ڊانگ ڊو تحريڪ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڊانگ ڊو تحريڪ يا ڊانگ ڊوو مومينٽ (Dong Du Movement) نالو ويٽنامي قومي آزاديءَ جي ابتدائي تحريڪ کي مليل آهي. ويٽنامي عالمن طرفان اِها تحريڪ 20 صديءَ جي شروعات ۾ بيٺڪي سرشتي خلاف وجود ۾ آئي. خاص طور ”جديد ويٽنام لاءِ ڀائيچاري واري تنظيم“ (Vietnam Modernization Association) اِن تحريڪ کي حقيقي بنياد فراهم ڪيو. هن تحريڪ جو بنيادي مقصد ويٽنامي نوجوان نسل کي پڙهائي، کين ملڪ تي ٿيل فرانسيسي قبضي خلاف جدوجهد ۾ ڪتب آڻڻ هو. انهيءَ حڪمت عمليءَ تحت ويٽنام جا ڪيترائي نوجوان جاپان وغيره ڏانهن تعليم حاصل ڪرڻ ويا. اِن تحريڪ جي مُک اڳواڻن ۾ ’فان بوُئي چائو‘، ’فان چُو ترنهه‘ ۽ ’ڪوانگ ڊي‘ جهڙا ويٽنامي دانشور پڻ شامل هئا. [1]

حوالا[سنواريو]

  1. سنڌي آنلائين ڊڪشنري[مئل ڳنڍڻو] پاران سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد