چڪو ڏڌ
ڏيک
چڪو ڏڌ:
نالا: ع. اقط، ف. ڪشڪ، هه. وغيره___ پنير، قروط ۽ باديه حصات.
طب
[سنواريو]اثر: سرد خشڪ 2، نقصان: بلغم ۽ سودا،ميل: جوارش ڪموني ۽ گلقند، عيوض: ___-، وزن: ڇهن ماسن کان ٻن تولن تائين. سڃاڻپ: ڏڌ کي ڪاڙهي، ان مان پاڻي ڪڍي چڪيون ٻڌي رکندا آهن. اهو رواج پاڪستان جي ٿر واري ۽ جابلو ڀاڱي ۾ خراسان طرف عام آهي. خاصيت: جيئن ته قابض ۽ دير هضم آهي، ان ڪري ان کي گيهه ۾ بريان ڪري کارائجي ته صفراوي دستن ۽ اتيسار کي فائدو ڪندو. ان کي ساڙي، تيل ۾ ملائي وار چري، ٻڦي ۽ مٿي جي پتن ۽ گنج تي لائبو ته اهي ڇڏي ويندا، هن جو مرهم بواسير جي رت اچڻ ۾ مفيد آهي..[1]
حوالا
[سنواريو]- ↑ ڪتاب فرھنگ جعفري :؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ايڊيشن: 2007؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو