مواد ڏانھن هلو

چڀڙ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

چِڀَڙ:(انگريزي: Chibhar ) چڀڙن جون وليون ٻنين ۾ توڙي جهنگ ۾ جام اُڀرينديون آهن. ٿري هنن کي ”کَڙَ چِڀڙيا“ به چون. ڪچا هوندا آهن، تڏهين کارا ٿيندا آهن، پچڻ بعد هنن کي ”کَڙَچِڀڙيا“ به چون. ڪچا هوندا آهن، تڏهين کارا ٿيندا آهن، پچڻ بعد مٺا ٿيو پون. ”ڏياريءَ جو ڏيِو ڏٺو، ننڍو وڏو چڀڙ مٺو!“ چوندا آهن ته ڏياريءَ بعد چڀڙ مٺا ٿيو وڃن، ان بعد ڀاڄيءَ جي ڪم اچن. انهن جو ذائقو ڪجهه کٽيرو آهي، تنهنڪري هنداڻن، گدرين، ڪوٽينٻَڙَن، گوار جي ڦرين ۽ ميهن وغيره جي ڀاڄيءَ ۾ ٿورا چڀڙ وجهبا آهن ته انبچور ۽ ڏاڙهو يا گدامڙيءَ جو ڪم ڏيندا آهن، جنهن ڪري اهي ڀاڄيون لذيذ ٿينديون آهن. ٻار شوق سان کائيندا آهن. ٻنين ۽ جهنگ ۾ ايترا ته ٿيندا آهن، جو ماڻهو چونڊي مڻن جا مڻ آڻي، پاڻ به ڪتب آڻين ۽ وڪرو ڪري پئسا به ڪمائيندا آهن. چڀڙ جلد خراب نه ٿيندا آهن، تنهنڪري ڪافي مهينا رکيا پيا هوندا آهن. جهنگ مان ته مارچ ۽ اپريل تائين پيا هٿ ايندا آهن. ٻڪريون شوق سان کائينديون آهن ۽ جام کير ڪنديون آهن.[1]. چڀڙن کي اَڏا ٻوٽي سڪائيندا آهن، جن کي ”ڪوڪلا“ چون، جن جي سڄو سال ڀاڄي رڌي کائيندا آهن. چڀڙ اُڀا ٻوٽي سنهو لوڻ ڪُٽي مٿان ٻُرڪي سڪائيندا آهن، جن کي ”ڪَچِريون“ چون. اهي گيهه ۾ تري چانورن سان کائبيون آهن. هندو ماڻهو خاص ڪري ڪچريون جام کائيندا آهن. ٿر جا ماڻهو ”ڪچريون“ تيار ڪري مڻن جي تعداد ۾ ٻاهر وڪري لاءِ موڪليندا آهن ۽ ان مان پنهنجو گذران ڪندا آهن. چڀڙن جون مٿيون کلون لاهي، ڌاڳي ۾ مالها وانگي پوئي ڇانو ۾ سڪائي رکي ڇڏبا آهن، جن جي پوءِ سڄو سال چٽڻي ڪبي آهي. ٻه ٽي چڀڙ ڪٽي لوڻ، مرچ، جيرو ڏاڙهون، کٽي جهڻ ۽ گيهه ذرو وجهي باهه تي ٿورو سيڪ ڏبو ته چٽڻي تيار ٿي پوندي، جا کائڻ ۾ ڏاڍي لذيذ ٿيندي آهي ۽ ڀاڄي جي عيوض مانيءَ سان کائبي آهي[1].


حوالا

[سنواريو]

حوالا

[سنواريو]
  1. 1.0 1.1 ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ ريگستان (ڀاڱو ٻيون) -مصنف؛ رائچند هريجن -ايڊيشن؛ ٽيون- سال؛ 2005ع -ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو