ڇھ سٽا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڇھ سٽو (Sestet) ڇهن سٽن تي مشتمل شعري صنف قديم روايتي شاعريءَ ۾ ’مسدس‘ ڇهن سٽن جي بندن تي مشتمل نظم هوندو هو. ’ڇھ سٽا‘، ’مسدس’ کان هٽيل شعري صنف آهي. مسدس واري گهاڙيٽي ۾ طويل نظم ٿين ٿا. جڏهن تہ ”ڇھ سٽا“ جي صنف ۾ طويل توڙي الڳ الڳ نظم بہ لکيا وڃن ٿا. سنڌيءَ ۾ شيخ اياز (1923-1997ع)جي شاعريءَ جي مجموعي ”رڻ تي رم جهم“ ۾ ڇھ سٽي جي گهاڙيٽي ۾ طويل نظم به موجود آهي. جڏهن تہ انفرادي ڇھ سٽا بہ ملن ٿا.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.