ڇاڻ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

ڇاڻ (عربي: نخالہ، فارسي: سبوس، هندستاني، وغيره: ڀوسا، چوگھ، سناف ۽ طرفا بارا) اٽي کي ڇاڻي جيڪي تـُـھ ڪڍبا آهن جن کي ڇاڻ چئبو آهي.

طب[سنواريو]

اثر: گرم خشڪ 1، نقصان: جگر کي، ميل: نشاستو، عيوض: جـَـوَن جو اٽو.

هن کي ڪوسو ڪري سوڄ ۽ سور وارين جاين تي ٽاڪور ڪبي آهي. هنن جي رٻ رڌي کارائجي ته سيني جي سور کي فائدو ڪندي ۽ ٻوري کي نرم ڪري ٻاهر ڪڍندي، اها رٻ کنگهه ۽ ڪچي بلغم کي پچائي ڪڍڻ لاءِ، وائي باديءَ وڃائڻ لاءِ مفيد آهي. هن کي لوڻ ۽ ترن جي تيل ۾ رڌي لپري ڪري سنڌن جي سور، پاسي جي سور تي ٽاڪور ڪجي ۽ لپري ٻڌجي ته فائدو ٿيندو.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: فرھنگ جعفري؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ ايڊيشن: ۲۰۰۷؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌ.

سانچو:Uncategorized