ڇٻر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڇٻر ڍنڍن، پاڻيءَ وارين جاين تي پکڙندڙ گاه جو قسم آهي.

ڇٻر

طب[سنواريو]

اثر: سرد خشڪ 1، نقصان: سرد مزاجن کي، ميل: مصري، عيوض: ___، وزن: هڪ تولو.

هن کي پاڻيءَ ۾ ڪاڙهي پيارجي تہ پيشاب جاري ڪندو، مثاني ۽ گردي جي پٿريءَ کي ڪڍندو، مثاني جي ڦٽ، آلت جي ڦٽ، گرم پتن، سلهه، نانگ جي زهر لاءِ مفيد آهي، ڇتي ڪتي جي ڇڪ کان ٿيل ڦٽ تي هن جي خاڪ ترن جي تيل ۾ گڏي رکجي ۽ اهو تيل موڪن، بواسير جي رت مقعد جي سوڄ، ڦٽن ۽ ڦرڙين لاءِ سٺو مرهم آهي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: فرھنگ جعفري؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ ايڊيشن: 2007ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌ