چڪوترو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

چڪوترو نارنگيءَ جو قسم آهي ۽ ليمي جي ذات مان چئبو. هي تمام کٽو ٿو ٿئي. هن کي سنڌيءَ ۾ ترنج چوندا آھن . هن جي اندرين ڳر نارنگيءَ وانگي ٿئي ٿي ۽ ٻاهرين کل به گهُنجن واري ٿئي ٿي، مگر هي قد جا وڏا ٿين ٿا. ڪي ڪي ته شتر مرغ جي آني جيڏا ۽ ڪي هڪ فوٽ ڊگها ٿيندا آهن.هي گهڻو ڪري چهنبيارا ٿيندا آهن. هي مربي ۽ آچار جي ڪم ۾ ايندا آهن. هن جو هڪڙو قسم ته ماڻهوءَ جي هٿ جي چنبي جهڙو ٿيندو آهي، جنهن جون آڱريون ڪرونڊڙيون هجن. اهو اُتر الهندي وارن پرڳڻن ۾ گهڻو ٿئي ٿو. هن جي کل سُرهي ٿئي ٿي.[1]

طب[سنواريو]

نالا: بنگالي - نار نگاليبو، سنسڪرت - مڌو ڪرڪني، انگريزي- سٽرون (Citron). سڃاڻپ: ليمي جي ذات مان ميوو آهي، جنهن جي تور پاءُ کان اڌ سير تائين ٿئي ٿي. هن جو وڻ نارنگي جهڙو مگر ان کان گهڻو وڏو ٿيندو آهي. رنگ ۾ سندس کل پهريان سائي ۽ پوءِ هيڊي ٿئي ٿي، ذائقي ۾ چاشنيدار ۽ مٺو هوندو آهي. مزاج: سرد تر 2 درجي ۾. خاصيت: هيءُ مفرح ۽ مقوي آهي. صفرا جو زور گهٽائي ٿو. وڌيل پياس ۽ تپ ۾ تسڪين ڏئي ٿو. معدي جي طاقت، هاضمي ۽ بک لاءِ مفيد آهي. نڙي جي خشڪي ۽ کنگهه لاءِ فائديمند آهي. هن جون ٻيون خاصيتون نارنگي جهڙيون ٿين ٿيون.[2]،

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو
  2. ڪتاب فرھنگ جعفري :؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ايڊيشن: 2007؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو