ڇوهه ڇنڊڻ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڇوهه ڇنڊڻ (Chhoh chhandann) يا تنقيد (Criticism) لفظَ جو بنياد نقد آهي، جنهن جي معنا آهي ’ملهه‘. ادب جي ملهه ڪٿڻ لاءِ ڪيل پرک کي ادبي تنقيد (Literary Criticism) چئبو آهي. ادبي تنقيد جي شروعات يونان (Greece) کان ٿي، جنهن موجب تنقيد جو مطلب اھي فيصلو يا ”فتوا” (Judgment) ڏيڻ هو. تنقيد جي لغوي معنيٰ آهي پرکڻ يعني خامين ۽ خوبين جو بيان ڪرڻ. تنقيد انهيءَ عبارت کي ٿو ڪوٺجي، جنهن مان ڪنهن به تخليق جي خوبين ۽ خامين کي ڄاتو ۽ سمجهيو وڃي: ائين ادبي تنقيد مان مراد، ڪنهن ادبي لکڻيءَ کي پڙهڻ کانپوءِ، ان تي سوچي، ويچاري، ان جي ادبي ڪٿ ڪرڻ آهي. تنقيد ۾ غور سان ڏسڻ ۽ دليل وڏي اهميت رکن ٿا. ادبي تنقيد، ادب ۾ تمام وڏو ڪردار ادا ڪري ٿي، سڀ کان پھرين تنقيد وسيلي معياري ادب ۽ غير معياري ادب جي فرق جي خبر پوي ٿي. ادبي تنقيد رستي زبان ۽ ادب جي زوال ۽ قدرن جا سبب معلوم ٿي سگھن ٿا. تنقيد سان ادبي تحريڪون شروع ٿين ٿيون. تنقيد رستي خبر پوي ٿي ته مختلف دؤرن ۾ ادب ۾ ڪھڙا لاڙا ھئا. ادبي تنقيد جي وسيلي ئي سٺا اديب پيدا ڪري سگھجن ٿا. [1]


حوالا[سنواريو]