ڊاڪٽر عبدالرحيم ملڪ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

تعليمي ماهر، -استاد- ۽ محقق، پروفيسر ڊاڪٽر عبدالرحيم ملڪ، گهوٽڪيءَ ۾ 25 فيبروري 1941ع تي حاجي ڪريم بخش ملڪ جي گهر ۾ ڄائو. 1964ع ۾ بي. -ايس- سي ۽ 1965ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ايم. -ايس- سي ڪرڻ بعد، ساڳي ئي يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچرر مقرر ٿيو. پڙهائڻ سان گڏوگڏ 1970ع ۾ سڊني يونيورسٽيءَ مان پي. ايڇ. ڊي ڪيائين. ڪيترائي مضمون ۽ ڪتاب پڻ لکيا اٿس، -جن- ۾ ”دنيا جا قدرتي خطا“، ”بياباني -ٻوٽا-“، ۽ ”سامونڊي -ٻوٽا-“ مشهور آهن. -ان- کان سواءِ سندس ڪيترائي تحقيقي مضمون ڇپجي چڪا آهن. خيرپور ضلعي ۾ ”مينهن کان کجيءَ جي وڻن جي بچاءُ“ ۽ ”بياباني ٻوٽن جي مطالعي“ بابت ٻه وڏا تحقيقي ڪم سندس نگرانيءَ ۾ پورا ٿيا. جڏهن ته گهوٽڪيءَ ۾ سندس نگرانيءَ هيٺ ”ملڪ ايڊيوڪيشن سوسائٽيءَ“ طرفان ٻه ادارا ”اماره ماڊل هاءِ اسڪول“ ۽ ”اماره ايڊيوڪيشن ڪاليج“ قائم ڪيا ويا. پاڻ نئشنل بوڪ فائونڊيشن جو ڊائڪريٽر (79- 1973ع)، چيئرمئن مائڪرو بايولاجي (73-1972ع)، ڊائريڪٽر فئڪلٽي آف سائنسز، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي ۽ ٻين عهدن تي رهي چڪو آهي. ڊاڪٽرصاحب اين. بي. ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر جي حيثيت سان نيوزلئنڊ، جاپان، سنگاپور ۽ ٻين ملڪن جو دورو پڻ ڪري چڪو آهي. شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ وائيس چانسلر جي حيثيت سان خدمتون به سرانجام ڏئي چڪو آهي.[1]

حوالا[سنواريو]