چڪون
|
||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||
چڪون (Manilkara zapota) جنھن جو انگريزي نالو Sapodilla آھي[2] هڪ سدابهار وڻ آهي جنهن جو اصل وطن ڏکڻ ميڪسيڪو ۽ وچ آمريڪا آهي. هي وڻ وڏي مقدار ۾ ميڪسيڪو، هندستان، پاڪستان، ٿائيلينڊ، ملائيشيا ۽ ڪيريبين ٻيٽن ۾ پوکيو ويندو آهي.
عام نالا
[سنواريو]چڪون جا اڪثر عام نالا جهڙوڪ "sapodilla"، "chiku" ۽ "chicozapote" اسپيني ٻوليءَ مان نڪتل آهن جنهن جي معنيٰ آهي "ننڍو سپوٽي".[3]:515
وضاحت
[سنواريو]
چڪون جو وڻ 100 سالن تائين زنده رهي سگهي ٿو. هي وڻ 30 ميٽرن کان وڌيڪ اوچائي تائين وڌي سگهي ٿو، پر عام طور تي پوکيل وڻن جي اوچائي 9 کان 15 ميٽرن جي وچ ۾ هوندي آهي. ان جي کل (Bark) مان هڪ اڇو، چٽيندڙ مادو نڪرندو آهي جنهن کي چيڪل (Chicle) چيو ويندو آهي، جيڪو چيئنگ گم بنائڻ ۾ ڪم ايندو آهي.
چڪون جو وڻ گرم ۽ ٽراپيڪل ماحول ۾ ئي زنده رهي سگهي ٿو. ٻج مان پوکڻ کانپوءِ هن وڻ کي ڦل ڏيڻ ۾ پنجن کان اٺن سالن جو وقت لڳندو آهي.
ڦل (ميوو)
[سنواريو]چڪون جو ميوو هڪ وڏي ٻير وانگر هوندو آهي، جنهن جو قطر 4 کان 8 سينٽي ميٽر هوندو آهي. ڪچو ميوو سخت هوندو آهي ۽ ان مان چيڪل نڪرندو آهي، جڏهن ته پڪل ميوو نرم هوندو آهي. ميوي جي اندر جو گودو هلڪو پيلو يا ناسي رنگ جو هوندو آهي ۽ ان جي بناوت ناسپاتي (Pear) جهڙي داڻيدار هوندي آهي. هر ميوي ۾ هڪ کان ڇهه سخت، چمڪندڙ ۽ ڪارا ٻج هوندا آهن.
پڪل چڪون جو ذائقو تمام مٺو هوندو آهي. ڪچو ميوو کائڻ سان وات خشڪ ٿي ويندو آهي ڇو ته ان ۾ ساپونين (Saponin) جي وڏي مقدار هوندي آهي.
حياتياتي اڀياس
[سنواريو]تحقيق مان معلوم ٿيو آهي ته چڪون جي پنن مان نڪتل مادا ذيابطيس (Diabetes) کي گهٽائڻ، اينٽي آڪسيڊنٽ طور ڪم ڪرڻ ۽ ڪوليسٽرول کي گهٽائڻ ۾ مددگار ثابت ٿين ٿا.[4]
استعمال
[سنواريو]چڪون جو ميوو کائڻ ۾ تمام لذيڏ هوندو آهي. ان کان علاوه ان جي وڻ مان حاصل ٿيندڙ چيڪل مان چيئنگ گم تيار ڪئي ويندي آهي.
طب
[سنواريو]چڪون (ٻيا نالا: هندستاني: چيڪوڦل، اردو - چيڪودانہ) ھڪ ميوو آهي، شڪل ۾ گول ۽ رنگ ۾ ڀورو ميرانجهڙو، آڙوءَ جيڏو ٿئي ٿو. سندس ڳر چاشنيدار لذيذ ۽ ٻرٻر نموني ٿئي ٿي، ٻج ڪارا ۽ گدري جي شڪل جا پڪا ڪندو آهي.
مزاج: معتدل ٿئي ٿو، سندس ٻڄ ڪوڙا ۽ بي مزي ٿين ٿا.
خاصيت: هيءُ معدي کي نرم ڪندڙ، اُڃ ۽ خشڪي هٽائيندڙ آهي. بدن کي ٿلهو ڪري ٿو ۽ هاضمو وڌائيندڙ آهي. هن ۾ حياتين Vitamins) ڪافي مقدار ٿئي ٿي.[5]
پڻ ڏسو
[سنواريو]حوالا
[سنواريو]| وڪيميڊيا ڪامنز ۾ چڪون سان لاڳاپيل ابلاغي مواد ڏسو. |

- ↑ Martínez Salas, E.; Samain, M.; Oldfield, S. (2021). "Manilkara zapota". IUCN Red List of Threatened Species 2021.
- ↑ NRCS. "Manilkara zapota ٻوٽن جي ڊيٽابيس MAZA". PLANTS Database. آمريڪا جي زراعت جو کاتو (USDA). Retrieved 23 June 2022.
{{cite web}}: line feed character in|title=at position 24 (help) - ↑ Small, Ernest (2011). Top 100 Exotic Food Plants. Boca Raton, Louisiana, USA: CRC Press. pp. 515–524. ISBN 978-1-4398-5688-8.
- ↑ "Chemical and biological study of Manilkara zapota (L.) Van Royen leaves (Sapotaceae) cultivated in Egypt.". Pharmacognosy Research 4 (2): 85–91. 2012. doi:. PMID 22518080.
- ↑ ڪتاب: فرھنگ جعفري؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ ايڊيشن: 2007ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌي.
ٻاهريان ڳنڍڻا
[سنواريو]- مضمون with short description
- Short description is different from Wikidata
- Cite iucn maint
- سانچا
- آئي يو سي اين خطري کان دور جنسن جي ڳاڙهي فهرست
- Automatic taxobox cleanup
- Articles with 'species' microformats
- Taxoboxes with no color
- CS1 errors: invisible characters
- چڪون
- ميڪسيڪو جا ٻوٽا
- پاڪستان جا ميوا
- ٽراپيڪل ميوا
- سدابهار وڻ