ڇت

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڇت--(Roof)

انسان، جاندارن ۽ قيمتي سامان وغيرھ کي اس، مينھن ۽ ٻين موسمي اثرن کان بچائڻ لاءِ ڪنھن وٿاڻ (Enclosure) يا چؤديواريءَ مٿان مھيا ڪيل ڪنھن بھ قسم جي ڍڪ کي ڇت چئجي ٿو، يا ٻئي نموني ائين بھ چئي سگھجي ٿو تھ ڇت جڳھھ جو اھو اھم حصو آھي جيڪو اس، مينھن ۽ ٻين موسمي اثرن ۽ چوري چڪاريءَ کان محفوظ رکي ٿو.

چيڪ ريپبلڪ ۾ گرجا گھرن جون ڇتيون
ميڪسيڪو جي ھڪ علائقي ۾ ڇتيون
مڊگاسڪر جي شھر انتاناناريوو ۾ ڇتيون

ڇتين جا قسم[سنواريو]

ڇتين جا ڪيترائي قسم آھن، جھڙوڪ؛ (i) سڌيون ڇتيون (Flat Roofs) (ii) سلاميءَ واريون ڇتيون (Sloped Roofs) (iii) ھڪ طرف سلاميءَ واريون ڇتيون (iv) ٻئي طرف سلاميءَ واريون نوڪدار ڇتيون (v) ھپ روف (Hip Roof) (vi) گئمبريل روف (Gambrel Roof) (vii) مانسرڊ روف (Mansard Roof) (viii) ڊيڪ روف (Deck Roof) (ix) ڪارائيءَ جي ڏندن وانگر ”سا ٽٿ روف“ (Saw Tooth Roof) ڇتين جي ڪن مختلف قسمن جو تفصيلوار بيان ھيٺ ڏجي ٿو.

سڌيون ڇتيون[سنواريو]

عام طرح سان اڄ ڪلھ رھائشي جاين لاءِ سڌين ڇتين کي وڌيڪ پسند ڪيو وڃي ٿو، ڇاڪاڻ تھ ھن قسم جي ڇتين کي سولائيءَ سان باھھ روڪ (Fire Proof) بڻائي سگھجي ٿو. ازنسواءِ ھن قسم جي ڇتين کي مٽيءَ جو تھھ ڏيئي سولائيءَ سان ٿڌو رکي سگھجي ٿو. تعميراتي طريقن جي لحاظ کان ھن قسم جي ڇتين کي ترتيب وار ھيٺئين ريت ورھائي سگھجي ٿو. (i) آر-سي-سيءَ جون ڇتيون (R.C.C Flat Roofs) (ii) درجھ اول ٽائيل ڇتيون (First class tile roofing) (iii) رينفورسڊ برڪ جون ڇتيون (Reinforced Brick Roofs) (iv) درجھ دوم ٽائيل ڇتيون (Second class tile roofing) (v) جئڪ ڪمان ڇتيون (Jack Arch Roofing) (vi) ڪاٺ جي تختن جون سڌيون ڇتيون (Wooden flat Roofs) مٿي ڄاڻايل قسم جي ڇتين مان ڪن خاص ۽ گھڻو استعمال ٿيندڙ ڇتين جو تفصيلوار بيان ھيٺ ڏجي ٿو.

آر-سي-سيءَ جون سڌيون ڇتيون[سنواريو]

(Reinforced cement concrete flat roofs) : ھن قسم جي ڇتين جو استعمال اڄڪلھھ عام ۽ مقبول ٿي چڪو آھي ۽ گھڻ منزلھ عمارتن لاءِ ڪارآمد پڻ آھي. ھن قسم جي ڇت کي ٿڌو رکڻ لاءِ عام طرح سان گرم علائقن ۾ ٽن انچن کان چئن انچن تائين مٽيءَ جو تھھ ڏيئي انھيءَ جي مٿان گاري جو پلستر (Mud Pluster) يا سيمينٽ ۽ ريتيءَ جي مسالي سان سرن جون ٽائيلون مضبوطيءَ سان لڳايون وينديون آھن ۽ انھيءَ ڳالھھ جو خاص خيال رکيو ويندو آھي تھ ھر جوڙ ۾ مسالو چڱيءَ طرح لڳايو وڃي جيئن برسات ۽ موسمي اثرن سبب کلي نھ وڃي. جوڙن بعد درزون چڱيءَ طرح ورتيون وينديون آھن. انھيءَ ڳالھھ جو پڻ خيال ڪيو ويندو آھي تھ پاڻي ڪھڙي بھ ريت ڇت تي بيٺل نھ رھي. ڇت جي سلامي احتياط سان رکي ويندي آھي ۽ فالتو مسالو، سرن جا ٽڪرا ۽ ٻيو اھڙي قسم جو گند ۽ ڪچرو صاف ڪري اڇليو ويندو آھي. جيڪڏھن ڇت تمام وڏي آھي تھ انھيءَ کي مختلف حصن ۾ ورھائي سلامي ڏني ويندي آھي. تقريبا 1:60 کان 1:40 جي تناسب جي سلامي مناسب سمجھي ويندي آھي. ڇتين کي پاڻيءَ روڪ بڻائڻ (Water proofing flat roofs) ڇتين کي پاڻيءَ روڪ بڻائڻ لاءِ انھيءَ جي مٿين سطح (Surface) کي عام طرح سان صاف ڪري انھيءَ کي چڱيءَ طرح سڪايو ويندو آھي، انھيءَ کان پوءِ ڏامر (Bitumen) کي (190.56o C) 375o F ۽ (204.44o C) 400o F گرمي جي درجي تائين پگھاري سطح جي مٿان ٻن عليحده تھن جي صورت ۾ پوريءَ طرح پٿاريون ويندو آھي، جيئن ٻنھي تھن جي مجموعي ٿولھھ 1/16 انچ بيھي. اھڙيءَ صورت ۾ 100 مربع فوٽن تي 34 پائونڊ ڏامر استعمال ٿيندو آھي. انھيءَ بعد ڏامر جي مٿان جابلو ريتيءَ جو ھلڪو تھھ ڏنو ويندو آھي، اھڙي طرح جيئن 100 مربع فوٽن تي ھڪ مڪعب فوٽ جابلو ريتي استعمال ٿئي، انھيءَ بعد گھربل اوچائي4 ۾ مٽي ڀري انھيءَ مٿان مٽيءَ جي گاري جو پلستر يا سرن جي ٽائيلن جو تھھ ڏنو ويندو آھي. ڏامر جي مٿان جابلو ريتيءَ جو ڇڻڪار انھيءَ ڪري ڪيو ويندو آھي، جيئن اھو ڏامر جي تھھ کي مٽيءَ جي تھ کان جدا رکي. درجہ اول ٽائيل ڇتين (First class tile roofing) ۽ درجھ دوم ٽائيل ڇتين (Second class tile roofing) جي صورت ۾ ڏامر جو تھھ سرن يا ٽائيل مٿان لڳايل سيمينٽ پلستر جي مڪمل ترائيءَ ۽ انھيءَ جي چڱيءَ طرح سڪڻ بعد ڏنو ويندو آھي ۽ آر-سي-سيءَ جي سلئب جي صورت ۾ پڻ انھيءَ جي مڪمل ترائي ۽ چڱيءَ طرح سڪڻ بعد ڏنو ويندو آھي. انھيءَ کان علاوھ ڇتين کي پاڻيءَ روڪ بڻائڻ لاءِ ٻيو اھو بھ طريقو آھي تھ ڏامر جي بجاءِ 04 يا 05 گيج جي شفاف پلاسٽڪ يا پاليٿين چادر (04/05 Guage polythene sheet) استعمال ڪجي. انھيءَ صورت ۾ انھيءَ ڳالھھ جو چڱيءَ طرح خيال رکڻو آھي تھ اھا پاليٿين جي چادر ڪنھن بھ ھنڌان ڦاٽل نھ ھجي ۽ گھڻي ايراضيءَ جي حالت ۾ سلاميءَ جي طرف اھي شيٽون يا چادرون ھڪ ٻئي مٿان چڱيءَ طرح چڙھيل (Over-laped) ھئڻ کپن. اھي شيٽون ڇت جي مٿان تيڪي (Parapet wall) جي ھيٺ تائين ھئڻ گھرجن ٻيءَ صورت ۾ جيڪڏھن شيٽ کي صرف تيڪي تائين ڇڏيو ويندو تھ برسات جو پاڻي تيڪي جي ھيٺان لنگھڻ جي ڪوشش ڪندو ۽ ڇت کي نقصان پھچائيندو، پاليٿين پلاسٽڪ ھڪ ھڪ نباتاتي مرڪب آھي ۽ انھيءَ ۾ عمر ڀر جٽاءُ ۽ پائيداريءَ جي خاصيت آھي. ھن تي تيزابيت (Acid) ۽ چانيھي يا کار (Alkali) جو اثر نھ ٿو ٿئي. پاڻيءَ کي ٽمڻ (Water proofing) کان روڪڻ لاءِ ڏامر جي ٺھيل ٺڪيل چادر جنھن کي بٽومين فيلٽ (Bitumen felt) سڏيو وڃي ٿو، انھيءَ جو بھ استعمال ڪيو ويندو آھي ۽ اھا ڪنھن بھ شڪل يا ڊؤل جي ڇت ۽ بناوت لاءِ استعمال ڪري سگھجي ٿي. ھيٺ ڏنل فھرست ۾ مختلف قسمن جي بٽومين فيلٽ ۽ انھيءَ جي گھٽ ۾ گھٽ تور ڄاڻايل آھي.

درجہ اول ٽائيل ڇتيون[سنواريو]

(First class tile roofing)

ھن قسم جون ڇتيون آر-سي-سي، ڪاٺ يا لوھھ جي ڪامن،، پٽين، ٽيئرن ۽ گرڊرن مٿان 12"x6"x1 1/4" جي سائيز جي سرن جي ٽائيلن جا ٻھ تھھ ڏيئي ٺاھيون وينديون آھن. ھن قسم جي ڇتين جي تعمير ھيٺئين ريت ڪئي ويندي آھي؛ (i) سرن جي ٽائيلن جو پھريون تھھ، پٽين مٿان جيڪي 12" جي پور وڇوٽيءَ تي ڪامن مٿان (يا لوھھ جي گرڊرن مٿان ٽيئر رکي) رکيون وينديون آھن، 1:6 جي تناسب ۾ سيمينٽ ۽ جابلو ريتيءَ جي مسالي سان يا 1:2 جي تناسب ۾ چن ۽ سرخيءَ جي گچ سان لڳايو ويندو آھي. انھيءَ ڳالھھ جو خاص خيال رکيو ويندو آھي تھ ھر ھڪ جوڙ ۾ مسالو چڱيءَ طرح لڳل ھجي. (ii) سرن جي پھرئين تھھ مٿان اڌ انچ جي ٿولھھ ۾ 1:6 جي تناسب جو سيمينٽ پلستر چاڙھي انھيءَ بعد ٽائيلن جو ٻيو تھھ مٿي ڄاڻايل طريقي سان چاڙھيو ويندو آھي پر خاص طرح سان اھو خيال ڪيو ويندو آھي تھ سرن جي ٻئي تھھ جا جوڙ پھرئين تھھ جي جوڙن سان نھ ملن بلڪ انھن جوڙن جي ابتڙ ھجن. ائين ڪرڻ سان مٿئين تھھ جا جوڙ ھيٺئين تھھ جي جوڙن سان نھ ملندا ۽ ڇت ٽمڻ (Leakage) جو امڪان گھٽ رھندو. (iii) ٽائيلن جي ٻئي تھھ مٿان اڌ انچ جو 1:6 جي تناسب وارو سيمينٽ پلستر چاڙھيو ويندو آھي (iv) بعد ۾ سيمينٽ پلستر جي مٿان ڏامر جو تھھ (مٿي ڄاڻايل طريقي سان) چاڙھي، انھيءَ جي مٿان جابلو ريتي ڇٽي ويندي آھي، جيئن ڇت پاڻيءَ روڪ ٿي. (v) انھيءَ بعد ڇت کي ٿڌو رکڻ لاءِ ٽن کان چئن انچن جي ٿولھھ ۾ مٽيءَ (جيڪا ڪلر ۽ ٻئي گند ڪچري کان پاڪ ۽ صاف ھجي) جو تھھ ڀري، انھيءَ مٿان ھڪ انچ جو مٽيءَ جي گادي جو پلستر ڪري، انھيءَ جي مٿان ڇيڻي جي ليپائي ڪبي آھي. سرن جي ڀتين جي مٿان ۽ گرڊرن جي ھيٺان لوھھ جي بيڊ پليٽ ڏيڻ تمام ضروري آھي، جيئن گرڊرن جي بار سبب ڀتين جا گرڊر سان ملندڙ حصا ڪمزور ٿي، ٽائيم گذرڻ سان جھڪاءُ آڻي، نقصان نھ پھچائين. گرڊرن ۽ ٽيئرن جي صورت ۾ کين ڇت تي چاڙھڻ کان پھرين سنڌور (Red Oxide) جي پينٽ جو تھھ ڏيئي، سڪائي پوءِ انھيءَ مٿان انئمل پينٽ جا ٻھ تھھ چاڙھي پوءِ ڀتين مٿان چاڙھجن، جيئن انھن مٿان ڪٽ (Rust) سولائيءَ سان نھ چڙھي. جيڪڏھن ائين نھ ڪبو تھ ٽائيلن چاڙھڻ بعد گرڊرن ۽ ٽيئرن جا صرف ھيٺيان حصا پينٽ ڪري سگھبا ۽ ٻيا دٻيل حصا پينٽ بنا رھجي وڃڻ جي حالت ۾ وقت گذرڻ سان ڪٽبا ويندا ۽ نتيجي ۾ اھي تمام گھٽ ٽائيم ھلندا. نتيجي ۾ ڇت تي ڪيل سمورو ڪم ايترو پائيدار نھ ٿيندو ۽ ٺھيل ڇت پنھنجي ٽائيم کان اڳ ۾ بدلائڻي پوندي. ڇيڙن وارين ديوارن جي اندرين حصن ۽ پٽين يا ٽيئرن جي وچ ۾ 3 انچن کان 9 انچن جو مفاصلو ھئڻ گھرجي. ڇت جي ٽيڪي جي ديوار مٿان گولو (Drip Course) ڏيڻ ضروري آھي، جيئن مينھن جو پاڻي انھيءَ کي نقصان نھ پھچائي


درجہ دوم ٽائيلن جون ڇتيون[سنواريو]

(Second class tile roofing)

ھن قسم جي ڇت جي تعمير پڻ درجھ اول ڇت جي تعمير وانگرگ ٿيندي آھي. فرق صرف اھو آھي تھ ھن قسم جي ڇت ۾ ٽائيلن جو صرف ھڪ تھھ چاڙھيو ويندو آھي ۽ ڊرپ ڪورس جي بجاءِ سيمينٽ ڪانڪريٽ جو گولو (C.C. Coping) ڏنو ويندو آھي.

جئڪ آرچ ڇتيون[سنواريو]

(Jack Arch Roofing)

ھن قسم جي ڇت ۾ سرن يا سيمينٽ ڪانڪريٽ جون ڪمانيون (Arches) تعمير ڪيون وينديون آھن ۽ انھن ڪمانن جا ڇيڙا پالتو لوھھ (Mild Steel) جي ڪامن (Joists) مٿان رکيا ويندا آھن ۽ جئائسٽ وري ديوارن يا بيمن تي ٽڪيل ھوندا آھن.جئائسٽ 30 انچن کان 45 انچن جي مفاصلي تي رکيل ھوندا آھن. ڪانڪريٽ جي ٿولھھ ڪمانيءَ جي چوٽيءَ (Crown) وٽ گھٽ ۾ گھٽ 6 انچ ھئڻ گھرجي ۽ ڪمانيءَ جي بلندي ھن قسم جي ڇت ۾ اھا خامي آھي تھ اھا سڌي سطح (Plain Surface) نٿي رھي. آخري ڇيڙن وارن حصن کي افقي ڇڪ (Horizontal thrust) کان روڪڻ لاءِ لوھھ جي جئائسٽ جي ٻاھرين جوڙن (Pairs) وٽ ٻنڌ سيخون (Tie rods) لڳايون وينديون آھن. ٽاءِ راڊس 6 فوٽن جي مرڪزي (6 feet centre to centre) مفاصلي تي ھئڻ گھرجن. جئڪ آرچن جا گھيرا (Rings) اڀ سرا (Brick on edge) يا سڌين سرن (Bricks on flat) جا ھئڻ گھرجن.

رينفورسڊ برڪ ڇتيون[سنواريو]

(Reinforced Brick Roofs) ھي ڇتيون پڻ آر-سي-سيءَ جي ڇتين وانگر ۽ سڌيون ھونديون آھن، فرق صرف اھو ھوندو آھي جو سيمينٽ ڪانڪريٽ جي جاءِ تي سرون استعمال ڪيون وينديون آھن. سرن ۾ ڇت جي ڊيگھھ ۽ ويڪر جي طرف لڳاتار جوڙ ڇڏيا ويندا آھن ۽ انھن جوڙن ۾ ڊزائن مطابق لوھھ جو سريو استعمال ڪيو ويندو آھي. جوڙن جي ٿولھھ ٽي ڀاڱي چار انچ رکي ويندي آھي، جنھن اندر سيمينٽ ۽ ريتيءَ جو مسالو ڀريو ويندو آھي. جيڪڏھن جوڙن کي سيمينٽ ڪانڪريٽ سان ڀرڻو ھجي تھ انھيءَ صورت ۾ جوڙن جي ٿولھھ ڏيڍ انچ کان ٻن انچن تائين رکڻ گھرجي. مکيھ سريو (Main reinforcement) ٿوري فاصلي طرف ۽ ورڇيندڙ سريو (Distribution bars) وڌيڪ فاصلي طرف وجھڻ گھرجي ۽ ورڇيندر سريو مکيھ سريي جي مٿان لڳائڻ گھرجي. رينفورسڊ برڪ جي ڪم جي ٿولھھ ھڪ سر جي ٿولھھ کان ٻن سرن جي ٿولھھ تائين ھئڻ گھرجي. ٻيءَ صورت ۾ وڌيڪ ٿولھھ واري ڇت نھايت ئي مھانگي پوندي. ڇت جي مٿان ٻيو سمورو ڪم ائين ڪرڻ گھرجي جيئن آر-سي-سيءَ جي ڇت لاءِ ڄاڻايل آھي. ھن قسم جون ڇتيون ڀروسي جھڙيون نھ ٿيون رھن ۽ انھيءَ سبب ڪري گھٽ استعمال ٿين ٿي

ڇپرن واري يا ڪکائين ڇت[سنواريو]

(Thatched roof) ھن قسم جون ڇتيون عام طرح سان ٻن طرفن کان سلامي ڏيئي ٺاھيون وينديون آھن، جيئن برسات جو پاڻي ڇت جي مٿان بيھي نقصان نھ پھچائي. ھن قسم جي ڇت ٺاھڻ لاءِ 1 ½ انچ ڊايا ميٽر جي بانس جا ٽڪڙا ھڪ فوٽ جي پور وڇوٽيءَ جي مفاصلي تي رکي ۽ انھن جي خلاف گوني ڪنڊ تي ڇھن انچن جي پور وڇوٽيءَ جي مفاصلي تي چڱيءَ طرح لڪڙا ٻڌي جوڙ جڪ (Frame work) ڪئي ويندي آھي. انھيءَ بعد 6 انچن کان 12 انچن جي ٿولھھ تائين سر، ٽوئا يا ڇپريون، ٽن ٽن انچن جي تھن جي صورت ۾ چاڙھيون وينديون آھن. اڪثر طور تي پھريون تھھ بانس جي لڪڙن سان جوڙي جڪي تيار ڪري چاڙھيو ويندو آھي. ڇت جي رال (Pitch) 35 ڊگرين جي لڳ ڀڳ رکي ويندي آھي. ھن قسم جي ڇت اگر ھنرمندي ۽ ڪاريگري سان ٺاھي وڃي تھ سٺي نموني اڻ ٽمندڙ ۽ پاڻيءَ روڪ رھي ٿي. انھيءَ کان سواءِ ھن قسم جي ڇت ۾ باھھ لڳڻ جا امڪان تمام گھڻا رھن ٿا ۽ اڏوھي ۽ جيت لڳڻ جو خطرو پڻ رھي ٿو. جيڪڏھن انھن سڀني خطرن کان احتياط ڪيو وڃي تھ ھن قسم جي ڇت جو مدو 15 سالن کان وڌيڪ نھ ٿو رھي.

ائسبيسٽاس سيمينٽ جي ڇت[سنواريو]

(Asbestos cement corrugated sheet roofing) ھن قسم جي ڇت نھايت ئي عمده قسم جي ائسبيسٽاس ۽ سيمينٽ جي گڏيل مرڪب مان ٺھيل اھڙين چادرن سان ڍڪي ٺاھي ويندي آھي جن ۾ ڪنھن بھ قسم جو نقص جھڙوڪ ڦوٽ، ڏار، ڀڳل ڪنڊون ۽ پاسا وغيرھ نھ ھئڻ گھرجن. ھن قسم جي ڇت ۾ ڪٽ يا زنگ (Rust) لڳڻ جو خطرو نھ ٿو رھي. ھنن تي نھ اڏوھي لڳي ٿي سگھي ۽ نہ ئي وري انھن تي رنگ ڪرڻ جي ضرورت پوي ٿي، البتہ سردين ۾ انھن جي ھيٺان آلاڻ پيدا ٿي پوي ٿي. ھن قسم جي ڇتين ۾ باھ جو مقابلو ڪرڻ، ۽ موسمي اثرن کي ڪنھن حد تائين روڪڻ جي خاصيت رھي ٿي. ھنن ڇتين ۾ (7mm) 9/32 in. واري ٿولھھ جي چادرن استعمال ڪرڻ جي صورت ۾ ڪامن (Purlins) جي وچ ۾ وڌ ۾ وڌ 5 فوٽ 3 انچ (1.6m) جو فاصلو ۽ ¼ انچ (6 mm) جي ٿولھھ وارين چادرن جي حالت ۾ 4 فوٽ 6 انچ (1.4 m) ھئڻ گھرجي. چادرن جو لسو پاسو ھميشھ مٿان ۽ وڪڙن وارو پاسو ھيٺان ھئڻ گھرجي. انھيءَ کان سواءِ پاسي وارو چڙھاڪو (Side lap) گھٽ ۾ گھٽ اڌ وڪڙ جيترو، جيڪو عموما (4.5 cm) 13/4" جي برابر ھوندو آھي ۽ ڇيڙن وارو چڙھاڪو (End lap) گھٽ ۾ گھٽ (15 cm) 6" جي برابر ڏنو وڃي. جڏھن تھ پاسن وارا آزاد حصا گھٽ ۾ گھٽ (40 cm) 1'-4" اڌارن کان ٻاھر نڪتل ھئڻ گھرجن. چادرن کي قابو ڪرڻ لاءِ آڌار وارين پٽين وٽ چادرن جي وڪڙن جي چوٽين (Crowns) ۾ (8 mm) 3/16" جا ڊرل مشين رستي سوراخ ڪڍي قلعي دار j (Galvanised) ۽ L جي صورت وارا ڪنڍا (Hooks) استعمال ڪري ڏامر ۽ قلعي دار (Galvanised iron) وائيسر (Washer) ڏيئي انھن کي چادرن مٿان، نٽ پٺيان نٽ جي حساب سان جڪڙيو وڃي ۽ انھيءَ ڳالھھ جو خاص خيال ڪيو وڃي تھ سوراخ ڪڍڻ واسطي چادرن کي ڪنھن ٻيءَ شيءِ سان ھرگز ڀڳو ۽ چيريو نھ وڃي انھن نٽن کي پھريائين ڍرو ڇڏيو وڃي ۽ جڏھن ڪافي چادرون وڇائجي وڃن تھ پوءِ انھن کي سوڙھو ۽ قابو ڪيو وڃي. سوراخن جو قطر (Diameter) استعمال ٿيندڙ بولٽن جي قطر کان 1/16 انچ وڌيڪ ھئڻ گھرجي. نقصان کان بچاءُ واسطي چادرن کي مٿي چاڙھي وڇائڻ لاءِ تختا يا ڏاڪڻون استعمال ڪرڻ گھرجن. جيڪڏھن ڪنھن بھ چادر کي نقصان پھچي تھ انھيءَ کي اڇلائي خارج ڪرڻ گھرجي ۽ انھيءَ جي جاءِ تي ٻي چادر استعمال ڪجي. تمام گھڻي احتياط ڪندي بھ جيڪڏھن انھن چادرن ۾ ڪي نظر انداز ڪرڻ جوڳا ٽنگ ٿي پون تھ انھن کي ڏامر يا ٻئي ڪنھن اھڙي مرڪب سان بند ڪري سگھجي ٿو بشرطيڪ انھن مان پاڻي ٽمي نہ سگھي. ھن قسم جي ڇتين ۾ استعمال ٿيندڙ ائسبيسٽاس سيمينٽ جي چادرن جا ٽي قسم ٿيندا آھن جن جو ڪجھھ تفصيل ھيٺ ڏجي ٿو. (i) ايورائيٽ بگسڪس : (Everite Bigsix) ھن قسم جون چادرون 2.758 فوٽ (7 cm) ويڪريون 1.312 فوٽن کان 84.9 فوٽ (4.0 ميٽر کان 3 ميٽرن تائين) ڊگھيون ۽ ¼ انچ (6 mm) ٿلھيون ٿينديون آھن. انھن ۾ مجموعي طرح سان 5.7 وڪڙ ٿيندا آھن ۽ ھڪ کان ٻئي وڪڙ تائين اٽڪل 5 ¾ انچن جو مفاصلو ٿيندو آھي، جڏھن تھ وڪڙ جي چوٽيءَ ۽ تري يعني ھيٺ تائين اوچائي 13.2 انچ (5.4 cm) ٿيندي آھي. (ii) ايورائٽ اسٽئنڊرڊ : (Everite Standard) ھي چادرون ٻن قسمن جون ٿينديون آھن.، ھڪڙيون ننڍيون چادرون ۽ ٻيون وڏيون. ننڍيون چادرون 5.2 فوٽ (76 cm) ويڪريون 3 ½ فوٽن (1.07 mm) کان 12 ½ فوٽن (3.9 m) تائين ڊگھيون ۽ ¼ انچ (6 mm) ٿلھيون ٿينديون آھن. ھن ۾ وڪڙن جي اوچائي ھڪ انچ (2.54 cm) کان 1.13" (2.86 cm) تائين ۽ ٻن وڪڙن جي وچ ۾ درمياني مفاصلو 09.2 انچ (5.3 cm) ٿيندو آھي ۽ ھر چادر ۾ 5.10 وڪڙ (Corrugations) ٿيندا آھن. وڏيون چادرون 3 3/8 فوٽن کان 3 ½ فوٽن تائين (05.1 ميٽرن کان 1.10 ميٽرن تائين) ويڪريون، 3 3/8 فوٽن کان 10 فوٽن تائين ( 04.1 ميٽرن کان 05.3 ميٽرن تائين) ڊگھيون ۽ ¼ انچ (6 mm) ٿلھيون ٿينديون آھن. ور وڪڙن جي اوچائي 3/16" (اٽڪل 5 سينٽيميٽرن کان 5.4 سينٽيميٽرن تائين) ۽ ان وڪڙن جي وچ وارو مفاصلو 5 ¾ انچ (146 cm) ٿيندو آھي. (iii) ٽرنال ٽريفورڊ : (Turnal Trafford) ھي چادرون اٽڪل 3 5/8 فوٽ (13.1 ميٽر) ويڪريون، 4 فوٽن (1.22 ميٽر) کان 10 فوٽن (3.05 m) تائين ڊگھيون ھونديون آھن ۽ ھنن شيٽن ۾ ور وڪڙن جو تسلسل نھ ھوندو آھي، بلڪ ھر وڪڙ کان پوءِ ھموار سطح ھوندي آھي. ھر چادر ۾ اٽڪل چار وڪڙ ٿيندا آھن. ھن قسم جون چادرون وڏين عمارتن جھڙوڪ گودامن، سينيما گھرن ۽ ڪارخانن ۾ استعمال ٿينديون آھن.

لوھ جي جستي ۽ ناليدر چادرن جون ڇتيون[سنواريو]

(Galvanised Corrugated Iron Sheet Roofing)

ھن قسم جي ڇتين ۾ 16 گيج کان وٺي 24 گيج جون لوھھ جون جستي ۽ ناليدار چادرون استعمال ڪيون وينديون آھن. استعمال ڪرڻ کان اڳ ۾ انھن ڳالھين جو خاص خيال رکيو وڃي تھ ھن قسم جي ڇت ۾ ڪم ايندڙ شيٽون چڱيءَ طرح ۽ بلڪل پختيءَ طرح جستي ملمعي چڙھيل آھن. جيڪڏھن انھن پڙ ڇن ۾ ڪٽ، سفيد پائوڊر جھڙا ٽڪرا، گاٺ ۽ ڦوٽ نظر اچي تھ اھڙن پڙڇن (Sheets) کي ھرگز استعمال نھ ڪجي. ھيءُ پڙڇ ھميشھ ڪاٺ يا لوھھ جي گرڊرن ۽ ڪامن (Purlins) مٿان ڇھن انچن (15 cm) جو ڇيڙن وارو چڙھاڪو (End Overlap) ۽ ٻين وڪڙن (Corrugations) جو ھر سائيڊ کان سائيڊ وارو چڙھاڪو (Side lap) ڏيئي رکيا ويندا آھن. پڙڇن کي قابو رکڻ لاءِ ڪامن مٿان چاڙھڻ کان اڳ ۾ کين زمين تي رکي گھربل ھنڌن تي ڪنھن تکي اوزار سان ٽنگ ڪڍي، انھيءَ بعد مٿي چاڙھي کين بولٽن، اسڪرن، ڪلين ۽ ڪوڪن (Rivets) وغيره سان قابو ڪرڻ گھرجي ۽ اھي سوراخ ھنن چادرن ۾ ھيٺان کان مٿي پار ڪرڻ جي حساب سان ۽ ھميشھ وڪڙن جي چوٽيءَ وٽ ڪڍڻ گھرجن. انھن شيٽن کي ھميشھ ملمعي وارن نٽن، بولٽن، ڏامر جي وائيسرن (Washers) ۽ جستي ملمعي وارن وائيسرن وسيلي ڪامن (Purlins) سان مضبوط ڪري جڪڙيو وڃي. اھي ڪنڍا ۽ بولٽ 5/16 يا 8 ملي ميٽر جي قطر جا ۽ L يا J جي شبيھھ جا ٿيندا آھن. پيچن ھيٺان واشر مضبوطي حاصل ڪرڻ لاءِ لڳايا ويندا آھن. ھنن پڙڇن کي لڳائڻ وقت انھيءَ ڳالھھ جو خاص خيال ڪيو وڃي تھ پلون وٽ انھيءَ چادر جي گھٽ ۾ گھٽ ھڪ نالي (Corrugation) ٻيءَ ناليءَ جي مٿان چڙھيل ھجي ۽ ڊگھا پاسا 3 انچن کان 5 انچن تائين (يعني 7.5 سينٽيميٽرن کان 14 سينٽيميٽرن تائين) ھڪ ٻئي مٿان چڙھيل ھئڻ گھرجن. ھن قسم جي ڇت ۾ ڪم ايندڙ چادرون 2 فوٽ 3 انچن کان 4 فوٽ 4 انچن ( 65 cm کان 126 cm) تائين ويڪريون، 5 فوٽن کان 15 فوٽن (5.1 ميٽر کان 5.3 ميٽرن) تائين ڊگھيون 1/16 انچن کان ¼ انچ (1.66 mm کان 6.56 cm) تائين ٿلھيون اٺن (8) وڪڙن سان ۽ ھر ھڪ وڪڙ جي وچ کان ٻئي وڪڙ (pitch) جي وچ تائين 3 انچن (7.6 cm) جي مفاصلي واريون ٿينديون آھن. ھيءُ پڙڇ تور ۾ ھلڪا ۽ لڳائڻ (Fixing) ۾ سولا ٿين ٿا. البتھ موسمي اثرن کي روڪڻ لاءِ ٺيڪ نٿا ٿا رھن ۽ انھن منجھان گرمي توڙي سردي آسانيءَ سان لنگھي (To transmit) سگھي ٿي. بھرحال ھيءُ پڙڇ پائيدار ۽ باھ جو مقابلو ڪرڻ جي لائق آھي. ھن قسم جون ڇتيون 1:5 جي تناسب کان وڌيڪ سڌيون نھ رکڻ گھرجن ۽ عام طور 1:2 جي تناسب واريون ڇتيون بھتر رھن ٿيون. 1:2 ½ جي تناسب وارين نصب ڪيل (Pitched) ڇتين جي صورت ۾ ڇيڙي وارو چڙھاڪو (End overlap) 9 انچن (23 cm) کان گھٽ ھئڻ نھ گھرجي. ھن قسم جون ڇتيون ڇاپرن (Sheds) ۽ ڪارخانن وغيره لاءِ استعمال ڪيون وينديون آھن. ھن قسم جي ڇتين جو مٿاڇرو ھڪ ڪرو ھئڻ گھرجي ۽ انھن شيٽن جا ور وڪڙ (Corrugations) سڌا ۽ ھموار ھئڻ گھرجن.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: عمارت سازي ؛ ليکڪ: ضياءين انصاري؛ ايڊيشن:1990؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ،ڄامشورو