چٻ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

چـِـٻَ:

نالا: ع. چغد، ف. بوم، هه. وغيره___ اُلو، برق، سارو، قوس ۽ صنوع.

طب[سنواريو]

اثر: گرم خشڪ 2، نقصان: گرم مزاجن کي، ميل: ڌاڻا، عيوض: ___-، وزن: ٻه تولا. سڃاڻپ: ڪڪڙ کان وڏو چٽڪمرو پکي آهي، جيڪو اڪثر ويران پٽن ۽ جهنگلن ۾ رهندو آهي. خاصيت: هن جو گوشت لقوي، فالـج، ۽ جلندر لاءِ مفيد آهي. هن جي گوشت ۾ بدبوءِ ٿيندي آهي، تنهنڪري کائڻ کان پوءِ دل ۾ موڳائي پيدا ٿيندي آهي. هن جي وِٺ ۽ پتو ماکيءَ ۾ گڏي کارائجي ته پيشاب جي گهڻائي ۽ بستري تي پيشاب جي عادت بند ٿي ويندي. اک جي ڦلي، ڌنڌ، شبڪوري ۽ خارش لاءِ مفيد آهي.[1]،

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب فرھنگ جعفري :؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ايڊيشن: 2007؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو