ڇيڄ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان


ڇيڄ ___(Marriage Dance):

شاعريءَ جو هڪ قسم، جيڪو سادو ۽ وڻندڙ هوندو آهي. ان ۾ سونهن جي ڀيٽ به ڪئي ويندي آهي. شيخ اياز پرينءَ جي سونهن جو بيان هن ”ڇيڄ“ ذريعي ڪيو آهي. ان ڇيڄ تي نرتيه به ڪري سگهجي ٿو. اڙي چنڊ، اڙي چنڊ، پرين تو ته ڏٺو ناهه، سندس روپ سندس رنگ، ائين آهه جِئين تون! اڙي رات اڙي رات، پرين تو ته ڏٺو ناهه، سندس وار سندس ونگ، ائين آهه جِئين تون! اڙي ڦول اڙي ڦول، پرين تو ته ڏٺو ناهه، سندس رنگ سندس انگ، ائين آهه جِئين تون! اڙي هير اڙي هير، پرين تو ته ڏٺو ناهه، سندس ساٿ سندس سنگ، ائين آهه جِئين تون! [1]

حوالا[سنواريو]

  1. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي

سانچو:Uncategorized