ڇن

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ڇن جي داخلي ساخت

ڇِنُ يا نرو لهي پوڻ کي ميڊيڪل سائنس ۾ هرنيا (Hernia) چئبو آهي. ’هرنيا‘ لفظ جي معنيٰ آهي ”هڪ عضوي جو مختلف سببن ڪري ڀرواري عضوي ۾ داخل ٿي وڃڻ“، يا ”هڪ عضوي يا عضوي جي ڪمزور حصي جي ڦاٽي پوڻ ۾ ٻيو ڀر وارو عضوو يا ان عضوي جو ڪجهه حصو ان ۾ داخل ٿي وڃي ته ان کي هرنيا چئبو آهي. ان کانسواءِ پيٽ جي ڀت جي اندرئين پاسي واريون مشڪون، مُچو ڪري مريض جي جسم جي ڪنهن به قدرتي سوراخ ”ُOrifices“ يا ڦاٽل حصي ۾ گهڙي وڃن ته اُن کي سنڌيءَ ۾ ڇن چوندا آهن. طب جي حوالي سان ڇن جي ميڊيڪل سائنس واري ساڳي معنيٰ وڃي بيهي ٿي، يعني ’ڇڄي پوڻ‘. ان کي عام طرح ’نرو لهڻ‘ به چوندا آهن.

ڇن جا قسم[سنواريو]

ڇن جا هيٺيان قسم ٿين ٿا:

  • (1) معدي جو ڇن
  • (Hiatus/ Diaphragmatic) (2) نري جو ڇن
  • (Inguinal Hernia) (3) دن جو ڇن
  • (Umblical Hernia) (4) پيٽ جي (شڪمي) پردي جو ڇن
  • (Peritoneal Hernia) (5) ران (سٿر) جو ڇن (Femoral Hernia).

معدي جو ڇن[سنواريو]

هن قسم جو ڇن مردن جي مـقـابـلـي ۾ عورتن کي وڌيڪ ٿيندو آهي. انـسـان جي ڀانڊي (Thorax) جي هيٺيان ۽ معدي جي مٿان يعني ڪوڙي يا سيني جي تاڪيءَ جي هيٺيان هڪ ٿـلهـو مـشڪـي تهه (Diaphragm) ٿئي ٿو. ان مشڪي تهه وٽان مـٿـي ڀانڊي ۽ کاڌي جي ناليءَ Oesophagus ڏي وڃڻ لاءِ ڪيترا لنگهه آهن، جتان سڄو معدو يا معدي جو ڪجهه حصو ڀانڊي Thorax، يا کاڌي جي نالي Oesophagus ۾ هليا ويندا آهن. ان کي معدي جو ڇن چئبو آهي. هي ٿلهين ۽ ڦيڦين عورتن کي وڌيڪ ٿيندو آهي.

نري جو ڇن[سنواريو]

هيءُ ڇن جو عام قسم آهي. هي ڇن ٻالڪپڻ کان وٺي وڏيءَ عمر تائين عمر جي ڪنهن به حصي ۾ ٿي سگهي ٿو. عورتن جي ڀيٽ ۾ مردن کي وڌيڪ ٿيندو آهي. ڇن جا ٻه قسم ٿين ٿا: هڪ پيٽ جي ٻنهي پاسن جي بلڪل هيٺ واري جاءِ جنهن کي نرو (Inguin/ Groin) چئبو آهي. عورت توڙي مرد جي نري واري جاءِ بنهه ڪمزور ۽ نرم هوندي آهي، ان ڪري هي هنڌ ڇڄي پوندو آهي. جتان آنڊو يا پيٽ جي جهلي (Pretoneum) ٿيلهيءَ جي شڪل (Sac) ۾ نري جي ناليءَ (Inguinal Canal) وٽ منهن ۾ گهڙي سوڄ ڪري بيهندا آهن، ان کي ترڪندڙ ڇن (Inguinal Hernia) چئبو آهي.

دُن جو ڇن[سنواريو]

هن ڇن جا به ٻه قسم ٿين ٿا:

  • (I) پيدائشي نقص وارو دن جو ڇن (Congenital Umblical Hernia): هن قسم جو ڇن ٻار کي تڏهن ٿيندو آهي، جڏهن ٻار اڃا ماءُ جي پيٽ ۾ هوندو آهي ته ان عرصي دوران اوَر (Placenta) جي رت جون ناڙيون ٻار جي دن ۾ گهڙي وينديون آهن، نتيجي طور ٻار جو دُنُ سُڄي ۽ ڦوڪجي ويندو آهي.
  • (II) پنهنجي پاڻ مان دن جو ڇن ٿيڻ (Acquired Umblical Hernia): هن قسم جي دن جو ڇن عورتن ئي کي ٿيندو آهي. عورت جي آنڊي جو حصو سندس دن جي خال (Cavity) ۾ هليو ويندو آهي، نتيجي طور مريض عورت جو دن ڦوڪجي ويندو آهي.

پيٽ جي (شڪمي) پردي جو ڇن[سنواريو]

هن ڇن ۾ ڪڏهن آنڊو، معدي ۽ جيري جي وچ واري حصي، (Foramen of Winslow) ۾ گهڙي ويندو آهي.

سٿرن (ران) جو ڇن[سنواريو]

هي ڇن مردن کان وڌيڪ عورتن کي ٿيندو آهي، جنهن ۾ نِهائينءَ (Pelvic) جي ڪنهن به پاسي وٽان سٿر جي ڪمزور جاءِ ۾ آنڊو، نهائينءَ جي چمڙيءَ جي ڇهه، ران جي شريان، ران جي نس (رڳ) يا لعابي نس گهڙي ويندي آهي.

احتياطي اپاءَ[سنواريو]

  • (Preventive Measures): (1) نري جي ڇن جي صورت ۾ سور ۽ سوڄ واري جاءِ وٽ ڇن جو پٽو (Truss) ٻڌڻ گهرجي.
  • (2) جسماني محنت ۽ مشقت جو ڪم گهٽ ڪجي يا احتياط سان ڪجي.
  • (3) سٽ ڏيئي ڪا شيءِ نه کڻجي، نه گهڻو وزن کڻجي.
  • (4) مرد توڙي عورتن کي اوڪڙو ويهي ڪم ڪار ڪرڻ نه گهرجي.
  • (5) گهوڙي سواري نه ڪرڻ گهرجي نه وري سائيڪل هلائڻ گهرجي، نه ئي ڇن واري طرف (سور جي حالت ۾) موٽرسائيڪل کي ڪِڪ (Kick) هڻڻ گهرجي.
  • (6) ڇن جي حالت ۾ ڪثرت / ورزش نه ڪرڻ گهرجي نه وري اهڙي راند ڪرڻ گهرجي جنهن ۾ ڊوڙڻ ۽ ٽپا (ٻڌ) ڏيڻا پون.
  • (7) ننڊ مان سمهي اُٿڻ تي آهستي آهستي ڪري سور واري پاسي اٿجي، جيئن ڇن واري جاءِ وٽ مشڪن کي ڇِڪ يا سٽ نه اچي.[1]

حوالو[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد چوٿون، ڇپيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي (ISBN: 978-969-9098-80-2) سال: 2012