو}