ڇاتين جو سرطان

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(ڇاتيءَ جو سرطان کان چوريل)
ارهن جو ڪينر
ارهن جي ڪينسر ۾ ٻنڊ ابت سبت ٿيڻ ۽ چمڙي جو سوڪهڙو.

ڇاتي يا ارهه جو سرطان، (Breast Cancer/ Carcinoma) عورتن ۾ ٿيندڙ هڪ مهلڪ مرض آهي. سڄيءَ دنيا ۾ هن بيماريءَ سبب فوت ٿيل عورتن جي شرح ٻين مرضن جي بنسبت وڌيڪ آهي. آڳاٽي زماني ۾ هيءَ بيماري اڪثر اهڙين عورتن کي ٿيندي هئي، جيڪي پنهنجي ماهواريءَ بند ٿيڻ واري عمر ۾ Menu pause کي پهچنديون هيون، پر هاڻي هيءَ بيماري ڪيترن سببن ڪري عورت کي عمر جي ڪنهن به حصي ۾ ٿي سگھي ٿي. ڪيتريون نوجوان ڇوڪريون جيڪي اڃا بالغ ٿينديون آهن ته اهي به هن موذي مرض ۾ وٺجي وينديون آهن. اڃا تائين هن بيماريءَ جو ڪو خاطر خواهه علاج نه لڌو ويو آهي ۽ نه ئي سرجريءَ سان هن مرض کي ختم ڪري سگهجي ٿو، ڇو ته متاثر ارهه جو اهو حصو يا سڄو ارهه ڪٽڻ جا تجربا به ڪيا ويا، پر بيماري ختم ٿيڻ بجاءِ بگڙيل صورت ۾ ٻيهر ٿي پوندي آهي. ڪپي ڪڍڻ (Mastiodectomy) کان پوءِ وري انهن ڦٽن ۾ روڳ وڌي ويندو آهي ۽ ڦٽن ۾ وِرُ ٿي پوندو آهي. پوءِ ان وِرُ مان پونءِ نڪرندي آهي ۽ پوءِ مرض ڇاتيءَ سان لاڳاپيل عضون ڏانهن پکڙجي ٿو، جيڪو ‘Mestastasis’ سڏجي ٿو. ان ۾ ٻئي ارهه، ڪَڇُن ۽ سيني وارين هڏين متاثر ٿيڻ جو خدشو رهندو آهي.

تاريخ[سنواريو]

هـن بيمـاريءَ جـي تـاريـخ تـمـام قـديـم آهـي. 2500 سال اڳ رومـي ۽ يوناني حڪيمن ڇاتيءَ جي ڪيترين بيمارين مان ڪينسر ۽ ڇاتيءَ ۾ طبعي تبديلين بابت ڄاڻ ڏني هئي. دنيا ۾ حڪيم بُقراط (Hippocrates) اهو پهريون يوناني حڪيم هو، جنهن ڇاتيءَ ۾ ٿيندڙ مهلڪ طبعي تبديلين (Physiological Changes) ۽ غير فطري روڳي واڌ بابت تفصيل سان بيان ڪيو آهي ۽ هن ان غير فطري واڌ کي (Skiros Karkinoma) يعنيBreast Carcinoma (Cancer) جو نالو ڏنو، جيڪو نالو اڄ تائين ميڊيڪل سائنس ۾ قائم آهي. اٽڪل 500 ق. م ڌاري ڪيترن رومي ۽ يوناني حڪيمن، ڇاتيءَ جي هن مهلڪ بيماريءَ تي گھڻن رخن کان وڌيڪ تجربا ڪيا. بيماريءَ کي يوناني حڪيمن سامونڊي کيکڙي (Sea-crabs) جي شڪل سان مشابهت ڏني، جنهنڪري هن بيماريءَ کي سرطان چيو ويندو آهي. هن بيماريءَ جو سبب اهو آهي ته جڏهن ڇاتيءَ جي صحتمند جيوگھرڙن جي فعل ۾ گھڻن سببن جي ڪري بگاڙ ٿئي ٿو ته ڇاتيءَ جي اوڄن ۾ پڻ نئين غير فطري واڌ ٿئي ٿي، جنهن کي اسين ڇاتيءَ جو ڪينسر چئون ٿا. بيماريءَ جا قسم (Types of Disease): ڇاتيءَ جي هن غير فطري واڌ کي بيماريءَ جي روڳي هجڻ يا نه هجڻ جي خاصيت کي ٻن وڏن قسمن ۾ ورهايو ويو آهي، ڇو ته هر هڪ واڌ ڪينسر ناهي هو ندي:

  • (1) بي ضرر (اڻ روڳي) واڌ Benign Growth (Tumor): بي ضرر (اڻ روڳي) واڌ کي گھڻن نالن سان سڏيو وڃي ٿو. جيئن گومڙ ۽ رسولي وغيره. هن قسم جي بي ضرر واڌ مقامي هوندي آهي. تنهنڪري ڇاتيءَ جي ٻين حصن ڏي ناهي وڌندي، پر هڪ هنڌ تي بيٺل هوندي آهي ۽ واڌ ويجھه به آهستي آهستي ڪندي آهي. پنهنجي خاصيت جي حساب سان اڻ روڳي هوندي آهي، پر علاج ضرور ڪرائڻ گھرجي.

ٻيو قسم بي ضرر واڌ آهي. ان واڌ جا به ڪيترا قسم ٿين ٿا. مثال: جيئن رت جي ڳوڙهي يا شريانين واري رسولي (گومڙ: Angioma)، تاندورن وارو گومڙ (Fibroma Tumor)، چرٻي وارو گومڙ (Lipoma/ Lypoma)، لڪل ڌاڳن وارين مشڪن جو گومڙ (Leiomyoma) ۽ هڏين جو گومڙ (Osteoma) وغيره اچي وڃن ٿا. بي ضرر قسم جا سڀئي گومڙ سدائين ڳنڍيندڙ اوڄن (Connective Tissues) سان ئي اُڀرن ٿا.

  • (2) مهلڪ سرطاني واڌ (Malignant Growth/ Tumor): ڇاتيءَ ۾ مهلڪ قسم جي غير فطري واڌ جي علامت سان ڇاتيءَ جي سرطان هئڻ جي واضح نشاني ليکبي آهي. اها واڌ ڇاتيءَ جي چرٻيءَ وارن جيو گھرڙن (Epithelium Cells) مان اڀرندي آهي. ڇاتيءَ جي هيءَ مهلڪ واڌ (گومڙ) جنهن کي نج ڇاتيءَ جو ڪينسر چئبو آهي، عورت جي حياتي لاءِ ڏاڍي مهلڪ آهي.

مهلڪ (سرطاني) واڌ جا قسم[سنواريو]

  • (1) سخت سرطاني واڌ (گومڙ) (Scrrihus Growth/ Tumor): هن قسم جو سرطاني (گومڙ) واڌ، سڀني قسمن جي گومڙن (واڌ) ۾ عام ٿئي ٿي. هن قسم جو گومڙ سخت ٿئي ٿو ۽ واڌ ويجھه ۾ گھڻو وقت وٺندو آهي. ڪن حالتن ۾ هن قسم جي گومڙ جي وڌڻ ۾سال به لڳي ويندا آهن. اهو ئي سبب آهي جو هن قسم جو گومڙ وڏي عمر ۾، خاص ڪري عورت جي حيض جي موقوف Menu pause Period)) کان پوءِ ظاهر ٿيندو آهي. هن قسم جي گومڙ ۾ سور به ٿيندو آهي، پر اهو هر وقت نه ٿيندو آهي. گومڙ (واڌ) واري کل ۾ ڇڪ ۽ سور ٿيندو آهي. تنهن کانسواءِ گھڻين مريضائن جا هن قسم جي سرطاني واڌ ۾ ڇاتيءَ سان گڏ بغل جا غدود به سڄي پوندا آهن.
  • (2) ميڄالي جي مِکُ جي شڪل جھڙي واڌ (Encephaliod Growth of Tumor): هن قسم جي سرطاني واڌ مٿين سرطاني واڌ وانگر سخت ڪانه ٿيندي آهي، پر ڪي قدر نرم ٿيندي آهي، جيئن جيئن سرطاني واڌ ۾ واڌارو ٿيندو آهي ته سرطان جي واڌ جي مٿاڇري وارين نسن (Superfical Veins) ۾ پڻ واڌ ٿيندي آهي، ان واڌ جو رنگ واڱڻائي هوندو آهي، جيڪا هن قسم جي واڌ جي ڀرپور علامت هوندي آهي ۽ چورڻ سان هيڏي هوڏي ڦرندي آهي. هيءَ واڌ اڳتي هلي جڏهن ڦاٽي پوندي آهي ته ان مان گھڻو ڪري ڪاري رنگ جو رت وهندو آهي. هن قسم جي گومڙ جي شڪل گل جھڙي ٿيندي آهي، تنهنڪري هن قسم جي سرطاني واڌ کي (Rose Cancer) به چوندا آهن. هن قسم جي گومڙ جو ڪاڇو ٻين سرطاني گومڙن جي مقابلي ۾ گھڻو وڏو هوندو آهي ۽ گومڙ جو وزن به گھڻو هوندو آهي، تنهنڪري مريضه پنهنجي سرطاني ڇاتيءَ ۾ واڌ سان گڏ ڳوراڻ به گھڻي محسوس ڪندي آهي. هن قسم جي ڪينسر جي واڌ تمام گھڻي تڪڙي ٿيندي آهي، جيڪا هڪ سال کان مٿي ڪانه ٿيندي آهي.
  • (3) ڳوڙهن (غدودن) جھڙي واڌ (Adenoid Growth/ Tumor): هن قسم جي سرطاني واڌ ۾ مريضه جي سرطاني ڇاتيءَ ۾ هر هنڌ ننڍڙين ننڍڙين سخت ڳوڙهين جا ڇڳا هوندا آهن. اهي سخت ڳوڙهيون رٻڙ جي بال وانگي محسوس ٿينديون آهن، جن ڳوڙهين کي هٿ سان گھمائڻ سان هيڏي هوڏي چوري پري (ڦري) سگھنديون آهن.
  • (4) گوشت (جي ٽڪري) جھڙي واڌ (Sarcoma Growth Tumor): هن قسم جي سرطاني واڌ تمام گھڻي خطرناڪ هوندي آهي. هن قسم جي واڌ جي پاڙ گھڻو ڪري سرطاني مرض ۾ وچڙيل ڇاتيءَ جي هيٺان هڏن تائين هوندي آهي. هن قسم جي سرطان تمام گھڻو تڪڙو واڌ ويجهه ڪندو آهي. سرجريءَ کان پوءِ نئين حملي ۾ هي پنهنجي اصلي جاءِ مٽائي ڪنهن ٻئي عضوي يا ٻئي اُرهه ڏي وڌندو يا پکڙبو (Metastasis) آهي، پر جيڪڏهن ساڳي هنڌ تي وري ٿي پيو ته به اهو تمام تڪڙو واڌ ويجھه ڪندو آهي. تمام گھڻو مهلڪ ۽ خطرناڪ بڻجي ويندو آهي.

آپريشن کان پوءِ جيڪڏهن هن قسم جي سرطان جي واڌ ساڳئي هنڌ ٿي پئي ته ڪن حالتن ۾ اها ايتري ته وڏي هوندي آهي، جو اها ٽن ڇاتين جيڏي ٿي پوندي آهي، تنهنڪري ٻيهر بيماري هيٺ آيل ڇاتيءَ وارو حصو وڏو ڏسڻ ۾ ايندو آهي ۽ ڀوائتو لڳندو آهي.

ڇاتيءَ جي ڪينسر ٿيڻ جا سبب[سنواريو]

  • (1) ٿڃ نه ڌارائڻ: ڇاتيءَ جي ڪينسر ٿيڻ جو وڏي ۾ وڏو ۽ بنيادي سبب ماءُ جو ٻار کي ٿڇ نه ڌارائڻ آهي. ٿڃ ڌارائڻ ڪري ماءُ جي لاءِ ڇاتيءَ جي ڪينسر کان بچڻ لاءِ وڏي ڍال آهي. جيڪي مائرون پنهنجي اولاد کي ٿڃ نٿيون ڌارائن، انهن ۾ ڪينسر ٿيڻ جو خدشو وڌيڪ هوندو آهي.
  • (2) دير سان شادي ٿيڻ (Late Marriage): اڄڪلهه سماجي مجبورين ۽ ڪن سببن جي ڪري ڇوڪرين جي شادي دير سان ٿئي ٿي، جنهنڪري ڪنوارين ڇوڪرين کي پڻ گهڻي ڀاڱي ارهه جو ڪينسر ٿئي ٿو.

ڇوڪرين جي مناسب وقت تي شادي ڪرائڻ سان ارهه جي ڪينسر ٿيڻ جو خطرو بلڪل گھٽ ٿئي ٿو. ان کانسواءِ جلدي شادي ڪرڻ کانپوءِ عورت جو جلدي حاملا ٿيڻ پڻ ارهه جي ڪينسر کان بچاءُ جو وڏو ذريعو آهي.

  • (3) ڄم روڪ دوائون (Birth Control Medicines): جيڪي عورتون گھڻي عرصي تائين ڄم روڪ جون دوائون استعمال ڪن ٿيون، جن دوائن/ انجيڪشن جي ٺاهڻ ۾ هٿرادو اسٽروجن (Estrogen) ۽ پروجيسٽرون (Progestrone)، هارمون (Harmones) ڪتب آندا ويندا آهن. اهي ٻئي هٿرادو هارمون عورتن ۾ ڪيتريون زنانيون بيماريون ڪري وجھندا آهن، جنهن ۾ ماهواريءَ جو بي ترتيب اچڻ، يا گھڻو اچڻ، ٻيجڻين ۽ ڳڀيرڻ جي فعل ۾ بگاڙ پيدا ڪرڻ، جنهن جي نتيجي ۾ ٻيجڻين ۽ ڳڀيرڻ ۾ رسولين کان وٺي ڪينسر جو ٿي پوڻ. ٻيجڻين ۾ هٿرادو هنن ٻنهي هارمونن جي گھڻي مقدار ۾ پهچڻ ڪري انهيءَ جو سڌو اثر ارهه جي غدودن تي بگاڙ جي صورت ۾ ٿئي ٿو، جنهن ڪري ڇاتيءَ جي غدودن ۾ غير فطري واڌ ٿئي ٿي، جنهن کانپوءِ سخت گومڙ ٺهن ٿا، جيڪي مهلڪ هجڻ ڪري ڇاتيءَ جي ڪينسر جي صورت ۾ ظاهر ٿين ٿا.
  • 5. خـانـدانـي مـنصــوبـابـنـدي (Family Planning): اڪـثـر عـورتون خـانداني منصوبابنديءَ سبب پنهنجو آپريشن ڪرائي، ٻار ڪڍرائي ڇڏينديون آهن، جنهن ڪري عورت جو سڄو جنمي نظام درهم برهم ٿي وڃي ٿو ۽ عورت جو وقت کان اڳ ۾ سنڍ Barren (Sterile) ٿيڻ ڪيترين جسماني توڙي ذهني بيمارين کي جنم ڏئي ٿو، جن ۾ ڇاتيءَ جو ڪينسر، زنانيون بيماريون، ٿولهه ۽ ذهني پريشاني (ڊپريشن) وغيره اچي وڃن ٿا.

ڪڏهن ڪڏهن ٻيجڻي ۽ ڳڀيرڻ جي گھڻين مهلڪ بيمارين، خاص ڪري ٻيجڻي (Ovary) ۽ ڳڀيرڻ جي ڪينسر جي صورت ۾ ٻيجڻي ۽ ڳڀيرڻ کي آپريشن ڪري ڪڍيو ويندو آهي ته ڪينسر جي صورت ۾ آپريشن دوران يا آپريشن کانپوءِ ڪينسر جا جيوڙا رت جي ناڙين وسيلي رت جي وهڪري ذريعي ٻيجڻين يا ڳڀيرڻ کان پکڙجي Metastasis بيمار عورت جي ڇاتي تائين پهچي کيس ڇاتيءَ جو ڪينسر ڪري وجھندا آهن. ڇاتين جي سرطان جي ٻين سببن مان ڪجهه هي آهن: کاڌي ۾ پوٽيشم جي گهٽتائي، پوٽيشم عام طؤر ڳڙ ۾ گهڻو ٿئي ٿو، جيڪڏهن ذيباطيس نه هجي ته ڪڏهن ڪڏهن ٿوري مقدار ۾ ڳڙ جو شربت پيئڻ سان پوٽيشم حاصل ٿئي ٿي. ان کان سواءِ دٻن ۾ پيڪ ٿيل کاڌن/ فاسٽ فوڊ وغيره يا سوڊا جهڙا ڪيميڪل گهڻو واپرائڻ به بيماريءَ جو ڪارڻ ٿين ٿا، جڏهن ته فارمي مرغيءَ جي هڏين کي ڪُرٽي کائڻ کان به پرهيز ڪجي، ڇو ته مرغين جي خوراڪ ۾ زهريلا ڪيميڪل به استعمال ٿيندا آهن، جڏهن ته گهڻي مقدار ۾ ڪافي يا چانهه جو استعمال، گهڻي تماڪ نوشي، سدائين ڳڻتين ۾ رهڻ ۽ وڏي گوشت جي گهڻي استعمال سان به ڇاتين جي سرطان جو خدشو وڌي سگهي ٿو.

بيماريءَ جي تشخيص ۽ علامتون[سنواريو]

هن بيماريءَ جي سڃاڻپ لاءِ ان کي ٻن حصن ۾ ورهائجي ٿو: (1) بيماريءَ جون ظاهري علامتون، (2) الٽرا سائونڊ ۽ ليبارٽري ٽيسٽون وغيره.

  • (1) بـيـمـاريءَ جـون ظـاهـري عـلامـتـون (Clinical Symptoms): ڇـاتيءَ جي چـڪاس ڪرڻ وقت ڇاتيءَ جي واڌ کي پنهنجي چئن آڱرين ۽ آڱـوٺي جي وچ ۾ نـرمـيءَ سـان ائيـن جھـلـڻ گھـرجي، جيئن زمين تان ڪريل بال کي کنيو ويندو آهي، پوءِ پنهنجي هٿ جي آڱرين ۽ آڱوٺي جي چوٽين کي اکيون سمجھي واڌ جي چؤ طرف ڦيرائجي ۽ اندازو لڳـائـجـي تـه اهـا واڌ ڪيئن مـحسوس ٿئي ٿي، ڇا ان ۾ ننڍڙين ڳوڙهين جو ڇڳو آهي؟ سخت ڳوڙهيون آهن يا نرم، جيئن ڳوهيل اٽو هجي، جي سخت ڳوڙهيون آهن ته هڪ هـنـڌ بيـٺـو هـوندو يا آڱرين سان ڦيرڻ تي هيڏي هوڏي ڦري ٿو. نرم ڳوڙهين، نرم گومڙ ۽ اٽي جھڙي ڳوهيل واڌ کي هروڀرو ڪينسر نه سمجھجھي.
  • (2) ٻنڊيون (Nipples): ڇاتيءَ جي ڪينسر جي مريضه جي بيماريءَ ۾ ورتل ڇاتيءَ جي ٻنڊي پوئتي ڇاتيءَ ۾ اندر هلي ويندي آهي ۽ ايئن محسوس ٿيندو آهي ته ڄڻ مريضه کي ٻنڊي آهي ئي ڪانه. هيءَ علامت ڇاتيءَ جي ڪينسر جي يقيني علامت آهي. انهيءَ هڪ ئي علامت کي ڇاتيءَ جو ڪينسر ڄاڻائي ڪينسر جو علاج ڪرائڻ گھرجي. ٻنڊيءَ مان رت، گند، پونءِ، ڪنو پاڻيءَ ۽ ساهه ۾ تنگي به تڏهن ٿيندي آهي، جڏهن بيماريءَ هيٺ آيل ڇاتيءَ جو مرض ڪينسر جو اثر وڌي ڦهلاءُ ڪري Metastasis سيني جي تاڪي (ڪوڙي) يا سيني جي هڏن تائين پهچندو آهي. هن قسم جي واڌ کي ڪينسر (Sarcoma Growth) چئبو آهي.
  • (3) سور (Pain): شروع ۾ ڪيترين مريضائن کي ڇاتيءَ جي ڪينسر هجڻ باوجود ايترو گهڻو سور محسوس نه ٿيندو آهي، پر جيئن جيئن بيماري وڌندي ويندي آهي ته سور به وڌندو آهي، اهو ڏينهون ڏينهن وڌندو ويندو آهي. مريضه کي ڪينسر دوران بيماريءَ ۾ ورتل ڇاتيءَ (يا ڇاتين) ۾ ائين سور ٿيندو آهي، ڄڻ گوشت ۾ ڪنهن سئي ٽنبي هجي.
  • (4) نبض (Pulse): هر ڪنهن قسم جي ڪينسر جي مريض جي نبض ڪمزور ڌڪ هڻندي آهي، آڱرين کي سنهي محسوس ٿيندي آهي، پر تڪڙو هلندي آهي، جڏهن ته صحتمند ماڻهو جي نبض ڀرپور ڌڪ هڻندي آهي، آڱرين کي مضبوط لڳندي آهي ۽ هڪ ڪري سانت ۾ هلندي آهي.
  • (5) ڄڀ (Tongue): عام طرح سان صحتمند ماڻهوءَ جي زبان جو رنگ گلابي هوندو آهي ۽ زبان آلي هوندي آهي، پر ڪينسر جي مريض جي زبان مرض جي پهرئين درجي ۾ اڳيان وارو اڌ حصو ڦڪو هوندو آهي ۽ پويون اڌ حصو ميرانجھڙو اڇو هوندو آهي. جڏهن مرض اڳتي وڌي ٻئي درجي کي پهچندو آهي ته زبان جو رنگ چهچ ڳاڙهو ٿي ويندو آهي، پر هيءَ بيماري جڏهن گھڻي مهلڪ ٿي آخري درجي ۾ پهچندي آهي ته ان وقت زبان جو رنگ ڍڳي جي رنگ جھڙو ڳاڙهو ٿي ويندو آهي.

ائين زبان جو چهچ ڳاڙهو ٿي وڃڻ جو مطلب اهو آهي ته مريض جي رت جو نظام درست ناهي ۽ رت ۾ آڪسيجن جي آميزش (ملاوٽ، گھٽ ٿي وئي آهي. جڏهن ته زبان جو رنگ ڳائي گوشت جي رنگ جھڙو هجڻ جو مطلب اهو آهي ته ڪينسر جي بيماريءَ سان گڏ مريض جو هاڻي ٻين عضون (خاص ڪري بڪين) جو فعل به ناڪاره ٿيندو ٿو وڃي ۽ ڪينسر جو مرض ٻين عضون ڏانهن وڌندو (پکڙبو: Metastasis) پيو وڃي، جيڪا بيماريءَ جي مهلڪ صورت هوندي آهي، ان صورت ۾ ڪنهن سُٺي ڊاڪٽر کان تپاس ڪرائي وڃي.

  • (6) اکيون (Eyes): عام طرح سان صحتمند ماڻهو جي اکين جي دوڏن جو رنگ اڇو هوندو آهي، پر ڪينسر جي مريض جي اکين جي رنگ (دوڏن جو رنگ) جي اڇاڻ جي مٿان سائي ڦڪي رنگ جا دٻڪ هوندا آهن، جنهن جو مطلب اهو آهي ته رت ۾ زهريلو مادو ۽ البيومين شامل ٿي ويو آهي، تنهنڪري مريض جي جسم جو رت زهريلو ٿي ويو آهي.

ڊاڪٽر بيماريءَ جي تشخيص لاءِ مختلف ليبارٽري ٽيسٽون ۽ ڇاتين جي الٽراسائونڊ ذريعي پتو لڳائين ٿا.

سرطان جا ڏاڪا[سنواريو]

ڇاتين جي سرطان جا مختلف ڏاڪا ٿين ٿا، جن کي ڊاڪٽر هيٺين شڪلين جي صورت ۾ ورهائيندا آهن.

احتياط وارا اپاءَ[سنواريو]

ڪينسر جي مريضه کي هر صورت ۾ رڌ پچاءُ نه ڪرڻ ڏجي، ڇو ته باهه جي تاءَ سبب مرض اڃا به وڌي ويندو آهي. ائين علاج ڪرائڻ کانپوءِ جڏهن مريضه صحتمند ٿئي ته به کيس هڪ سال تائين باهه جي ويجھو نه وڃڻ گھرجي، نه ته مرض وري ٻيهر اٿلي سگھي ٿو. باهه جي لهس تي هي مرض وڌندو ۽ وري ٻيهر موٽندو به آهي. ڪينسر جي مريضه کي اس کان به بچائڻ گھرجي نه ته ٻيءَ صروت ۾ هيءُ مرض تڪڙو وڌي ويندو آهي. صحتياب ٿيڻ کانپوءِ به هڪ سال تائين هر حال ۾ اُس تي گھٽ نڪرجي، خاص ڪري اونهاري واري موسم جي اُس ۾ گھٽ نڪرڻ گھرجي. ڪينسر جي مريضه کي گرم پاڻيءَ سان وهنجڻ نه گھرجي. سياري ۾ به نهن سوسڙي پاڻيءَ سان وهنجڻ گھرجي. مرض ڇڏي وڃڻ کانپوءِ به هڪ سال تائين احتياط ڪرڻ گھرجي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: انسائڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد چوٿون، ڇپيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي (ISBN: 978-969-9098-80-2) سال: 2012