مواد ڏانھن هلو

ڊالي شھر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ڊالي

大理市
ووھوآ ٽاور
(Wuhua Tower)
ووھوآ ٽاور (Wuhua Tower)
ڊالي شھر جو مقام (گلابي رنگ ۾ ) ۽ ڊالي صوبائي گادي جو هنڌ (پيلو رنگ) يونان، چين سميت
ڊالي شھر جو مقام (گلابي رنگ ۾ ) ۽ ڊالي صوبائي گادي جو هنڌ (پيلو رنگ) يونان، چين سميت
ڊالي is located in Yunnan
ڊالي
ڊالي
يونان ۾ مقام
Coordinates: 25°36′N 100°16′E / 25.600°N 100.267°E / 25.600; 100.267
صوبويونان
خودمختيار پرفيڪچرڊالي
ايراضي
• ڪل1,468 چورس ڪلوميٽر (567 چورس ميل)
آبادي
 (2010)[1]
• ڪل652045
• ڪثافتauto في چورس ڪلوميٽر
وقتي علائقوUTC+8 (چين جو معياري وقت)
پوسٽل ڪوڊ
671003
علائقائي ڪوڊ0872
موسمCwb
ويب سائيٽwww.dali.gov.cn
Yunnan e-Portal

ڊالي (انگريزي: Dali City) چيني ٻولي ۾ ٽالي يا ٽالي فو چيني صوبي يونان (انگريزي: Yunnan) جي اتر اولھ ۾ واقع هڪ ڪائونٽي شھر آھي. شھر جو پراڻو حصو يونان صوبي جو سياحن لاءِ وندر جو سڀ کان وڏو مرڪز آھي جتي گھڻا قدرتي منظر آھن.[2]

جاگرافي

[سنواريو]

ڊالي شھر يونان صوبي جي الھندي پاسي ان صوبي جي گادي واري شهر ڪونمنگ جي اتر اولھ ۾ 250 ڪلوميٽرن جي فاصلي اوڀر تبت واري ۽ اولھ واري يونگئي واري ميداني علائقن جي وچ ۾ واقع آهي.

تاريخ

[سنواريو]

ڊالي شھر جو پراڻو نالو زئيمي (انگريزي: Xiemie) ھيو. پراڻو شھر وچولي دؤر يا اٺين ۽ نائين صديءَ ۾ بائي بادشاھت (انگريزي: Bai Kingdom) جو گاديءَ جو هنڌ ھيو. 937 کان 1253 تائين ڊالي شھر ڊالي بادشاھت جو پڻ گاديءَ جو هنڌ رھيو. پوء منگول يوئان گھراڻي جي بادشاھ ھن شھر کي فتح ڪري پورو شھر نيست و نابود ڪري ڇڏيو. موجوده پراڻو شھر چوڏهين صدي عيسويءَ ۾ منگ گھراڻي جي شھنشاھ ھونگوو(انگريزي: Hongwu) ٻيھر ٺھرايو ھو. ھتان جي ھوئي(انگريزي: Hui) ماڻھن جي آبادي جي اڪثريت مسلمان ٿي. منگ گھراڻي جي دؤر ۾ 1856 کان 1863 تائين ھي شھر چنگ ايمپائر جي خلاف پينٿي واري بغاوت جو مرڪز ھيو.1925 جي زلزلي ۾ھي شھر ڏاڍو متاثر ٿيو ھو [3]ھي شھر سرڪاري طور تي چين جي سياحتي مرڪزن ۾ شامل ڪيل آھي. [4]

تصويرون

[سنواريو]

حوالا

[سنواريو]
  1. City Population. "Dàlĭ Shì (County-level City)". 11 March 2017 تي حاصل ڪيل.
  2. "Dali Attractions". Travel China Guide. 17 December 2014 تي حاصل ڪيل.
  3. National Geophysical Data Center. "Comments for the Significant Earthquake". 31 July 2012 تي حاصل ڪيل.
  4. "Tourism City", China National Tourism Administration, CNTA Information Center, 2007, اصل نسخو مان 2017-01-10 تي محفوظ ڪيل, 2018-11-13 تي حاصل ڪيل {{citation}}: Unknown parameter |dead-url= ignored (|url-status= suggested) (مدد)