چچي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

چــچـي (عربي: مردون، فارسي: ڪرفش، هندستاني، وغيره: بامني، مال مالي، زمچي ۽ باهمين) سانڊي جي شڪل تي چئن پيرن تي سرندڙ، ٿوري ڊگهي پچ سان هڪ ننڍڙو جانور آهي. هيءَ زهردار آهي.

طب[سنواريو]

اثر: گرم خشڪ 3، نقصان: زهر آهي، ميل ۽ عيوض:______، وزن: قدر موافق.

هن جي دل ڪاري ڪپڙي ۾ ٻڌي ڳچيءَ ۾ ٻڌئڻ سان ٻيئڙ ۽ ٽيئڙ تپ کي خاص طرح فائدو ڪندي، هن جو رت اک جي ڦلي، کاڌ، خارش ۽ نظر جي واڌاري لاءِ ڪم اچي ٿو. هن جي وِٺ بابونا جي تيل ۾ ملائي چٽي، ڪوڙهه ۽ ڇانئين جي داغن تي مکجي ته فائدو ٿيندو. هن جو ليپ نبضن جي طاقت ۽ لذت جي لاءِ مجرب ۽ مفيد آهي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: فرھنگ جعفري؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ ايڊيشن: 2007ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌ.